گل حيات ۾ موجود شيخ اياز جو ڪتاب ” ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري “ (1975) شيخ اياز جي شاعري جو ھي پنجون مجموعو آھي،ھن مجموعي ۾ سندس جيل ۾ گهاريل 8 مھينن جي وقت جي تخليق شامل آھي.جڏھن پاڻ ڊفينس آف پاڪستان رولس جي قيدي ھئا.ھي مجموعو ٽن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي.1. بيت 2. وايون 3.گيت،غزل ۽ نظم.پاڻ ڪلاسيڪي موضوعن کي تصوف ڄاتل سڃاتل رنگ ۽ رمز کان الڳ ڪري جدا جدا نئين فڪري روپ ۽ انداز ۾ پيش ڪيو آھي.پاڻ لکي ٿو تہ،اي ڏات!تون ھڪ عظيم قوت آھين تون ھي ديوارون ڊاھي سگھين ٿي.ھي اوچا ڪوٽ ڪيري سگھين ٿي.مونکي ھن قيد مان آزاد ڪر،جيئن مان ايتريءَ محويت سان لکي سگھان جيتري سان جيل کان ٻاھر بہ لکي نہ سگھندو آھيان.اي سنڌو مون کي پاڻ وانگر اَجيت بڻاءِ.ھيءَ سنڌ سدائين رھندي اُن تي سج اڀرندو ۽ لھندو رھندو رڳو مون جيئن ان کي ڏٺو آھي مون سان مري وڃڻو آھي.منهنجن اکين اڳيان ڪرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا موريا آھن.مون ڏٺو آھي تہ جڏھن وڄون ورن ٿيون تہ ڪيئن ڌمامين ڌ ڌڪار ٿئي ٿو ۽ ٿر جا ٿوھر ڦلي پون ٿا.

 

(ممتاز پٺاڻ)

 

Good Wishes