ل حيات اداري پاران ڇپرايل ڪتاب ” لوچي لڌو مون “ ھي ڪتاب صوفي گھراڻي سان تعلق رکندڙ فقير منش دانشور محترم سائين محمد بچل تنيو صاحب جو لکيل آھي.(2008) گل حيات اداري جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکي ٿو تہ گل حيات سنڌ جي تاريخي اھميت واري مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪري ان قوم جي امانت ڄاڻي جنهن نموني سان قوم جي حوالي ڪرڻ ۾ مصروف آھي،اسان جي ميڙي چونڊيءَ مان نہ فقط ڪيترن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙن کي فائدو مليو آھي پر اسان انھيءَ کي ڪنهن معاوضي وٺڻ کانسواءِ ادارن جي طلب ۽ تقاضائن پٽاندڙ سچل چيئر، لطيف چيئر ۽ سنڌالاجي کي بہ فراھم ڪيو آھي.ان کان علاوه اسان پنهنجي محدود وسيلن باوجود ليکڪن جي مالي ۽ اخلاقي سھارن سان اشاعتي سلسلو بہ جاري رکيو آھي.ھن کان اڳ علي گل سانگي ۽ ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ جو ھڪ ڪتاب ڇپرايو.2005 ۾ سائين محمد بچل تنئي جو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب vision and views شايع ڪرايو.سائين محمد بچل تنئي صاحب جو ھي ٽيون ۽ گل حيات طرفان شايع ٿيندڙ ٻيو ڪتاب آھي.ھي ڪتاب سندن سوچ ۽ لوچ جو مظھر آھي.ھن ڪتاب ۾ ھڪ ئي وقت تي دور جي حالتن جي جھلڪ ۽ ليکڪ جي نظرياتي قدوقامت جي تصوير موجود آھي اميد تہ پڙھندڙن کي گھڻو لاڀ ملندو.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

Good Wishes