ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  گسٽ مهيني ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون“

 
 Mumtaz 11zon
ممتاز علي پٺاڻ “آگسٽ مهيني ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون". سنڌي ادبي سنگت جي ادبي ۽ تنظيمي حوالي سان هڪ منفرد حيثيت رهي آھي. گل حيات ۾ سنڌي ادبي سنگت بابت گهڻو مواد آھي ۽ انھيءَ آڌار تي ڪيترن زاوين کان سنڌي ادبي سنگت جي خدمتن ۽ سرگرمين تي لکي سگهجي ٿو. مثال طور:
1). سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن بابت سنڌي ادبي سنگت جو موقوف ۽ تحرڪ,
2). سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي, تدريسي ۽ آئيني حق بابت سنڌي ادبي سنگت جي جاکوڙ,
3). سنڌ جي مشهور شخصيتون ۽ سنڌي ادبي سنگت, وغيره وغيره. سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين بابت گڏ ڪيل مواد سالوار يا ماهوار دوستن سان ونڊي سگهجي ٿو. آئون ڪوشش ڪندو آھيان تہ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان ڪنهن نہ ڪنهن مهيني بابت مواد/معلومات تي پوسٽ لکندو آهيان. آگسٽ جو مهينو هلي رهيو آھي. اچو تہ سنڌي ادبي سنگت بابت گڏ ڪيل مواد/معلومات مان آگسٽ مهيني جي ٿورين سرگرمين تي نظر وجهون: مهراڻ يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن کي کوليو وڃي، (روزاني آفتاب 1985/08/02) ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت يونيورسٽي هاسٽلز برانچ جي سيڪريٽري نظام الدين ڀاڳت، جوائنٽ سيڪريٽري امان راهي، خزانچي شعبان وسطڙي ۽ يونٽ جي سڀني ميمبرن هڪ گڏيل بيان ۾ حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي تہ مهراڻ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، ايل ايم سي ۽ سنڌ جي بند ٿيل تعليمي ادارن کي ترت کوليو وڃي ۽ هن تازو ايل ايم سي ۾ ٿيل جهيڙي ۾ اين ايس ايس ايف جي اڳرائي کي ننديو آهي، ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي تہ هن واقعي جي عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي. هڪ ٻئي ٺهراءَ ذريعي هنن مطالبو ڪيو آهي تہ ٽوڙي واقعي ۾ گرفتار ٿيل شاگردن ۽ سنڌ جي سڀني سياسي قيدين کي جلد آزاد ڪيو وڃي. سنڌي ادبي سنگت مورو طرفان ليڪچر، (روزاني آفتاب 1985/08/02) مورو (جماڻي وٽان) سنڌي ادبي سنگت مورو جي هفتيوار گڏجاڻي زير صدارت محمد هاشم کوسو جي ٿي گذري، جنهن ۾ سائين نواز رڪڻائي دريائي ٻولي متعلق ليڪچر “سڙهہ ٿي پيائون” ڏنو. ليڪچر بابت عبدالحق ميمڻ، محمد قاسم ملاح، نذير قاضي، آچر لنڊ ۽ ٻين ڳالهايو ۽ نواز رڪڻائي کان ليڪچر متعلق سوال پڇيائون، جن جا جواب هن ڏنا. گڏجاڻي جي ڪارورائي سنگت جي سيڪريٽري شمشاد سومري هلائي. خيرپور ناٿن شاهہ ۾ انجمن صحافيان جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/08/02) خيرپور ناٿن شاهہ (ن آ) گذريل ڏينهن پريس ڪلب خيرپور ناٿن شاهہ جي صدر مسٽر تراب علي سانگي جي صدارت ۾ صحافين جي هڪ گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ يونين آف جرنلسٽس جو قيام عمل ۾ آندو ويو. هي تنظيم مقامي صحافين جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ کولي وئي آهي. گڏجاڻي ۾ هيٺيان عهديدار سال 1985/86 لاءِ چونڊيا ويا. صدر عبدالقيوم ٻگهيو (هلال)، نائب صدر گوپي چند، (سنڌ نيوز)، جنرل سيڪريٽري اڪبر علي قريشي، (نواءِ وقت)، جوائنٽ سيڪريٽري محمد اسماعيل (سنڌ نيوز) ۽ خزانچي قربان علي ٻگهيو (مهراڻ). ورڪنگ ڪميٽي تي محمد يوسف ٻگهيو ۽ تراب علي سانگي چونڊيا ويا. س ا س ڪنڊياري جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/08/04) سانگهڙ ( ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪنڊياري شاخ جون چونڊون ضلع رابطه سيڪريٽري عاجز منگيءَ جي نگراني ۾ ٿيون. جنهن ۾ ٿانورداس سيڪريٽري، عباس شر جوائنٽ سيڪريٽري، محمد علي نهڙي آڊيٽر ۽ رضا ڏاهري کي خزانچي چونڊيو ويو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي جي هنگامي گڏجاڻي، سنڌي اديب طارق اشرف جي پريس تي پوليس ۽ سي آءِ اي جي ناجائز مداخلت جي مذمت، (روزاني آفتاب 1985/08/04) ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز برانچ پاران هڪ هنگامي گڏجاڻي برانچ جي سيڪريٽري نظام الدين ڀاڳت جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ تازو سنڌ جي نامور اديب طارق اشرف جي سهڻي پريس تي پوليس ۽ سي آءِ اي جي ناجائز مداخلت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس جي اهڙي بيجا رويه کي هڪ روڪيو وڃي. گڏجاڻي ۾ اهو ٺهراءُ پڻ پاسو ڪيو ويو ته پريس ۽ پبليڪيشن تان پابندوين هٽايون وڃن. