ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  هوم رول ليگ جي سنڌ ۾ مخالفت“

 
 Mumtaz 11zon
“ هوم رول ليگ جي سنڌ ۾ مخالفت". سنڌ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ڪيترا ئي رک اختيار ڪيا: * هوم رول ليگ هندن جي سهڪار سان هندوستان جي آزاديءَ جو خواب ڏسڻ گهريو, * امن سڀا وري انگريزن جي راڄ کي قائم رکڻ لاءِ ھٿ پير هلايو, * خلافت تحريڪ وري مذھب کي بنياد بڻائي آزاديءَ جي ڳالھ ڪئي, * ڪانگريس گڏيل هندوستان جي روپ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ هلائي, * مسلم ليگ گڏيل هندستان بدران هندستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي آزادي وٺڻ جي ڳالھ ڪئي. “هوم رول ليگ" سنڌ ۾ ”ڪانگريس“ ۽ ”مسلم ليگ" هوندي بہ ٻنھي پارٽين کان اڳ ۾ وڌيڪ فعال رهي. هن پارٽيءَ جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ تي جامع مواد گڏ ڪري, منھنجي والد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيو آھي. بابا پنهنجي ڇپيل ۽ ويب تي رکيل ڪتاب "ادب ۽ ماحول" ۾ ”ھوم رول ليگ" جي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي پيل اثرات تي تفصيلي روشني وڌي آھي. "هوم رول ليگ" طرفان جيڪي سنڌيءَ ۾ ڪتاب يا رسالا نڪتا, انھن جو احوال بابا جي انھيءَ ڪتاب "ادب ۽ ماحول" ۾ موجود آھي. اڄ بابا جي ورتل نوٽس جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندي, ”ھوم رول ليگ" بابت اضافي معلومات نظر مان گذري ۽ سوچيم تہ اها بہ سنگت سان شيئر ڪجي. "هوم رول ليگ" ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ ٻيا مشهور سياستدان عهديدار ۽ ميمبر ٿي رهيا, ليڪن هن پارٽيءَ ۾ مسلمانن جي ڀيٽ ۾ ھندن جو تعداد وڌيڪ هو. البت "هوم رول ليگ" جي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۽ ٿيالاجيڪل سرڪل طرفان هفتيوار ليڪچر ٿيندا هئا تہ انھن ۾ هندو, مسلمان, سک ۽ پارسي شريڪ ٿيندا هئا. "هوم رول ليگ" جو مکيہ اڳواڻ جمشيد ميهتا هئو. هو انسان-دوست ۽ ملنسار ماڻھو هئو, ان ڪري سندس گهرا مسلمان دوست هن معرفت "هوم رول ليگ" تائين پهتا. پر سنڌي مسلمان سياستدانن جي اڪثريت نہ فقط "هوم رول ليگ" کان پري رهي, انھن مان ڪيترن هن پارٽيءَ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ باقي مسلمانن کي "هوم رول ليگ" کان پري رهڻ جي تلقين ڪئي. انھن ۾ شمس الدين بلبل, حڪيم فتح محمد سيوهاڻي, سندس مائٽ (حيدرآبادي قاضين جو وڏو) حڪيم عبدالقيوم, شيخ نور محمد ۽ منشي امين الدين جا نالا مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا. “هوم رول ليگ" جي مخالفن جو خيال هو تہ هيءَ پارٽي سياسي ۽ نظرياتي طور سنڌ جي مسلمانن جي خلاف آھي. سندن چوڻ مطابق "هوم رول ليگ" "غير حاضر قيادت" جي تصور کي اڀاري ٿي ۽ ماڻھن کي آسري ۾ ٿي رکي تہ ايندڙ دور ۾ ڪو اڳواڻ ايندو, جيڪي عوام جا مسئلا حل ڪندو. "هوم رول ليگ" جي سنڌي مسلمان سياستدانن جو خيال هو تہ اها سوچ عيسائي مذھب مان اڌاري ورتل آھي ۽ اها ڳالھ مسلمان بہ مڃيندا آھن تہ حضرت عيسا واپس ورندو. نقادن جي نظر ۾ ”ھوم رول ليگ" وارو "غير حاضر قيادت" جو تصور ماڻھن کان "پاڻ تي ڀاڙڻ" واري سگھہ کسي وٺندو. ٿياسافيءَ وارن پوءِ ڪرشنا مورتيءَ کي اهڙي آدرش طور بہ پيش ڪيو ۽ اها ڳالھہ بہ سنڌ جي مسلمانن قبول ڪانہ ڪئي. "هوم رول ليگ" خلاف گهڻي کان گهڻو ميهڙ واري سنڌ جي نامياري شاعر ۽ صحافي شمس الدين بابل لکيو. هن جي لکيل ۽ شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”ھوم رول ليگ" خلاف کوڙ مواد موجود آھي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ”هوم رول ليگ" خلاف ڪيترا پمفليٽ لکيا ۽ انھن مان ڪجھ گل حيات ۾ موجود آھن

Good Wishes