گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” فرينچ انقلاب “( ھڪ ھاريءَ جي ڪھاڻي)(جلد پھريون ۽ جلد ٻيو) سنڌيڪار: محمد ابراھيم جويو ۽ ڊاڪٽر امجد سراج.2015. فرانس جي انقلاب بابت ھڪ سچي آتم ڪٿا جيڪو ميچل باستين نالي ھڪ ھاريءَ جي زباني بيان ٿيل آھي.18 صدي جو فرينچ انقلاب ھڪ وقتي انقلاب نہ ھو،جنهن رڳو يورپ ۾ تبديلي آندي پر اھو انقلاب انساني تاريخ جو ھڪ اھڙو واقعو ھو جنهن نہ فقط فرانس جي معاشري ۽ تاريخ کي بدلائي ڇڏيو بلڪ ان جي آڌار تي فرانس کي دنيا جي آزادي وارن ويڙھاڪ تحريڪن جي درسگاھ پڻ سڏيو ٿو وڃي.بيشڪ فرانس جو انقلاب پنهنجي عروج جي نڪتي تي پھچڻ کان پوءِ بہ ڪڏھن ختم نہ ٿيو آھي،پر عالم انسانيت جو ھڪ اھڙو عظيم ۽ تاريخ ساز واقعو ثابت ٿيو آھي جنهن جي پيٽان انقلاب پويان انقلاب جنم وٺي رھيا آھن.رُوسو انهن مفڪرن مان ھو جن جي نظر ۾ ماڻھن جي اُن سُڄاڻپ جي چاٻي تعليم ۽ تدريس ۾ ھئي. سڀني انسانن ۾ فطرت مطابق سوچ جي صلاحيت ھئي پر بادشاھن ۽ پادرين سندن ان صلاحيت کي گُھٽي ۽ بگاڙي ڇڏيو.جرمن مفڪر،ڪانٽ کي پنهنجي سماجي دئور تي تنقيدي نظر وجهندي ھڪ موقعي تي چوڻو پيو تہ توڻي جو سندس دئور روشني جو دئور ھو پر روشن دئور نہ ھو. بنيادي ڳالھ آھي تہ ڌرتي تي اڄ جي دنيا ۾ جن ماڻھن جو اڳرو قدم آھي جن تبديلين جو پاڻ وٽ سواگت ڪيو ڇا اُھي تبديليون اُھي فڪر ۽ عمل جا وسيلا اسان لاءِ ڪامعنىا ڪانہ ٿا رکن؟

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes