گل حيات اداري ۾ موجود ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جو لکيل ڪتاب “ سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ 1946۽ 2002 ۾ ڇپيو.ليکڪ مطابق ھن ڪتاب ۾ سڀئي آڪهين جا نالا الف- ب وار بيهاريا اٿم تہ ھرڪو پنهنجي آڪھ جو احوال ڪتاب مان آسانيءَ سان ڳولهي سگهي.گل حيات اداري جي بانيءَ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ مطابق ھن ڪتاب کان اڳ سنڌيءَ ۾ سماجيات تي نالي ماتر ب قلم ن کنيو ويو ھو.ان ڪري انهيءَ ڪارنامي جو سھرو ب ڪاڪي ڀيرومل جي سر اچي ٿو.ھن پنهنجي ھن ڪتان ۾ سنڌي ھندن جي ذاتين.قبيلن ۽ نکن تي بي مثال مواد فراھم ڪيو آھي.ھن ڪتاب ۾ ھزارين شخصيتن جو ذڪر ڪيو آھي.جن تي الڳ الڳ ڪتاب لکي سگهجن ٿا.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

 

Good Wishes