گل حيات ۾ موجود سنڌ جي عظيم ڏاھي سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوج جو لکيل ڪتاب ” گڏھ “ (1946 ٖ1952ٖ 1956ٖ 2004) ڪنهن ڏاھي جو چوڻ آھي تہ گڏھ اھڙو تہ محنتي جانور آھي جنهن جي عزت دنيا جي سڀني جانورن کان مٿانهين ھئڻ گھرجي پر افسوس جو ھن محنتي جانور سان انصاف نہ ٿو ڪيو وڃي.انجي برعڪس مسلسل محنت ڪرڻ کان پوءِ کيس مالڪ جا سوٽا کائڻا پوندا آھن.گڏھ جي باري ۾ خليل جبران لکيو ھو تہ ھن معصوم ۽ مظلوم جانور سان جيڪڏھن انصاف وارو ورتاءُ ڪيو وڃي تہ ھي شينھن کان وڌيڪ مانائتو آھي،جو جيترو کائي ٿو ان کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ محنت ڪري ٿو.گڏھ جي سواري کي جيتوڻيڪ دنيا جا امير ماڻھون پسند ڪون ڪندا آھن.پر خدا جا درويشن ھن جي سواري کي پسندس ڪندا رھيا آھن.شيخ سعدي گڏھ کي پنهنجو عزيز ترين رفيق چوندو ھو.سنڌ جي وتائي فقير جي سواري پڻ گڏھ ھيو.ڊاڪٽر بلوچ جو ھي ڪتاب سنڌي ثقافت جي اھڃاڻن جو ڀنڊار ھئڻ سان گڏوگڏ گرانقدر ادبي تحرير ۽ منفرد اسلوب جو ھڪ ناياب نمون آھي.ھي ننڍڙو ڪتاب ڏاھپ جي ڪيترن ئي ضخيم ڪتابن جي ڀيٽ ۾ ڳرو ۽ ڏاڍو دلچسپ آھي.

 

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Good Wishes