گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” ويا جي ھنگلورِ “شيخ اياز شاعرن اديبن ۽ دانشورن جي نظر ۾.ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ ستار آھي. ڌرتي،قوم ۽ ٻوليءَ کي جيارڻ ۽ زندھ رکڻ ۾ جيترو ھٿ ڪنهن سياستدان جو ھوندو آھي ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ شاعر،اديب ۽ دانشور جو ھوندو آھي.ادب جي تاريخ ۽ دنيا جي تاريخ ۾ اھڙا ڪيترائي مثال ملندا جن ۾ اديبن ۽ شاعرن دنيا جي عوام جون قسمتون بدلائي ڇڏيون آھن.شيخ اياز ھن موجوده دوُر ۾ ادب جي افق تي ڪھڙي ستاري جي جاءِ ماڻي ٿو،۽ شيخ اياز عالمي ادب ۾ ڪيتري جاءِ والاري ٿو اھا پروڙ اوھان کي ھن تي لکيل ھند سنڌ جي مڃيل اديبن،دانشورن ۽ شاعرن جي لکڻين مان پئجي سگھي ٿي.شيخ اياز ھن ڌرتيءَ جو وڏو شاعر ھئڻ ناتي اسان جي ادب ۾ سڀ کان وڌيڪ بحث ھيٺ آيل،سڀ کان وڌيڪ اختلافي ڪردار رھيو آھي.ھن تي سنڌي ٻولي ۾ گھڻو ڪجھ لکيو ويو آھي.سندس زندگي ۾ لاھا چاڙھا نظر اچن ٿا.ھو پنهنجي فني ۽ ذاتي حيثيت سان ھڪ رنگين طبع رند ۽ آزاد مشرب شخص آھي.سندس شاعري حسين ۽ جميل لفظن،خيالن ۽ محاورن جي جامع آھي سندس زبان رنگين،اسلوب شيرين آھي.اياز جي شاعريءَ اھو بہ واضح ڪيو آھي تہ فن ۽ اسلوب،ھئت ۽ موادسڀ ثانوي درجو رکن ٿا.ھو سنڌ جي جديد شاعريءَ جو پھريون شاعر آھي.جو فني حيثيت سان ھئيت جي زوليده ۽ پيچيده اندازن ۽ معيارن کان آزاد ٿي شاعري ڪري چڪو آھي.ڊاڪٽر الھداد ٻوھئي جو خيال آھي تہ شاھ لطيف تاريخ جوڙي ۽ شيخ اياز اُن تاريخ جو عظيم ڪردار رھيو.اياز جو شعر وطن جي تسليمي،وطن جي بچاءَ ۽ وطن جي آبرو جو شعر آھي.اياز جڏھن پنهنجن ادبي دوستن جي وچ ۾ ويھي پنهنجو نڪور شعر ٻڌائيندو ھو تہ سموري ماحول تي ڄڻ ڪوئي سحر طاري ٿي ويندو ھو.شيخ اياز جي شاعري موضوع جي اعتبار کان عام ماڻھوءَ جي جذبن جي ترجمان آھي.

 

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Good Wishes