ممتاز علي پٺاڻ.
“1946 ۾ سنڌ جا مختيارڪار".

   IMG 20231218 WA01431  1843 کان وٺي انگريزن پنهنجيءَ حڪمرانيءَ ۽ سنڌي سماج بابت اهڙو تہ ترتيب سان مواد محفوظ ڪيو, جنهن جي بنياد تي هزارين ڪتاب ترتيب ڏئي سگهجن ٿا. اهڙي مواد مان کوڙ سارو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. جس هجي بابا سائينءَ کي جنهن جواني ۽ جوڀن اهڙي مواد گڏ ڪرڻ ۾ قربان ڪيو. 
اڄ مان بابا سائينءَ جي نوٽس جي ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهيو هئس تہ هڪ ٿيلھيءَ مٿان "1946 ۾ سنڌ جا مختيارڪار" لکيل هو ۽ مان ان مان سموريون چٽڪيون ڪڍي ترتيب ڏئي پڙھندڙن اڳيان پيش ڪريان ٿو. 
       هنن چٽڪين جي حساب سان 1946 ۾ سنڌ ۾ مختيارڪارن جو تعداد 77 آھي. انھن مان مسلمان مختيارڪار 39 ھئا ۽ غير مسلم مختيارڪار 38 آھن. انھيءَ دور ۾ ريزيڊنٽ, ايڊيشنل سٽي ۽ سٽي ماجسٽريٽن جو تعداد 8 هو. انھن مان 5 هندو ۽ 3 مسلمان هئا. مان مذھبي بنيادن مطابق انگ اکر ڏيڻ کي تحقيقي عيب ڄاڻان ٿو. هندو توڙي مسلمان سڀ سنڌي هئا ۽ اسان کي پنهنجي تاريخ جو مطالعو مذھبي عينڪ پائي ڪرڻ نہ گهرجي. مختيارڪارن جي نالن جي وچور ڏيڻ وقت اسان کي اها ڳالھ ذھن ۾ رکڻي پوندي تہ سنڌي مسلمان جڏهن تعليم پرائڻ شروع ڪئي ۽ نوڪرين ۾ گهريا تہ هنن هندو-مسلم تناسب واري مفروضي کي ختم ڪري ڏيکاريو تہ ڪو مسلمانن کي ڏسي وائسي نوڪريون نہ ڏنيون ويون. هندو يا مسلمان جيتري تعليم ورتي, اوتري هن کي نوڪري ملي. بهرحال اچو تہ اسان 1946 ۾ مختيارڪارن جي نالن جي لسٽ نظر مان ڪڍون:
سوڀراج ميٺارام (ڪراچي), ابوبڪر محمد بخش شيخ (ٺٽو), ميارام هردسنگ (ٺٽو, ايڊيشنل), گوبندرام لوڪچند (ميرپور ساڪرو), اي.ايڇ. مينڌرو (گهوڙا ٻاري), محمد عرس شورو (شاهبندر), محمد علي (ميرپور بٺورو), پرسرام سجناڻي (جاتي), دولترام پنجنسنگ (سجاول), حاجي علي محمد سيوهاڻي (سٽي مختيارڪار حيدرآباد), ارباب علي شاه (حيدرآباد), محمد اسماعيل جعفري (هالا), ماڌوداس ڏاڏلاڻي (ٽنڊو الهيار), بدرالدين شيخ (ٽنڊو الهيار, ايڊيشنل), جيرامداس ڀاٽيا (گوني), مير محمد مهر (ديرو محبت/ماتلي), بيدار بخت (ٽنڊو باگو), پهلاجسنگ گوپالسنگ (بدين), قيمتراء نھچلداس (شڪارپور, ايڊيشنل), ڀاڳچند ڇڳاڻي (شڪارپور), الهڏنو سيال (سکر), هوتچند گوبندرام (ايڊيشنل, سکر), علي احمد سيوهاڻي (ڳڙھي ياسين), رامچند پنجواڻي (روهڙي), چڱومل رعايت مل (پنو عاقل), غلام علي سليماني (گهوٽڪي), غلام علي قريشي (اوٻاڙو), غوث بخش شيخ (ميرپور ماٿيلو), الله بخش عقيلي (قمبر), بولچند آسنداس (ايڊيشنل, قمبر), عبدالغفار جکراڻي (واره), محمد منير (شھدادڪوٽ), محمد عمر ميمڻ (ميروخان), شامداس هيمنداس (لاڙڪاڻو), هرداس مل هڱوراڻي (ايڊشنل, لاڙڪاڻو), شاه محمد شيخ ( رتوديرو), موتيرام بجلاڻي (ڏوڪري), نارائڻداس گرڏنومل (نواب شاه), اي.جي.ڊسوزا (ايڊيشنل, نواب شاه), محمد حسين ميمڻ (شھدادپور), دولترام جڳتياڻي (ايڊيشنل, شھدادپور), عبيدالله ميمڻ (سنجهورو),  سڪندر علي شاھ (نوشھرو), سکرامداس (ڪنڊيارو), جمال الدين آرائين (مورو), ٽھلرام ڀاڳيا (سڪرنڊ), حبيب الله بلوچ (ميرپور خاص), جڳتراء لوڪچند (جيمس آباد), نظر محمد ٽڳڙ (ڊگري), گوڪلداس ناگواڻي (عمر ڪوٽ), نصرالله قريشي (کپرو), مهر لال شاهديومل (سامارو), محمد خان سومرو (سانگهڙ), نارائڻداس ڏيارام (مٺي), محمد اشرف شاه (ڇاڇرو), دين محمد آرائين (ڏيپلو), محمد مقيم (نگرپارڪر), عبدالحميد شيخ (ڪوٽڙي), عبدالرحمان آرائين (سيوهڻ), گنگارام ريلارام (دادو), آر.ڪي.ڀوڄواڻي (جوهي), عبدالرحيم شيخ (ڪڪڙ), عبدالعليم عقيلي (ميهڙ), ٿانورداس چندناڻي (ايڊيشنل, ميهڙ), گوبندرام کيمچند (جيڪب آباد), محمد اسماعيل ميمڻ (ڳڙھي خيرو), ڪرمچند اوڌوداس (ڪنڌڪوٽ), ريلومل ڀاٽيا (ايڊيشنل, ڪنڌڪوٽ), گوپالداس جڳشيا (ٺل), ساڌورام سهجراء (ڪشمور), هوتچند لالچنداڻي (حضور مختيارڪار ڪراچي), ميٺارام پيسومل (حضور مختيارڪار حيدرآباد), نھچلداس آچاره (حضور مختارڪار سکر), علي اڪبر شاه (حضور مختيارڪار لاڙڪاڻو), ڪشنچند آئلداس (حضور مختيارڪار نواب شاه),محمد بلاول (حضور مختيارڪار ميرپور خاص) ۽ محمد صديق شمس الدين  (حضور مختيارڪار دادو).

Good Wishes