گل حيات ۾ موجود ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو مرتب ڏنل ڪتاب “ لاڙڪاڻو صدين کان“ جيڪو 1995 ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران ڇپرايو ويو.جنهن جو چيئرمين محترم شمس جعفراڻي صاحب ھيو.شاد صاحب مطابق تاريخي ماڳن مڪانن جي تاريخ ؛ تھذيب ۽ امتيازي قدرن جو تحفظ ڪرڻ ھر باشعور قوم جو فرض آھي.۽ اھڙي تحفظ جو بھترين ذريعو ڪتاب آھي.ھن ڪتاب لاء جيڪي مقالا چونڊيا ويا آھن انهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخ ؛ جاگرافي ٖ لسانيات ٖ سياست ٖ لوڪ ادب ٖ شاعري ٖ جديد ادب ٖ ھنر ٖ ثقافت ۽ شخصيات متعلق معلومات ڏني وئي آھي.لاڙڪاڻي جي تاريخي حيثيت کي اجاگر ڪرڻ لاء ھن ڪتاب ۾ ڀرپور تحقيقي مقالا شامل آھن.ھونئن بہ لاڙڪاڻو ايامن کان ادب جو گهوارو رھيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي ٖڊاڪٽر اياز قادري ٖڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ٖ احسان دانش انيس گل ٖ پير علي محمد راشديٖ حسام الدين راشدي ۽ ٻين اديبن جا مقالا شامل آھن. (ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes