ممتاز علي پٺاڻ.
“مشهور ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ جا بابا ڏانھن خط".

POPTI HIRANANDANI WRITES TO MY FATHER DR. DUR MUHAMMAD PATHANfacebook 1705806854972 7154672515038461844
*******
 Popati Ramchand Hiranandani (17-09-1924 -17-12-2005). was one of the best-known Sindhi women writers, was born in Hyderabad, Sindh. Her works not only depict the urban milieu of Sindhi culture, but also delve deep into the life of Sindhi middle class and the plight of women in the social structure. She also depicts the inner dynamics of Sindhi families.
Popati Hiranandani's name is bound to go down in Sindhi literary history as one of the finest Sindhi writers of both pre-partition and post-partition India, a forthright feminist, and an outstanding social activist.
Among the several works she published are Ruha sandi runch (1975), Man Sindhini (1988) (both poetry), Pukar (1953), Zindagi-a-ji-photri (1993) (both short stories), Sailab zindagi-a-jo (1980) (novel), Sindhi kalahain aju (1985) (essays), Shah, Sindhi-tahiziba jo ruh (1983) (literary criticism), Bhasha shastra (1962) (linguistics), Manik-Motilala (1993) (biography), Muhinje hayatia ja sona ropa varqa (1980) (autobiography), History of Sindhi literature (in Sindhi).
She has been the recipient of several honors and awards including the Sahitya Akademi Award in 1982 for her autobiography. The citation reads "This profound engaging autobiography of hers gives a remarkable insight into Sindhi society, the social and political upheavel following partition of India, and the great tragedy overtaking the country." Jai-Jhulelal, Jeay Sindhiyat.”
We have beautiful collection of her photos and handsom her handsome letters written to my father Dr. Dur Muhammad Pathan. Some of her letters were published in ‘AZAD” of Karachi. I am reproducing those published letters with introduction of Baba Dr. Pathan. This may kindly be kept in mind that ‘Introduction’ of the late Popti Hiranandani was written in 1979, when she was alive. (Mumtaz Ali Pathan)
ڪماري پوپٽي هيراننداڻي
ڪماري پوپٽي رامچند هيراننداڻي 17، سيپٽمبر 1924 ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي. بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. هن وقت “ڪي. سي ڪاليج’’ بمبئي ۾ سنڌي جي پروفيسر آهي.
پوپٽي هيراننداڻي هند، سنڌ ۽ دنيا جو ڪيترائي دفعا سير ڪيو آهي. سندس شمار ڀارت جي پهرين صفحي جي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ شاعره، ايڊيٽر، مضمون نگار، افسانہ نگار ۽ ناول نويس آهي. کيس ڪيترين ئي علمي توڙي ادبي جماعتن ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو پئي مليو آهي. هن وقت جن ادارن، جماعتن ۽ سوسائٽين سان وابستہ آهي، تن ۾ “ساھتيہ اڪيڊمي’’ (صلاحڪار بورڊ جي ميمبر)، “سنڌي ساهت منڊل’’  (صدر)، “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ (جنرل سيڪريٽري)، “يونيورسٽي آف بامي’’ (بورڊ آف اسٽڊيز جي مميبر) جا نالا قابل ذڪر آهن.
هن ٻولي، علم ادب ۽ قوم لاءِ جو ڪجهه ڪيو آهي، انجو مختصر خاڪو سندس ئي خطن ۾ نظر ايندو.
24، ڊسمبر 1975 ع
پيارا ڀاءُ دعا سلام
جسونت ڪمار معرفت پتو پيو تہ اوهين مادر زبان جي خدمت ڪندڙن بابت ڪجهہ احوال ڄاڻڻ چاهيو ٿا. پهرين شري ڪيرت جو احوال ڏيان ٿي:
پتو:  41/3، آدرش نگر، ورلي، بمبئي-25
ڪيرت ٻاٻاڻي- جنم نوابشاه- ننڍي هوندي اسٽوڊنٽس تحريڪ ۾ سرگرم  بهرو  وٺندڙ- سوڀي گيانچندڻيءَ جو شيش ۽ دوست- ترقي پسند ليکڪ- هن وقت “آل انڊيا سنڌي ٻولي ساهيتہ سڀا’’ جو  پريزيڊنٽ- جنهن ۾ 78 سنٿائون شامل آهن- ۽ جنهنجي سرپرستيءَ هيٺ آل انڊيا سطح تي ناٽڪ چٽاڀيٽيون، تعليمي ڪانفرنسون ۽ ليکڪ سيمينار ٿيندا رهندا آهن. “سنڌو ڌارا’’ اخبار جو ايڊيٽر پڻ آهي- سندس ڪتاب ڇپيل:-
(1)   “هوءَ’’ (آکاڻيون) (2) “درد جو دل ۾ سمائجي نہ سگهيو’’ (آکاڻيون) (3) “سوريءَ سڏ ڪيو’’  (ناٽڪ) (4) “ساهت ۾ قدرن جو سوال’’ (تنقيدي مضمون)
هتي سنڌي ٻولي کي بچائيندڙن جو روح روان آهي.
