گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” بابر نامو “ (شھنشاھ بابر جي آتم ڪھاڻيءَ جو سنڌي ترجمو) ھن ڪتاب جو سنڌيڪار ايڇ.آءِ.سدارنگاڻي آھي (2006) ھندستان ۾ بابر بادشاھ کي ڀلا ڪير نہ سڃاڻي؟ ھُو ھڪ سرويچ سپاھي،سياڻو اڳواڻ،تيز فھم سياستدان،اديب ۽ سھڻو شاعر ھو.مگر تاريخ ۾ آيل اھڙين وصفن مان ھن جي شخصيت جو اندازو لڳائڻ کان بھتر ٿيندو تہ سندس ئي پنهنجي باري ۾ لکيل احوال پڙھي کيس مختلف پھلوئن کان جاچي ھن جون خوبيون ۽ خاميون ويچاري پنهنجو پاڻ ھڪ آزاد رايو جوڙجي.ڪن عالمن بابر نامي کي آغسطس ۽ رُوس جي confessions تہ ڪن وري گبن ۽ نيوٽن Memoirs وارو درجو ڏنو آھي ڪيئن بہ ھجي پر انهيءَ کان انڪار ڪري نہ سگھبو تہ بابر نامي کي وڏي تاريخي ۽ ادبي اھميت آھي.ھو عالم بہ ھو ان جي ھڪ اھا بہ ثابتي آھي تہ ھجري سن 910 ۾ جڏھن اڃا ڇويهن سالن جو ھو تہ ھن بابر لپي ٺاھي جنهن ۾ قرآن شريف بہ آندائين،شاعرن ۽ اديبن جي تصنيفن،تحرير تي تنقيد ۽ رايا بہ ھن جي علمي ۽ ادبي لياقتن جو ثبوت آھن.بابر جي زندگي جو ڪافي حصو جنگين ۽ دربدريءَ ۾ گذريو خبر نہ آھي تہ ھن بابر نامو ڪيئن لکيو.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Good Wishes