ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  جي.ايم.سيد واري آل پاڪستان پيپلز پارٽي“

 FB IMG 1660039761439
 “جي.ايم.سيد واري آل پاڪستان پيپلز پارٽي". سنڌ سان محبت جو اهو بہ هڪ طريقو آھي تہ هن ڌرتيءَ جي ماضيءَ کي محفوظ ڪيو وڃي. گل حيات/بابا اهو فرض مثالي ۽ معياري انداز سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. سنڌ جي شخصيتن, واقعن ۽ ادارن/تنظيمن/جماعتن بابت جيئن اسان مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪئي آھي ۽ ان کي محفوظ ڪيو آھي, اھو سرڪاري/درٻاري ادارا يا فردن لاءِ هڪ مثال آھي. پيپلز پارٽيءَ جي نالي سان هيءَ جماعت: " آل پاڪستان پيپلز پارٽي" 1948 ع ۾ قائم ٿي. انھيءَ کان اڳ جڏهن اڃان سنڌ ممبئيءَ کان الڳ نہ ٿي هئي, تہ ان وقت بہ "سنڌ پيپلز پارٽيءَ" جي نالي سان سر شاهنواز ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ پارٽي ٺھي هئي. مون ان پارٽيءَ تي تفصيل سان لکيو ۽ سنگت سان شيئر ڪيو آھي. پاڪستان کان اڳ وارين سياسي پارٽين بابت سوين صفحا گل حيات ۾ موجود آھن. 1947ع کان پوءِ ويندي اڄوڪي ڏينھن تائين سنڌ ۾ جيڪي پاڪستان سطح ۽ سنڌ سطح جون پارٽيون ٺھيون ۽ فعال رهيون, انھن بابت بہ تمام گهڻو مواد منهنجي والد گڏ ڪيو آھي. “آل پاڪستان پيپلز پارٽي" جي.ايم.سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڪوششن جو نتيجو هئي ۽ هن انھيءَ پارٽيءَ جي اڳواڻي خان عبدالغفار خان جي حوالي ڪئي, جيئن "سنڌ پيپلز پارٽي" جي اڳواڻي سر شاهنواز ڀٽي جي حوالي ڪئي هئي. Pakistan Year Book 1949 جي صفحي نمبر 742 تي لکيو ويو آھي ته ھيءَ آل پاڪستان پيپلز پارٽي خان عبدالغفار خان جي اڳواڻيءَ ۾ بڻائي وئي ۽ ان جو مقصد هو Pakistan should be a union of free Socialist Republic in which poverty , illiteracy and Class domination would be eliminated. هن پارٽيءَ جو ڪنوينشن 8 مئي 1948 تي ڪراچيءَ جي مسلم ڪالوني مسجد هال ۾ ٿيو, جنهن ۾ سرحد, پنجاب ۽ سنڌ جي 64 سياستدانن ۽ سنڌ جي شاگردن شرڪت ڪئي. سنڌ مان شرڪت ڪندڙ سياستدان هئا: جي.ايم.سيد, سيد حسن بخش شاه, مولانا محمد صادق, شيخ عبدالمجيد سنڌي, سيد غلام حيدر شاه, مولانا عبدالحق رباني, مولوي نذير حسين, حڪيم محمد يعقوب, علي محمد مڪراني ۽ پير حسام الدين شاه راشدي. اهڙيءَ ريت جن سنڌي شاگردن يا شاگرد اڳواڻن ھن پارٽيءَ جي ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي, اهي هئا: شيخ عبدالستار, شفيع محمد انصاري, شيخ نور الاهي, محمد صديق ميمڻ, محمد حسن سمون, سيد نورالله, علي نواز وفائي, عبدالستار افغاني, محمود مڪراني, منشي آدم, محمد بچل سومرو, عبدالواحد سومرو, يار محمد شاه, ستابو شاه, غلام محمد شاه, سيد محمد شاه ۽ پير محمد بخش. شام جو جي.ايم.سيد جي رهائش گاه تي "سبجيڪٽ ڪميٽيءَ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن پارٽيءَ جي آئين واري ڊرافٽ تي ويچار ڪيو ۽ منظور ڪيو. پارٽيءَ جي لاءِ هڪ ايڊهاڪ ڪميٽي ٺاهي ۽ ڪجھ ٺھراءَ تجويز ڪيا. گل حيات ۾ ”آل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ" جا آئين کان سواءِ ٻيو گهڻو ڪجھہ مواد موجود آھي ۽ اهو ايترو مواد آھي جو هڪ مفصل ڪتاب لکي سگهجي ٿو

Good Wishes