گل حيات اداري ۾ موجود مهراڻ ڪلچرل سوسائٽي مورو پاران 1988 ۾ ڇپايل محمد مٺل ڪمالاڻيءَ جو ڪتاب ً ً مورو ناھي ٿورو ً ھن ڪتاب ۾ ليکڪ موري شھر جي تاريخ لکي آھي.گل حيات اداري جي باني ڊاڪٽر پٺاڻ مطابق اسان عرصي کان وٺي دانهون ڪندا پيا اچون تہ پاڻ کي مليل تاريخ اڌوري ۽ اڻپوري آھي.انهيءَ ڪري ئي اسان ارتقا ۽ ابتدا جي عمل ۾ فرق ڪري نہ سگهندا آھيون.اسانجي دشمنن ۽ ڌارين جو اھو ئي مقصد ھئو تہ اسان ٻين جا محتاج ٿيون.اھڙي قهر ۽ اھڙي انڌير ۾ لوڪ ادب ۽ عوامي ادب ئي اونداھيءَ رات ۾ تارن جو ڪم ڪيو.محمد مٺل عرصي کان وٺي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن تي تحقيقي ڪم ڪندو رھيو آھي ۽ انھيءَ ميڙي چونڊيءَ مان اسان کي پهريون ڪتاب ڏئي رھيو آھي. ھي ڪتاب پنهنجي نوعيت ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو.سنڌ جي عوامي گيتن  ٖ تحقيقي ادب ٖ۽ تاريخي مواد ۾ موري جو ذڪر موجود آھي.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

 

Good Wishes