گل حيات اداري ۾ موجود نياز وگھيو جو سال 2013 ۾ ڇپيل ڪتاب ” ڳوٺ عبدالرحيم جو کوھ “ علمي ادبي ۽ ثقافتي حيثيت .سنڌ ڌرتي جنهن جي آغوش ۾ سرسبز ميدان،درياھ،آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ جبل،ٿر جا دل کي سڪون ڏيندڙ منظر،روشنين وارا وڏاشھر ۽ پيار ۽ محبت سان مالامال ڳوٺ شامل آھن.اھي ڳوٺ جتي رات جي وقت اوطاقن ۾ باھ جي مچ تي ڳوٺ جا سٻاجھڙا جهونا ۽ ارڏا نوجوان ويھي چانھ جا گرم گرم ڍڪ ڀري ڪچھريون ڪندا ھئا.جتي کيتي ٻاڙي،مال متاع،غمي خوشي ۽ ملڪي حالتن تي ويھي پنهنجا پنهنجا ويچار ونڊيندا ھئا.پر اڄ اھي ڳوٺ ۽ ڪچھريون ڪرڻ واريون  اوطاقون ويران ٿي ويون آھن.نياز وگھيو جيڪو بنيادي طور ھڪ محنت ڪش ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ انسان آھي.ھن ڪتاب ۾ پاڻ پنهنجي ڳوٺ جي علمي،سماجي،ادبي،ھنري ۽ ثقافتي حيثيت کي اجاگر ڪيو آھي.ڳوٺ عبدالرحيم جو کوھ پنهنجي خوشبودار مٽي مان محبتي ماڻھون،عالم.استاد،عالم ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا انسان پيدا ڪيا آھن.ھن ڪتاب ۾ ليکڪ انهن جو سٺي انداز ۾ تعارف ڪرايو آھي.

( ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes