ممتاز علي پٺاڻ
ڊاڪٽر پٺاڻ جون ترتيب ڏنل ڪرانالاجيونfacebook 1703168956100 7143608365249384575
هاڻي هي ڳالھ ”پدرم سلطان بود" واريءَ چوڻي کان گهڻو مٿي ۽ بنھ سچائيءَ واري کاتي ۾ اچي ٿي. سچ اهو آھي تہ هن دور ۾ منھنجو والد صاحب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ واحد محقق آھي, جنھن موجوده دور, انگريزن جي دور ۽ ٽالپورن جي دور سان لاڳاپيل تاريخي اهميت وارو مواد نہ فقط گڏ ڪيو آھي, پر ان تي تحقيق ڪري ڪيتريون ڪرانالاجيون ٺاهي, پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيون آھن. انهن مان هر هڪ ڪرانالاجي ضخامت جي لحاظ کان هڪ ڪتاب آھي. سندن ڪي ڪرانالاجيون آھن:
(1). Om Mandli
(2). Masjid Manzalgah
(3). Pottenger on Sindh
(4). Sindh in 1941
(5). Sindh in 1942
(6). Khilafat Tahrik
(7). Kalabagh Dam
(8). Commercial and Political relations between Sindh and Britain 1612-1843.
 مون اڄ ھن آخري ڪرانالاجيءَ جي حوالي سان ڪي گذارشون عرض رکڻ گهران ٿو.
    انگريزن سنڌ تي فيبروري 1843 ۾ قبضو ڪيو. ليڪن سنڌ تي فرنگين جي نظر ان کان بہ ٻہ اڍائي صديون اڳ کان هيون. مغلن جي بادشاهيءَ ۾ انگريز واپاري سهولتون وٺڻ لاءِ مغلن جي درٻار جون حاضريون ڀريندا هئا.
اسان کي خبر آھي تہ انھيءَ زماني ۾ الينگزيڊر هيملٽن مغلن ڏي ويندي سنڌ مان گذريو هئو. هن ٺٽي شھر لاءِ لکيو آھي تہ هن شھر ۾ ڪيتريون يونيورسٽيون آھن.
    بابا سائين سنڌ ۽ برطانيہ جي تجارتي ۽ سياسي لاڳاپن جي انگريزيءَ ۾ جيڪا واقعاتي تاريخ لکي آھي, اها 1612ع کان شروع ٿئي ٿي. انھيءَ زماني ۾ انگريزن سنڌ ۾ ٻہ واپاري ڪوٺيون کوليون. سڀ کان پهريون ميان غلام شاه ڪلهوڙي انگريزن کي اهڙي اجازت ڏني. ٻيو دفعو ٽالپورن جي دور ۾ ناٿن ڪرو سندن منظوريءَ سان ڪراچيءَ ۾ ڪوٺي کولي. پوءِ جڏهن ميرن کي شڪ پيو تہ ناٿن ڪرو سنڌ ۾ رهي جاسوسي پيو ڪري تہ هن کي واپاري ڪوٺي بند ڪرڻ لاءِ چيائون. 1612 کان 1843 تائين کوڙ واقعا ٿيا. انھن مان اهم واقعن جو مختصر مگر جامع نموني ذڪر بابا سائينءَجي مرتب ڪيل ڪرانالاجيءَ ۾ موجود آھي. هر واقعي جو ڪرانالاجيءَ ۾ حوالو ڏنو ويو آھي تہ جيئن محقق ۽ مورخ ان تي وڌيڪ مطالعو ڪري سگهن

Good Wishes