گل حيات ۾ موجود محمد اسلم شيخ شھداد ڪوٽيءَ جي شاعري جو ڪتاب ” دل جو دفتر “ (2015) گل حيات جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکي ٿو تہ محترم محمد اسلم شيخ پنهنجي شاعري جي ھن ڪتاب جو نالو دل جو دفتر رکيو آھي ۽ ان مان ئي سندس شاعراڻي فلسفي ۽ حيثيت جي خبر پوي ٿي.ھن پنهنجي شاعري ذھن سان نہ پر دل سان ڪئي آھي ھن جي ھر شعر جي لفظ لفظ مان سندس دل جون ھزار ڳالھيون اسان اڳيان ڪر کڻي بيھن ٿيون.دل جا رنگ بہ ھزارين،انهن ۾ مذھبي خوشبو بہ آھي تہ روحاني راحت بہ،آدرشي انسانن سان عقيدت جا اولڙا بہ.جڏھن تہ سائين محمد اسلم شيخ پاڻ لکي ٿو تہ قدرت جي حسين نظارن کي ڏسڻ،سٺن جملن ۽ پر ڪشش شعرن کي گڏ ڪرڻ جو بچپن کان ئي شوق رھيو آھي ۽ شعر و شاعري لاءِ منهنجو ذاتي مشاھدو آھي تہ ھي ھڪ قدرتي ڪيفيت آھي.شاعر جڏھن ڪنهن منظر يا اثر کان سرشار ٿي ويندو آھي تہ سندس قلم رواني سان ڪا نئين تخليق ڪري وجھندو آھي ۽ اھڙي عمل جو نالو شاعري يا لکڻي آھي مون بہ شعر تڏھن ئي لکيو جڏھن ڪنهن ڪيفيت کان متاثر ٿي ويندو آھيان.

 

(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes