ممتاز علي پٺاڻ.
“1842 ۾ مکيہ پرڳڻن/شھرن جي مالڪي ۽ انھن جي آمدنيءَ مان ميرن جو حصو."

  facebook 1707974921876 71637660467271299381سنڌ جي غلام ٿيڻ کان هڪ سال اڳ سنڌ جي انتظامي حيثيت هيءَ هئي تہ ٿلهي ليکي ميرن سموري سنڌ ٽي حصا ڪري پاڻ ۾ ورهائي کنئي هئي. هڪ حصو - ميرپور خاص وارو پرڳڻو مير شير محمد خان جو هئو ۽ ميرپور ۾ ان جي گادي هئي. سنڌ جو ٻيو حصو خيرپور جا پرڳڻا هئا ۽ گادي خيرپور هئي. ٽيون حصو حيدرآبادي ميرن جي حوالي هو, ان جي گادي حيدرآباد شھر ۽ هتي ميرن جي چئوياري حڪومت هلائيندي. 
حيدرآبادي حاڪم هئا: مير نصير خان, شھداد خان, حسين علي, مير محمد, مير صوبدار خان ۽ مير نور محمد جو اولاد. خيرپوري حاڪم ھئا: مير نصير خان, مير رستم خان, مير علي مراد خان, مير محمد ۽ مير علي مردان. خيرپور جي آمدني سمورا خيرپوري حاڪم مير کڻندا هئا ۽ حيدرآباد جي آمدني حيدرآبادي حاڪم کڻندا ھئا ۽ ميرپور جي آمدني مير شير محمد خان کڻندو هو. ڀنگ ڀاڙي جي آمدني مير رستم خان کڻندو هو.        باقي سبزل ڪوٽ, سکر, شڪارپور ۽ ڪراچيءَ ۾ مختلف ميرن جا حصا هوندا ۽ انهيءَ حساب سان کين آمدني جو هن ريت حصو ملندو هو:
1. ڪراچي:
ڪراچيءَ جي آمدني چئن حصن ۾ هڪ جيتري ورهائي ويندي هئي. ان ۾ حصيدار هئا: مير نصير خان حيدرآبادي, مير مير محمد خان, مير صوبدار خان ۽ مير نور محمد جا پونئير. ڪراچيءَ جي سالياني آمدني هڪ لک روپيا هئي.
2. شڪارپور :
شڪارپور جي آمدني 3,73,024 رپيا هئي ۽ اها هن ريت ورهائي ويندي هئي: مير نصير خان حيدرآبادي 84914, مير شهداد خان 34357 روپيا, مير حسين علي 32857 روپيا, مير رستم خان خيرپوري 103203 روپيا, مير نصير خان خيرپوري 73643 روپيا, مير علي مراد خان 28350 روپيا ۽ مير محمد خيرپوري 15700 روپيا.
3. سکر:
سکر مان انھيءَ سال 22,000 روپيا آمدني ٿي ۽ اها مير علي مراد خان ۽ مير نصير خان خيرپوريءَ اڌ و اڌ ڪري کنئي.
 4. سبزل ڪوٽ:
انھيءَ سال سبزل ڪوٽ مان هڪ لک روپيا آمدني ٿي, جنهن مان مير نصير خان حيدرآباديءَ کي 67000 روپيا مليا ۽ مير رستم علي خان جي پٽ مير مير علي مردان خان کي 33000 رپيا مليا.
 ٿلهي ليکي ڀنگ ڀاڙا ۽ سبزل ڪوٽ مان ميرن کي 1,60,000 مليا. اهي پرڳڻا نپيئر ميرن کان کسي بهاولپور جي نواب کي ڏنا. اهي پرڳڻا مير رستم علي خان, سندس پٽ مير علي مردان خان ۽ حيدرآباد واري مير نصير خان جا هئا.

Good Wishes