گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” سنت ڪنور رام “ ھن ڪتاب جو ليکڪ ڪنعيالعل ايم تلريجا آھي ھي ڪتاب 1986 ۾ ڇپيو.ڪنور رام مٺي ۽ رسيلي آواز ۽ نياز نوڙت سان لکين دلين کي موھي ڇڏيو ۽ ھر ھڪ ۾ سائين جو جلوو ڏٺو.فقير سنڌ ۾ پنهنجي لات ۽ڏات جي پالوٽ ڪئي ۽ پڻ لکين ڪروڙين روپيہ ھندو مسلمانن ۾ ورھايا.ھن فقير ۾ اھنڪار جي رتي بہ نہ ھئي پر نياز نوڙت سندس ڪم ھيو.ڀائي ڪنور ميرپور ماٿيلي تعلقي جي ھڪ واھڻ جروار جو ڳوٺاڻو ۽ ھڪ مسڪين ۽ فقير ماڻھون ھيو.ھو ڏيک ويک کان ڪوھين پري ھوندو ھو.سادا ڪپڙا،سٻاجھڙي ٻولي، نماڻو ۽ قربائتو ھو.ھو ڏاڍو سخي ھو.ھو ھميشہ چوندو ھو تہ ڀائي مون وٽ آھي ڇا جو ڪنهن کي ڏيان.ڏيڻ وارو ٿو ڏئي ۽ وچ ۾ آءُ اچي خوامخواھ ڦاٿو آھيان.جئن جئن وقت گذرندو ويو ڀائي ڪنور جي رسيلي آلاپ جو پڙلاءُ سندس سنت ۽ سخي ھئڻ جي ساک چوڏس چوڌار ھڪ کستوريءَ جي خوشبوءِ جيان ڦھلندي رھي پري پري جا ماڻھون سفر جا جاکوڙا ڪڍي وٽس اچڻ لڳا.ڪي سندس راڳ ٻڌڻ،ڪي آسيس وٺڻ ۽ ڪي سندس ديدار ڪرڻ پئي آيا.

 

(ممتاز پٺاڻ)

 

Good Wishes