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/06) تلهار (ن آ) سنڌي ادبي سنگت برانچ تلهار جي دستوري گڏجاڻي زيرِ صدارت قربان جمالي جي برانچ جي آفيس ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ غلام رسول (غزل)، حبيب جمالي (تاثر)، آصف جمالي (ترجمو)، حميد (شعر) پڙهيو. جنهن تي عظيم چانگ غلام علي، آفتاب جمالي، ڪاظم علي ڪاظمي، زاهد بلوچ تنقيد ڪئي. س ا س ابڙان شاخ جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/08/10) ابڙان ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جون نئين سال 1985-86 جون چونڊون سنڌ ڪائونسلر حبيب مشوريءَ جي نگراني ۾ ٿيون، ڪيترن ميمبرن ۽ همدردن حصو ورتو، جنهن ۾ ثاقب سومرو، مجاهد لڪياري، مشتاق لڪياري، غلام علي سومرو، اعجاز علي سومرو، عبدالرحمان چانڊيه، صدق عبدالستار سيال، غلام شبير عالماڻي، غلام حسين سومرو، صديق سيال، اشفاق سومرو، بشير سنڌي، همدم ڀٽي، محمد بخش سومرو ۽ منصور مشوري حصو ورتو. آخر ۾ سليڪشن ڪري هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. سيڪريٽري ثاقب سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري مجاهد لڪياري، خزانچي همدم ڀٽي، آڊيٽر غلام علي سومرو، پنج رڪني ميمبر مشتاق لڪياري، صديق سيال کي نامزد ڪيو ويو. سنڌ ڪائونسلر لاءِ مجاهد لڪياري کي منتخب ڪيو ويو. ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/13) ٺارو شاهه (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ٺارو شاهه جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت عبدالسلام سومرو جي ٿي گذري، جنهن ۾ شيوارام سنڌي (نظم)، خادم سنڌي (مضمون، نسيم کرل)، شعيب تيوڻو (ٽيڙو)، ۽ عبدالحق ڏاهري (بيت) پيش ڪيا، جنهن تي پڙهندڙن کانسواءِ محبوب علي تيوڻو، عبدالسلام سومرو، سونو خان اُڄڻ ۽ رستم علي تيوڻو تنقيد ڪئي. ڄام ساقي کي آزاد ڪريو، (روزاني آفتاب 1985/08/13) نوان جتوئي (ن آ) سنڌي ادبي سنگت شاخ نوان جتوئي جي خزانچي علي محمد بهراڻي سنڌ هاري ڪميٽي جي ڪارڪنن ادريس جتوئي، جاڳڻ بهراڻي، محمد بخش بهراڻي، محمد عطر، سماجي ورڪر عبدالحميد کوسو، امتياز احمد عمراڻي، ڊي سي ايف جي ورڪرن قربان پنهور ۽ جبار کوسو، پي اين پي تعلقو مورو جي اڳواڻ ڪنور، عامر جدا جدا بيانن ۾ سنڌي هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ڄام ساقي، جيڪو ستن سالن کان مسلسل پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ بند رهندو پيو اچي، ان کي جلد از جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. تاج ۽ ٻين کي مبارڪون، (روزاني آفتاب سنڌ ۾ وڳوڙن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي جج تحت ٽربيونل قائم ڪيو وڃي، سنڌي اڳواڻ سطحي بيانن کان پاسو ڪن: سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي (روزاني هلال پاڪستان 1988/08/198517) ڪنڌڪوٽ (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ڪنڌڪوٽ شاخ جي سيڪريٽري وهاب ڀيو جي جوائنٽ سيڪريٽري حميد سبزوئي، خزانچي اڪبر پٺاڻ، آڊيٽر برڪت گولو ۽ ڪائونسلر ارڏو اترادي هڪ بيان ذريعي تاج جويي کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري (س ا س) چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني اهي. ان کانسواءِ هنن اياز گل، رسول بخش درس ۽ اسير ملاح کي پڻ مبارڪ ڏني آهي. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/21) چمبڙ ( يونس ن آ) گذريل ڏينهن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ محمد زنئور جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت “عاصي” عبدالستار انڙ جي ٿي گذري، جنهن ۾ عاصي ۽ همدرد پنهنجا نطم ۽ سنگت جي سيڪريٽري منظور زنئور ڪهاڻي پيش ڪئي. تنقيد ۾ سڀني دوستن حصو ورتو. هن گڏجاڻي جو خاص مهمان ڦوٽو خان رستماڻي هو. