ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل انڊين نئشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس“

 
 Mumtaz 11zon
Tue, Aug 9 at 3:05 PM ممتاز علي پٺاڻ. “ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل انڊين نئشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس". آئون ماضيءَ جون ڪهاڻيون ٻڌائي, اوهان جو وقت ضايع نہ ڪندو آھيان. سمجهان ٿو تہ ڪيترن پڙهندڙن کي هنن ورقن پڙھڻ ۾ مزو نہ بہ اچي. پر پوءِ بہ منھنجي لکڻين مان دانش ۽ بصيرت وارن کي ڪيترا درس ملي ويندا. ماضيءَ جا ورق جيڪي منهنجي والد گڏ ڪيا آھن, اهي نہ فقط تاريخ جي "مسنگ لنگس" جي نشاندهي ڪن ٿا, پر اسان ۾ اهو اتساھہ بہ پيدا ڪن ٿا تہ اسان انھيءَ کي بنياد بڻائي تاريخ ۾ لکيل اڌورين ڳالهين کي مڪمل ڪريون. گل حيات ۾ باباسائينءَ جي اڻ ٿڪ محنت جي نتيجي ۾ ورهاڱي کان اڳ وارين سمورين سياسي پارٽين جو جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي, انهن ۾ ”سنڌ ڪانگريس ڪميٽي" بہ هڪ آھي. سنڌي هندو لڏي ويا ۽ انھن اتي يادگيرين جي بنياد تي تہ ڪانگريس جو احوال لکيو آھي, پر گل حيات ۾ سنڌ جي مختلف اخبارن مان نوٽس وٺي ڪانگريس بابت مستند مواد گڏ ڪيو آھي, جيڪو مواد سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ھندن وٽ ڪونهي. انھيءَ مواد مان ڳچ مواد گل حيات جي ويب تي بہ رکيل آھي. جڏهن "سنڌ ڪانگريس" جي ڳالھ ڪبي تہ "انڊين نئشنل ڪانگريس" جي ٻن سالياني اجلاسن جو ذڪر ضرور نڪرندو, جيڪي ڪراچيءَ ۾ ٿيا. انھن مان سنڌ ۾ پهريون اجلاس ڊسمبر جي 26.27 ۽ 28 تاريخ تي سال 1913ع ۾ ٿيو هو. اجلاس جي صدارت نواب سيد محمد بهادر ڪئي هئي. هن اجلاس لاءِ جيڪا سنڌين "آڌرڀاءُ ڪميٽي" ٺاهي هئي, ان جو تفصيل هن ريت آھي: * چيئرمن هرچند راءِ وشنداس * جنرل سيڪريٽريز راءِ بهادر هيرانند کيمسنگ ۽ غلام علي چاگلا * سيڪريٽريز لوڪومل چيلارام, ڪلومل پهلومل, جهامنداس ولڀداس ۽ درگداس بي.آڏواڻي. * خزانچي ديپچند اوجها ۽ شيوارام ڏيوڻمل * رضاڪارن جو ڪپتان لالا موتي لال. هن اجلاس کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ 200 کان مٿي هندو, مسلمان, سکن ۽ پارسين حصو ورتو. سنڌ جي مختلف شهرن مان 500 وفدن جي صورت ۾ ھن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جيڪي وفد ٻين هنڌن کان آيا, اهي هئا: برار, ممبئي, گجرات, يو.پي, لاهور, پاٽنه, الله آباد, لکنو, اوڌ, شاهجهان پور, سيتاپور, مدراس, بينگال ۽ بهار ۽ ڪئناڊا. هي اهو زمانو هئو, جڏهن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جون راهون هڪ ٻئي کان جدا نہ ٿيون هيون ۽ مسلمان ڪانگريس جي جلسن ۾ بہ شرڪت ڪندا هئا. هن اجلاس جي جيڪا "سبجيڪٽس ڪميٽي" ٺھي هئي, ان ۾ محمد علي جناح بہ ميمبر هو. ڪميٽيءَ جا ٻيا سنڌي ميمبر هئا: هرچندراءِ وشنداس, غلام محمد ڀرڳڙي, غلام علي چاڳلا, راءِبهادر هيرانند کيمسنگ, لوڪومل چيلارام, جهامنداس ولڀداس, ڪالومل پهلومل ۽ درگداس بي آڏواڻي. اجلاس ۾ 22 ٺهراءَ پاس ڪيا ويا هئا ۽ جن سنڌي سياستدان ٺھرائن پيش ڪرڻ يا انھن جي پٺڀرائي ڪئي, اهي هئا: هرچندراءِ وشنداس, هيرانند کيمسنگ, مٿراداس رامچند, ڪشنداس جهامراءِ, مير ايوب, گوپاداس جهمٽمل, لالچند نولراءِ, عبدالرحمان ۽ ٺاڪرداس کيمچند. هن اجلاس ۾ ”آڌرڀاءُ ڪيميٽيءَ" جي چيئرمين هرچندراءِ وشنداس ۽ اجلاس جي صدر طويل تقريرون ڪيون, جيڪي الڳ ڪتابڙي جي صورت ۾ شايع ڪرائي سگهجن ٿيون. هرچندراءِ وشنداس پنهنجيءَ تقرير ۾ سنڌ جي ثنا بہ ڪئي تہ سنڌ جا سور بہ ٻڌايا. هن پنهنجيءَ تقرير ۾ انھيءَ ڳالھہ تي خوشيءَ جو اظھار ڪيو آھي تہ هندو توڙي مسلمان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪي خدمت ڪري رهيا آھن ۽ اهو هندو-مسلم اتحاد ئي اسان جي روشن مستقبل جو ضامن آھي

Good Wishes