ممتاز علي پٺاڻ.
"بابا سائينءَ جا اڻ-ڇپيل پر اپلوڊ ٿيل ڪتاب"
   منھنجو والد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 1980 کان لڳاتار لکندو پيو اچي. ڪن ڳالهين جو هن رڪارڊ قائم ڪيو آھي, ان کي في الحال ڪوئي ٽوڙي نہ ٿو سگهي. انھن مان هڪ مثال اهو آھي تہ هڪ دفعي هڪ ئي وقت ٽن اخبارن (هلال پاڪستان, جاڳو ۽ عوامي آواز) ۾ ھفتيوار ڪالم لکيائين ۽ اهي سال کن هليا. ٽنهي اخبارن جي ڪالمن جا موضوع الڳ الڳ هئا. ٻيو مثال هيءُ آھي تہ لڳاتار اٺن ڏهن سالن کان سندس ڪالم (تاريخ جي دري) "ڪاوش“ ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو. 
     بابا سائينءَ جا ويهارو کن ڪتاب شايع بہ ٿيا آھن, پر سندس اڻ-ڇپيل ڪتابن جو تعداد تمام وڏو آھي. انھن ڪتابن جي ڇپائيءَ تي خرچ ڪرڻ بدران, انھن مان آھستي آھستي اهي مسودا گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکندو پيو وڃي. هن وقت تائين جيڪي اڻ-ڇپيل ڪتاب ويب تي رکيا ويا آھن, اهي هي آھن:
     (سنڌي ڪتاب):
1. ڪهاڻيون ٻارن ۽  يارن لاءِ.
2. ڪجھ ڪالم.
3.مقالا ۽ مضمون.
4.صبح جا سلام.
5.شام جا سلام.
6. رات جا سلام.
7. ايڊيٽر نامو
8. اخبار نامو - پراڻيون اخبارون ۽ رسالا
9. سنڌ جي واقعاتي تاريخ.
    (انگريزي ڪتاب):
1. Correspondence of Political Agents of the bahamas East India Company Government regarding Sindh Mission.
2. Law & Order situation of Sindh in 1941-42.
3. Sindh in 1941.
4. Sindh in 1942.
5. English Poetry of Sindh.
6. Pottenger and his correspondence.
7.Chronology on contribution of Hindus during British Period.
8. Sindh Historical Society.
9. Chronology of the Sindh Khilafat Committee.
10. Masjid Manzalgah.
11. Commercial and Political Relation Between Sindh and Briatin 1612 to 1843.
12. Source Material on Om Mandli.
12. Sindh History Events 1843-1947.

Good Wishes