ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ماهوار اخبار تعليم جي انڊيڪس“


mahawar ikhbar taleem
 ممتاز علي پٺاڻ. “ماهوار اخبار تعليم جي انڊيڪس". ماهوار رسالو "اخبار تعليم" 1902ع سنڌ جي تعليم کاتي جاري ڪيو ۽ ٿورن وقفن ۽ جهٽڪن کان سواءِ اسان جي دور ۾ بہ نڪرندو رهي ٿو. گل حيات جي ويب سائيٽ تي "ڪجھ پراڻا رسالا" جي عنوان سان جن رسالن جو ڀرپور تفصيل موجود آھي, انھن ۾ “اخبار تعليم" بہ شامل آھي. بابا سائينءَجي مطالعي جو پنهنجو هڪ منفرد ۽ انوکو طريقو رهيو آھي. هن جڏهن ڪو ڪتاب پڙهيو تہ ان مان "نوٽس" ضرور ورتائين ۽ ڪو رسالو يا اخبار پڙھيائين تہ ان جي انڊيڪس/مواد ڏسڻي ٺاهيندو ويو. انهن انڊيڪسن مان پراڻي رسالي "سنڌو" جي انڊيڪس تہ گل حيات جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ٿيل آھي. بابا "اخبار تعليم" جي ابتدائي 15 سالن ۽ موجوده دور جي ڪجھ سالن جي انڊيڪس ٺاهي رکي آھي. هن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ جن سالن جا پرچا کيس پڙھڻ جو موقعو مليو آھي, بابا انھن جي انڊيڪس ٺاهي آھي. "اخبار تعليم" جي انڊيڪس ٺاهڻ/مرتب ڪرڻ لاءِ بابا هڪ پروفارما سائيڪلواسٽائيل ڪرايو ۽ ان مطابق "اخبار تعليم" ۾ شايع ٿيل مواد بابت تفصيل لکندو ويو آھي. انھيءَ پروفارما ۾ هي 12 سوال ذھن ۾ /پروفارما ۾ رکيا اٿس: 1. مهينو ۽ سال, 2. جلد ۽ شمارو, 3. ايڊيٽر, 4.عنوان, 5.مضمون/موضوع, 6. اصل ٻولي, 7. اصل ٻوليءَ وارو عنوان, 8 اصل ليکڪ, 9. مترجم, 10.صنف, 11. صفحا, 12. ڪيفيت يا ٿورو تفصيل. "اخبار تعليم" جي پراڻن پرچن ۾ في پرچي جي حساب سان ڏهاڪو کن ليک آھن. انھيءَ حساب سان ھڪ سال لاءِ (10×12=120) هڪ سو ويھ پروفارما ڀريا اٿس. بابا جي مطالعي جو طريقو شاگردن ۽ نون محققن کي دڳ ڏسي ٿو تہ مطالعو ڪيئن ڪجي ۽ ان مان پنهنجي مطلب جون ڳالهيون نوٽس وٺي ڪيئن ڪڍجن. تحقيق ڪندڙن لاءِ "انڊيڪس" کين پنهنجي مقصد واري مواد ڳولهڻ ۾ آساني ڏيندو آھي. ليکڪ/محقق هزارين صفحا پڙھن بدران "انڊيڪس" ذريعي مواد ڳولهي پنهنجو قيمتي وقت بچائي سگهن ٿا. بابا الائي ڪيترن ڪتابن ۽ رسالن جي انڊيڪس ٺاهي آھي. اڄ منھنجي نظر جڏهن "اخبار تعليم" جي انڊيڪس تي پئي تہ سوچيم تہ ان بابت پوسٽ لکي دوستن ۾ ورهايان. انھيءَ "انڊيڪس" مان "اخبار تعليم" جي سال 1904ع جي هڪ اڌ پرچي جي انڊيڪس مثال طور عرض رکان ٿو: 1).مهينو ۽ سال: جنوري 1904, 2). جلد 2, شمارو 10, 3). عنوان: "گانءَ بابت گيت". 4). اصل ٻولي: سنڌي, 5. شاعر: هوتچند ٽيڪواڻي, 6. مضمون: ٻاراڻو ادب, 7. صنف: شاعري, 8. رسالي جا صفحا: 8 کان 9, 9. تت: هن گيت ۾ ٻارن کي ڳئون جي اهميت ۽ افاديت ٻڌائي وئي آھي. **** ساڳيو شمارو. جنهن جي ٽيڪنيڪل معلومات مان هتي نہ لکان. پر اضافي معلومات ڏيان ٿو 1). عنوان: شاه صاحب جي هلت چلت ۽ مذھبي خيال, 2). مضمون: سوانح, 3). اصل ٻولي: سنڌي, 4). ليکڪ: محمد صديق مسافر, 5). صنف: شاعري, 6). رسالي جا صفحا: 14 کان 16 7). تت: هي ساڳي سلسلي جي ٽين ڪڙي آھي, جنهن ۾ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي منظوم سوانح ڏني وئي آھي. **** فيبروري 1904. جلد 2, شمارو 11. 1). عنوان: ڪنول 2).مضمون: سائنس/زولاجي, 3). اصل ٻولي: سنڌي, 4). ليکڪ: پهلاج راءِ واسواڻي, 5). صنف: مضمون, 7). رسالي جا صفحا: 4 کان 7 8).تت: هيءَ مضمون جي ٻي قسط آھي. ان ۾ ڪنول بابت معلومات ڏني وئي آهي.

Good Wishes