اولاد جڏھن وڏي ٿيندي آھي تہ ان جا والدين ڏاڍا خوش ٿيندا آھن تہ ڪراڙپ ۾ ھاڻي ھو کين سھارو ڏيندا ۽ کين خوشيون ڏيندا جڏھن انهن جي اولاد ڪنھن منزل تي پھچندي  آھي تہ ھو ناز ڪندي ٻين کي ٻڌائيندا آھن تہ اھي اسان جو اولاد آھن.پر اھي ڳالھيون اسان ۾ نہ آھن.اسان جڏھن ننڍا ھئا سين تہ بابا سائين ان وقت بہ اسان جي خوشين خاطر ڏينهن رات محنت ڪري اسان جون ضرورتون پوريون ڪندا ھئا.۽ جڏھن اسان وڏا ٿيا آھيون ۽ بابا سائين جي عمر ھن وقت آرام ڪرڻ جي آھي تہ اڄ بہ ھو اسان کي سکيو رکڻ لاءِ پاڻ محنت ڪري رھيا آھن.ننڍپڻ ۾ ماڻھون اسان کي چوندا ھئا تہ ڊاڪٽر درمحمد جا پٽ آھيو؟ تہ اسان چوندا ھئاسين تہ ھا. ۽ اڄ بہ ھن عمر ۾ اسان کي چوندا آھن تہ ڇا توھان ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جا پٽ آھيو؟ جڏھن اسان چوندا آھيون تہ ھااسان ڊاڪٽر جي اولاد آھيون  تہ ھو پنهنجي جيءَ ۾ اسان کي جاءِ ڏيندا آھن.ان وقت اسان کي احساس ٿيندو آھي تہ اسان واقعي ڪنهن وڏي انسان جي اولاد آھيون مطلب تہ بابا سائين اوھان ڪلھ بہ اسان جي پھچان ھيئو ۽ اڄ بہ اسان جو وجود اوھان جي مھرباني آھي. .بابا سائين اسان کي فخر آھي تہ اسان اوھان جو اولاد آھيون.خدا اوھانجي ڇانو اسان جي مٿان ھميشہ  قائم رکي.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes