ممتاز علي پٺاڻ.
”سنڌي ساهت سڀا"-انگريزن جي دور جي ادبي جماعت".

    سنڌ ۾ سياسي ۽ ادبي تنظيمن جو آغاز اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ شروع ٿيو. "سنڌ سڀا" سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي جماعت هئي, جيڪا 1882 ع ۾ ٺھي. انھيءَ زماني ۾ سرڪاري ملازمن کي سياست ۾ حصي وٺڻ کان روڪ ٽوڪ ڪانہ هوندي هئي. سال ڏيڍ کان پوءِ ”ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽيءَ“ نالي ادبي تنظيم قائم ٿي. ان کان پوءِ 1947 تائين تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن ادبي سرگرميون شروع ڪيون. ان کان سواءِ کوڙ نج ادبي تنظيمون بہ قائم ٿيون.
   "سنڌي ساهت سڀا" ڊسمبر 1929 ۾ ٺاهي وئي. ڪراچيءَ ۾ ”ڪراچي وديارٿي سماگم" نالي شاگردن جي هڪ تنظيم هوندي هئي. آسانند مامتورا ان جو چيئرمن ۽ پرنسپال جي.اين. گوڪلي انھيءَ جو صدر هوندو هو. انهيءَ "وديارٿي سماگم" طرفان ڪراچيءَ جي ڊي.ڪاليج ۾ پرنسپال گوڪلي جي صدارت ۾ اديبن جي گڏجاڻي ٿي. جن شرڪت ڪئي, انھن مان ڪي مکيہ آھن. ڪاڪو ڀيرومل, ڊاڪٽر دائود پوٽو, محمد صديق ميمڻ, جي.ايم.سيد, علامه آءِ.آءِ.قاضي, منگهارام ملڪاڻي, لالچند امرڏنومل, ڄيٺمل پرسرام, شيورام ڦيرواڻي, پرنسپال شاهاڻي, پرنسپال اين.اي قاضي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي وغيره. 
انھئ گڏجاڻيءَ ۾ بحث مباحثي کان پوءِ ”سنڌي ساهت سڀا" نالي ادبي تنظيم ٺاهي وئي ۽ ان جا مول متا هن ريت مقرر ڪيا ويا: (1). سنڌي ادب جي واڌ ويجہ ڪرڻ, (2). سنڌي دانن ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ, (3). مرڪزي لائبرري ٺاهڻ, (4). سنڌي ڪتابن جي ببليوگافي مرتب ڪرڻ, (5). هٿ-لکيل مسودا گڏ ڪري ڇپرائڻ, (6). نون سنڌي ڪتابن جي اسڪيم ٺاهي, ان تي عمل ڪرڻ, (7). سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکي ڇپرائڻ, (8). هڪ معياري رسالو ڪڍڻ.
  "سنڌي ساهت سڀا" جي ان وقت هينئن چونڊ ڪئي وئي: پرنسپال شاهاڻي (صدر), ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽو (نائب صدر), لالچند امرڏنومل ۽ مسٽر عبدالحق (ٻئي جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ آسانند مامتورا (خزانچي). ان کان سواء هڪ انظاميه ڪميٽي بہ جوڙي وئي.
"سنڌي ساهت سڀا" هندو توڙي مسلمانن جي هڪ گڏيل جماعت هئي ۽ انھيءَ طرفان ادبي ڪانفرنسون پڻ ٿيون. هن ادبي جماعت جي قائم ٿيڻ واريءَ گڏجاڻيءَ جا تفصيل "اخبار تعليم" جي فيبروريءَ 1930 واري پرچي ۾ شايع ٿيا هئا.

Good Wishes