ل حيات ۾ موجود ڪتاب ” چاھتن جي ٽواٽي تي ، I LOVE YOU “ (ٻہ ناوليٽ) جنهن جو ليکڪ سنڌ جو سھڻو ماڻھون بيدل مسرور بدوي آھي.ھي ڪتاب سال 1999 ۾ ڇپيو.بيدل مسرور سنڌي جو نہ صرف موسيقار،راڳي ڪھاڻيڪار،شاعر ۽ مضمون نگار آھي پر ھو فقيراڻي طبيعت وارو ھڪ سٺو پروڊيوسر ۽ ناول نگار بہ آھي.سائڻ نورالھدىا شاھ لکي ٿي تہ ھو ڏک جي ڊگھي رھگذر جو مسافر آھي ڪلا جا ڪيترائي روپ ساڳي وقت سندس مٺ ۾ بند پنهنجي اندر جون سموريون ڪيفيتون لوڪان لڪائي ھلندڙ پھاڙ جھڙو اٽل ،ڏک  ۽ سک جي مسلسل جنگ جا نشان سندس مٿي جا وار اڇا آھن.ھي درويش انسان حالتن جي دٻاءَ ھيٺ پيدا ٿيل سوچن،مائٽن ۽ دوستن جي بيوقوفين،ڀوڳنا جي اکٽ سفر،جن ڪيفيتن سندس اندر جو ڪلاڪار جنم ورتو،ھو ھڪ سٺو ڪھاڻيڪار ۽ پيار جي لفظن کي شاعريءَ جو روپ ڏيندڙ عاشق مزاج پکيئڙو آھي سندس آواز اڄ بہ دل جي دھڙڪن کي تيز ڪري ڇڏيندو آھي.

 

(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes