ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  جڏهن مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ون-يونٽ خلاف ٺھراءُ پاس ڪيو“

 
 FB IMG 1660040052623
ممتاز علي پٺاڻ. “جڏهن مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ون-يونٽ خلاف ٺھراءُ پاس ڪيو". ون-يونٽ بابت هڪ اڌ ڪتاب بہ اچي چڪو آھي. مون بہ انھيءَ موضوع تي چار پنج پوسٽون لکيون. باباسائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجيءَ هڪ پوسٽ ۾ لکيو تہ اسان ون-يونٽ جي "واقعاتي تاريخ" مرتب ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آھي. ڳالهيون گهڻيون ڪندا آھيون ۽ ڪم گهٽ ڪندا آھيون. گل حيات ۾ جيڪو ون-يونٽ بابت مواد پيو آھي, اهو ٻڌائي ٿو تہ 1955ع تائين جي.ايم.سيد جي اڳواڻيءَ ۾ ون-يونٽ خلاف عوامي تحريڪ هلي. ائنٽي ون-يونٽ جي اڳواڻن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عوامي ميڙاڪا ڪيا. ون-يونٽ مڙھجي وڃڻ کان وٺي ويندي ون-يونٽ ٽٽڻ تائين, جي.ايم.سيد ۽ سندس ساٿين ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ ۾ بہ ون-يونٽ خلاف ڪم ڪيو. ليڪن ڏهن پندرنھن سالن تائين اسان سنڌ جي تاريخ جا ورق خالي خالي آھن. انھن تي اسان کي ڪم ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جو اهو قرض سياسي سوچ رکندڙ ليکڪن ۽ دانشورن کي لاهڻ گهرجي. گل حيات ۾ ون-يونٽ خلاف بابا سائينءَ جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي, ان ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي 17 مارچ 1957ع واري اها ڪاروائي بہ شامل آھي, جڏهن غلام مصطفا خان ڀرڳڙيءَ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ اسيمبليءَ کان پاس ڪرايو تہ هيءَ اسيمبلي قومي اسيمبليءَ تائين مطالبو پهچائي ٿي تہ ون-يونٽ کي ٽوڙي, چار يا وڌيڪ خود مختيار صوبا بڻايا وڃن. انھيءَ ٺھراءَ جا انگريزي لفظ هي آھن: "That this Assembly recommends to Government to communicate the views of this Assembly that the Province of West Pakistan be reconstituted as a sub-federation with four or more fully autonomous Provinces". اهو ٺھراءُ پيش ڪندي, ڀرڳڙي تفصيلي ۽ مدلل تقرير ڪئي. اها وڏي تقرير آھي, ڪنهن مناسب موقعي تي اها الڳ پيش ڪندس. هن پنهنجيءَ تقرير ۾ پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌ جي خدمتن ۽ قربانين جو ذڪر ڪيو آھي. هو تقرير ۾ چئي ٿو تہ " جي.ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ کان پاڪستان جو ٺھراءُ پاس ڪرايو ۽ اهو اهڙو پهريون ٺھراءُ هو, جيڪو ڪنھن بہ صوبائي اسيمبليءَ پاس نہ ڪيو هو." سنڌي شاهنواز پيرزادي شديد مخالفت ڪئي تہ اهو ٺھراءُ پاس نہ ٿئي. ٻين جن ٺھراءَ جي مخالفت يا موافقت واري بحث ۾ حصو ورتو, اهي آھن: ميان محمد شفيع, چوڌري فرزند علي, پيرزاده مولوي محمد اسلام الدين, رانا گل محمد نون, عبداستار پيرزادو وزير, سيد جميل رضوي, شيخ ظفر حسن, جي.الانا, خان صفي الله خان, ملڪ فيض حسين, قاضي مريد احمد, جي.ايم.سيد, ميجر جنرل جمال دار, قاضي فضل الله, مير علي بخش ٽالپور, مير علي مردان ٽالپور, مير نبي بخش خان ۽ پير الاهي بخش. آخر ۾ ٺھراءَ تي ووٽنگ ڪرائي وئي. 170 ميمبرن ٺھراءَ جي حق ۾ ۽ 4 ميمبرن ٺھراءَ جي مخالفت ۾ حق ڏنو. جن ٺھراءَ جي مخالفت ڪئي, اهي هئا: رانا غلام شبير خان, شاهنواز پيرزادو, ميان محمد شفيع ۽ مسز ايس.پي.سنگها. هن ڪاروائيءَ ۾ حصو وٺندي ميان شفيع محمد بہ وڏي تقرير ڪئي هئي ۽ چيو هو تہ اسان واگها وٽان پنجاب کي ڪٽي پاڪستان کي قائم ڪرڻ ۾ قرباني ڏني. هن ڪاروائيءَ دوران جي.ايم.سيد جي ڪيل تقرير بہ تمام اهم آھي ۽ سندس سياسي تدبر جي جهلڪ ڏئي ٿي. وقت مليو تہ آئون اها سموري تقرير بہ دوستن سان ونڊيندس.

Good Wishes