گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” ڏاھپ ساري ڏيھ جي “ ھن ڪتاب جو سنڌيڪار سنڌ جو عظيم ڏاھو محترم سائين محمد ابراھيم جويو صاحب ۽ سھيڙيندڙ پروفيسر محمد سليم ميمڻ آھي.ھي ڪتاب سائين محمد ابراھيم جويو صاحب جي سؤسالہ جشن جي موقعي تي شايع ڪيو ويو.ھن جلد ۾ ٽي ڪتاب شامل آھن.1.گليلو 2. محڪريءَ جا مضمون 3. بقول زرتشت.جويي صاحب جو چوڻ آھي تہ گليلو ھڪ تاريخي ڊرامو آھي.جنهن ۾ سترھين صدي جي جڳ مشھور سائنسدان گليلو جي شاندار شخصيت ۽ علمي ڪارنامن رومي ڪليسا جي مذھبي چريائپ ۽ علم دشمني وقت جي حاڪمن ۽ امير طبقي جي ماڻھن جي خودپسندي،علم ناشناسي،بيقدري،ھوس ۽ لالچ جي تصوير چٽيل آھي.سندس ٻيو ڪتاب محڪريءَ جا مضمون آھن ان ڪتاب ۾ محڪري جا 35 مضمون شامل آھن.ڊاڪٽر محڪري اسان جي ملڪ جو سماجي علمن جو برک ماھر ۽ سنڌ ڌرتي،سنڌي عوام ۽ سنڌ جي مسئلن سان گھري دلچسپي رکندو ھو.جلد ۾ شامل ٽيون ڪتاب بقول زرتشت آھي.جيڪو فريڊرڪ نٽشي جي ڀيڻ الزبيٿ فارسٽر نٽشي ڪتاب جي انگريزي ترجمي جي مھاڳ ۾ ٻڌايو تہ سندس ڀاءُ جو ھي ڪتاب وجود ۾ ڪيئن آيو آھي.ڪتاب بقول زرتشت جو ترجمو اصل جرمن ٻولي مان پھريائين ٿامس ڪامن نالي ھڪ انگريز 1905 ۾ ڪيو.

 

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

Good Wishes