گل حيات ۾ موجود ڪتاب “ ڪرشن چندر جون ڪھاڻيون“ جنهن جو سھيڙيندڙ زيب سنڌي آھي.(2013) ڪرشن چندر سنڌ جي پڙھندڙن جي دلين ۾ پنهنجا نشان ڇڏيا آھن.ھن لکڻ جي شروعات 1935 کان ڪئي.سندس پھريون مجموعو “ طلسم خيال“ آھي.ھو بنيادي طور شاعراڻو ذھن رکندڙ ھو.ڪرشن چندر پنهنجي نظريي جي حوالي سان عملي زندگيءَ ۾ بہ ھڪ ڪميٽيڊ ليکڪ ھو.جنهن زماني ۾ ھن پنهنجي فني سفر جي ابتدا ڪئي اھو زمانو ننڍي کنڊ ۾ وڏي اٿل پٿل وارو زمانو ھو.ھن پنهنجي اکين سان رت جي راند ڏٺي.ھو زبردست تخليقي ذھن رکندڙ ليکڪ ھو ۽ پنهنجي ذھن تي اڀرندڙ ڪھاڻين کي رجسٽر ۾ لکي رکندو ھو.ھن کي ٻاراڻي ادب جي اھميت جو بہ احساس ھو.ھن پنهنجي زندگي جا 40 سال ادب کي ڏنا.جنهن ۾ ھن ڪھاڻيون،ناول،ڊراما،مڪالما ۽ ٻارن جو ادب لکيو.اھو سچ آھي تہ ڀاڳ واري آھي اھا قوم ۽ ڌرتي جنهن ۾ ڪرشن جھڙا ليکڪ جنم وٺندا آھن.ھو ڏات جي ڏيھ ۾ پنهنجي فني سفر ۾ جنهن منزل تي پھتل نظر اچي ٿو انھي منزل تي پھچڻ لاءِ صدين تائين ڪيترا ئي ليکڪ سڌون ڪندا آھن.

 

(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes