"گل حيات بابت لکيل منهنجا مضمون".

    ٻہ اڍائي سال ٿيندا جو اسان باباسائينءَ کي ڪراچيءَ مان لڏائي ڳوٺ وٺي آياسين. منهنجي ننڍي ڀاءّ زاهد علي پنهنجو گهر بابا ۽ گل حيات حوالي ڪيو ۽ پاڻ مسواڙي گهر ۾ ڏوڪريءَ طرف وڃي ويٺو. اللّه بابا کي وڏي حياتي ڏئي, هو پنھنجي ڄمار اتي ئي ويهي تحقيقي ڪم ڪندو. مان لاڙڪاڻي رهندو آھيان ۽ روز بابا لاءِ مانجهاندي جي ماني کڻي ايندو آھيان ۽ ڪجھہ وقت بابا سائينءَجي اسسٽنٽ طور فائيل بہ سيليندو صاف ڪندو آھيان ۽ بابا سائين جي ورتل نوٽس جي بنياد تي گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ بابت سنڌيءَ يا انگريزيءَ ۾ مضمون بہ لکندو آھيان. ٻن سالن کان روزانو لکي انٽرنيٽ گروپن تي رکان ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهي اخبارن ۾ ڏيندو آھيان. لڳ ڀڳ هزار مضمون ٿيندا. بابا سائين انھن جي هارڊ ڪاپي ڪڍرائي جلد هڻي گل حيات ۾ رکندو آھي. جيڪي ريسرچ ڪندڙ شاگرد ايندا آھن, اھي منهنجي مضمونن کي نظر مان ڪڍي اندازو لڳائيندا آھن تہ سندن ڪم جو ڪهڙو ۽ ڪيترو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. منھنجا هي مضمون گل حيات جي ويب سائيٽ تي بہ اپلوڊ ٿيل آھن. ھتي انھن سمورن مضمونن جا عنوان تہ لکڻ ناممڪن آھن, ان ڪري ڪجھ عنوان اوهان سان شيئر ڪريان ٿو:
1.گل حيات ۾ لطيفيات تي گڏ ٿيندڙ مواد, 2. هندو مسلم اتحاد لاءِ ھندن جي ڪوششن بابت گل حيات ۾ مواد, 3. گل حيات ۾ گڏ ڪيل متعصبي مذھبي مواد, 4. گل حيات ۾ موجود پراڻا سنڌي رسالا, 5. گل حيات ۾ موجود پراڻا اردو رسالا,6. گل حيات ۾ موجود فوٽن جو خزانو, 7. گل حيات جون اشاعتي خدمتون, 8. گل حيات ۾ موجود قلمي قرآن ۽ ڪتاب, 9. گل حيات ۾ موجود سرڪاري رسالا, 10. ڪتي جي قبر بابت گل حيات جي تحقيق, 11. گل حيات ۾ گانڌيءَ ۽ سنڌ بابت مواد, 12. سنڌ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان اڳ هندن ۽ مسلمانن جي قلمي جنگ بابت گل حيات ۾ مواد, 13.سوانح نگاريءَ بابت گل حيات ۾ مواد, 14. سنڌي لپيءَ بابت هندو ۽ مسلمانن جي اختلاف بابت گل حيات ۾ مواد, 15. گل حيات ۾ آڳاٽين سياسي پارٽين جا ڊاڪيومينٽس, 16.گل حيات ۾ پاڳارن بابت مواد, 17. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌي قلم قبيلي جي ڪردار بابت گل حيات ۾ مواد, 18. ضياءُ الحق جي زماني ۾ سنڌين کي مليل سزائون ۽ گرفتاريون, 19. مولانا عبيدالله سنڌيءَ بابت گل حيات ۾ مواد, 20. ادبي تنظيمن بابت گل حيات ۾ مواد, 21. صحافت بابت گل حيات ۾ مواد.
هي ڪجھ عنوان آھن, جن تي مون لکيو آھي. جڏهن تہ سمورن عنوانن کي هن هڪ پوسٽ ۾ ڏئي نہ ٿو سگهجي.

Good Wishes