پوپٽي رامچند هيراننداڻي:- جنم حيدرآباد سنڌ ۾ - هن وقت ڪي- سي ڪاليج ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سرڪرده- “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ جي جنرل سيڪريٽري- پريزيڊنٽ “سنڌي ساهت منڊل’’، ممبئي- “ساهت اڪاڊمي’’ دهلي جي “ائڊوائيزري بورڊ ’’ جي ميمبر. سندس ڇپيل ڪتاب:-
آکاڻين جا مجموعا
(1)                “ رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون’’ (2) “پڪار’’ (3) “ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو’’ (4) “مون توکي پيار ڪيو’’ (5) “خزان جو دور پورو ٿيو’’- (هيل تائين سترکن ڪهاڻيون ڇپيل)
ناول             
(1)                “منجو’’ (2) “ حسرتن جي تربت’’ (3) “ جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات’’
مضمونن جا ڳٽڪا
(1)                “هڪ پشپ پنڌرهن پنکڙيون’’ (سوراشٽر يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (2) “چرن چڻڪن چت ۾’’ (پوني يونيورسٽيءَ طرفان بي. اي آنرس لاءَ رکيل) (3) “ڀارت جي استري’’ (پوني يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (4) “ڀاشا شاستر’’ (Philology)  (ايم لاءِ، ممبئي پوني ۽ گجرات يونيورسٽيءَ پاران رکيل)   (5) “زنده سا قوم رهندي’’ (سياست تي) (6) “سنڌي ساهت جي جهلڪ’’ (7) “روح سندي رڃ’’ (ادب لطيف) (8) “وويڪانند جي جيوني’’ (سوانح) (9) “شريمد ڀاڳوت’’ (مذهبي) (10) “ڪير’’ (سوانح) (11) “مان ڇا آهيان’’ (ويدانت).
ائين ڪل 19 ڪتاب ڇپيل اٿم، انهن ۾ مضمونن مان 10،9،8 نمبر ترجمو ڪيل ڪتاب آهن، باقي ٻيا سڀ اصلي ڪتاب لکيل آهن. هتي هند ۾ اچڻ بعد سنڌي ۽ سنڌيت سان ڇا ڇا وهيو واپريو آهي، سچ پچ ڪير ڪير ساهت پيا پئدا ڪن، خير کپيو تہ مون کان سواءِ ٻيو ڪو ٺيڪ طرح ٻڌائي نہ سهگندو. ائين تہ مٿاڇري تي ڪئين ڪک تري آيا آهن، جي پري کان اڻ ڄاڻائي جهلڪ ۾ سونهري پيا ڀاسن! خير ادا، هرڪو پنهنجو نباهي. ساڻيهہ جي ساٿين لاءِ سلام!
پوپٽي هيراننداڻي
51 سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان ڪولابا، بمبئي 5
51، سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان بمبئي
25، فيبروري 1976 ع
پيارا ڀاءُ دعا سلام
اوهانجو خط مليو. اوهانجي فارم کي اسان هتي سائڪلو اسٽائيل ڪرائي، پنجاه- سٺ ساهتڪارن، ايڊيٽرن، ۽ سنٿا هلائيندڙن ڏانهن پوست ڪري ڏياري موڪليو آهي. انهن کي عرض ڪيل آهي تہ انهن مان هڪ هڪ اوهان ڏانهن جدا جدا پنهنجي سر تفصيل ڏياري موڪلي. جسونت ڪمار ۽ مان ساڳي سنٿا جا سيڪريٽري، ۽ جنرل سيڪريٽري (مان جنرل سيڪريٽري) آهيون، انڪري ڪم سانگي گڏجڻ پيو ٿيندو آهي. اوهانکي تسلي ڏيان ٿي تہ اوهانجو ڪم وسريو ناهي، ياد آهي. اوهانجي خط بابت خبر ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کي پئي تہ هن بہ اوهانجو خط ڪڍي ڏيکاريو. ٻاٻاڻي صاحب اسانجي سڀا جو پريزيڊنٽ آهي. ٻاٻاڻي ۽ مان روزانو هڪ آفيس ۾ ٽي ڪلاڪ گڏجي، سنڌي ۽ سنڌين لاءِ ڪم ڪندا آهيون. انڪري جدا جدا خطن لکڻ جي ضرورت ناهي. ٻاٻاڻي کي لکو يا مونکي يا جسونت کي، ڳالهہ ساڳي آهي.
اوهين ٻي ڪا خبر چار ڏيو. تازو منهنجا ٽي ڪتاب ڇپيا آهن: ٻہ مضمونن جا ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڳٽڪو. هڪ مضمونن جو ڪتاب ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب تيار رکيا آهن، ڏينهن ٻن ۾ پريس ۾ ويندا. اتي جي خبر چار ڏيو. ڪهڙا ڪتاب پيا ڇپجن؟ اوهانکي ڪهڙا ڪتاب پسند آيا آهن؟ تازو اسان “سنڌو ڌارا’’ نالي هفتيوار اخبار چالو ڪئي آهي، جنهنجي ايڊيٽر مان آهيان. ان ۾ جسونت جي ڏنل اوهانجي ننڍي ڪوتا ڇپيسين. مان اوهان ڏانهن پنهنجون ڪوتائون (شعر) موڪليان تہ ڇپائيندا؟ نئين ڪوتا جي طرز تي لکيل آهن. اوهانجو يا اوهانجا پيارا ليکڪ ڪهڙا آهن؟ هڪ لعل جوڻيجو خيرپور نواسي هو انکي سڃاڻو؟ ڪهڙن ليکڪن سان واقفيت اٿو؟ خبر ڏيو.
پوپٽي هيراننداڻي

Good Wishes