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/22) درٻيلو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي زير صدارت محترم نظر حسين سومرو جي ٿي گذري، جنهن ۾ ممتاز علي مخدوم گيت، اختر ٻيلائي غزل، مستانه بلوچ غزل، مخدوم عبدالرحيم بيت، عبدالهادي ميمڻ بيت، محمد عباسي بيت، محمد يوسف سولنگي ڪهاڻي، عبدالرشيد، عبدالرسول ميمڻ، عبد ميمڻ، عرفان ميمڻ، محمد رمضان، عزيز ڏاهري، قائم الدين پيرزادو، پير الطاف حسين، يار محمد سيال، مختيار مغل، علي شاهه، عبدالرزاق، محمد اسلم تنقيد ۾ حصو ورتو. آخر ۾ مشهور اديب سنڌي ادبي سنگت جي ميمبر مخدوم عبدالرشيد جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪي وويو. ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/23) پيارو لنڊ (پ ر) لطيف ادبي سنگت پيارو لنڊ جي گڏجاڻي خادم حسين بلوچ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ انور گل بيت گلاب، غلام محمد نانگور “غزل”، رحمت الله جمالي، دودو خان بلوچ، ۽ مير گل محمد “مقالا” ۽ ڊاڪٽر گاجن ارباب مستوئي، حاجي ڏنل، عمر خان، خليل احمد بلوچ، الهڏنو، رحيم ڏنو، بابو محبوب سمون، ناگو علي حسن، علي احمد ٿيٻو خان، قائم خان، خان محمد بروهي پنهنجون پنهجون لکڻيون پڙهيون. گڏجاڻي جي آخر ۾ مطالبو ڪيو ويو ته لطيف جي عرس تي عام موڪل ڪئي وڃي. سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/25) سيتا روڊ (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جي دستوري هفتيوار گڏجاڻي 17 آگسٽ تي (دلشاد) بلوچ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ هيٺين اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون لکڻيون پڙهيون. درد جانوري غزل، ادنيٰ جانوري غزل، شهزاد سيتائي غزل، پيرل پرديسي چئوسٽو/غزل، دلشاد بلوچ چئوسٽو/غزل، فياض بلوچ چئوسٽو/غزل گڏجاڻي ۾ پيش ڪيل مذڪوره مواد تي شريڪ دوستن واري واري سان تنقيدي رايا ڏنا. آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ کي الحاق ڏيڻ تي سنڌ سنگت ڪائونسل جو ٿورو مڃيو. تعزيتي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/25) سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1977/08/26) سڪرنڊ ( ن هه) سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي دستوري گڏجاڻي تازو راشد مورائي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ سوني خان ملاح، محمد حسين ڪيرائي، عبدالرحمان منگي، مير محمد پيرزادي ۽ راشدي مورائي شعر پڙهي ٻڌايا ۽ ولڻ ملاح ڪهاڻي پيش ڪئي. ابڙان (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جي هڪ تعزيتي گڏجاڻي سڏائي وئي، جنهن جي صدارت جناب همدم ڀٽي ڪئي. جنهن ۾ سنڌ جي برک اديب ۽ ليکڪ مرحوم سومار علي سومري جي اوچتي دکدائڪ موت تي گهري رنج ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ دعا گهري ويئي ته الله پاڪ شل کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ نصيب ڪري. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/28) ٺارو شاهه (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ٺارو شاهه جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت حاجي خان ڪولاچي جي ٿي گذري، جنهن ۾ هيٺين دوستن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون تخليقون تنقيد لاءِ پيش ڪيون. ايم شعيب (بيت)، گلاب خان اڄڻ (شاهه جو بيت)، ادريس سومرو (بيت)، خادم سنڌي (مضمون) ۽ حاجي خان ڪولاچي (نظم) جن تي پڙهندڙن کان سواءِ ايم عارف، محبوب علي، ارباب ابڙو ۽ رستم تيوڻو ٽيڪاٽپڻي ڪئي. آخر ۾ يڪراءِ ٺهراءَ بحال ڪري تاج جويو کي سنڌ سنگ جو سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني وئي. ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/24) ڄامشورو ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز برانچ جي هفتيوار گڏجاڻي امان راهي جي صدارت هيٺ ٿي گذري. جنهن ۾ حفيظ قريشي غزل، مختيار مڱڻهار نظم، ڄام نظام الدين ڀاڳت گيت، لياقت رضوي آزاد نظم، رشيد سومرو نثري نظام، آتش سنڌي غزل ۽ صدر محفل امان راهي ڊائري جا ورق پڙهي ٻڌايا. جنهن تي مٿين کانسواءِ سرمد سيد، اسحاق سومرو، پير حماد الله، قربان ڪيريو، پير بخش پٺاڻ، اسلم نوناري، نزاڪت علي عباسي، نياز عباسي، محمد علي سومرو تنقيدي رايا پيش ڪيا.

Good Wishes