گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” سوشلزم پيٽي بورزوا ۽ پرو لتاريہ  لينن“ لينن دنيا جي انقلابين کي اھي سوال سمجھايا جيڪي انقلابي جدجھد ۾ اھميت رکن ٿا.يعني ھن طبقن جي ورڇن کي سندن مفادن جي حوالي سان ارتقا جي اوسر سمجهائي.مارڪسٽ رومانيت پسندي ۽ موقعہ پرستي جي خلاف جدوجھد ڪئي ۽ مارڪس جي تعليم کي ٺيڪ سائنسي انداز سان سماج تي لاڳو ڪيو.سنڌ ۾ ھن وقت ڪيترائي سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ گروپ وجود ۾ آيا آھن ۽ انهن سڀني گروپن جي اڳيان اھو سوال اھم آھي تہ ھاري ۽ مزدور جو انقلابي جدوجھد ۾ ڳانڍاپو ڪھڙو ۽ ڪيئن ٿئي ٿو؟ان سوال کي لينن ھن مضمون اندر پوري طرح سان پيش ڪيو آھي.

 

(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes