ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  مرزا ڪاظم رضا بيگ جي ايم. اي سنڌيءَ لاءِ لکيل ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي مونوگراف جو تعارف“

 
 109313084 2668692410070378 2820820794117781242 o
مان اڳ ۾ ٻڌائيندو رهيو آھيان تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ کوڙ سارا پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جا مقالا ۽ ايم ايڊ خواه ايم اي جا مونو گراف موجود آھن. منهنجي ڪوشش رھندي تہ انهن مان گھڻي کان گھڻن مقالن ۽ مونو گرافس جو تعارف ڪرائيندو رھان. اڄوڪي پوسٽ انهئ سلسلي جي ڪڙي آھي.
مرزا ڪاظم رضا بيگ نامياري محقق ڊاڪٽر قاضي خادم جي نگراني ۾ تعليمي سال ۱۹۹۲ ۾ ايم اي سنڌيءَ جي فائينل لاءِ ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي موضوع تي مونوگراف لکيو.
قاضي خادم سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي سرواڻ ۽ استاد ھئڻ دوران پنهنجي شاگردن کان وڏو تحقيقي ڪم ڪرايو. قاضي خادم جي انهن ڪوششن ۽ محنتن تي پي ايڇ ڊي ڪرائي سگهجي ٿي. ھن جو تحقيقي ڪم ۽ ھن جي شاگردن جو تحقيقي پورهيو معيار خواه مقدار جي حساب سان منفرد آھي.
حيدرآباد جا مرزا, مرزا قليچ بيگ کان وٺي ويندي مراد علي مرزا تائين ۽ ممتاز مرزا کان وٺي ويندي نصير مرزا تائين سنڌي ادب جا چمڪندڙ ستارا رھيا آھن ھن مونو گراف جي لکندڙ جو تعلق بہ حيدرآباد جي مرزائن سان آھي. حيدرآباد جا مرزا ٽالپورن جي حڪمراني ۽ سياست ان کان پوءِ سنڌي شاعريءَ توڙي ٻين نثري صنفن ۾ ”ڄاڻ جي کاڻ“ برابر آھن. حيدرآباد جي مرزائن جي ادبي ۽ تحقيقي خدمتن لاءِ ھڪ الڳ انسٽيٽيوٽ ٺاھي سگهجي ٿو.
مرزا ڪاظم رضا بيگ پنهنجي لائق ۽ فائق استاد ڊاڪٽر قاضي خادم جي نگراني ۾ جيڪو ھي مونوگراف لکيو آھي اھو چئن بابن ۽ ۱۵۳ صفحن تي مشتمل آھي. ھي ايم اي جي سطح وارو مونو گراف آھي . مرزا ڪاظم رضا بيگ ۳۸ ڪتابن، نئين زندگي ۽ مھراڻ جي ڪن رسالن کان سواءِ قلمي مواد جو پڻ مطالعو ڪري انهن مان استفادو ڪيو آھي.
ھن مقالي جي پھرئين باب ۾ حيدرآباد جي تاريخ ۽ حيدرآباد جي قلعي بابت معلومات ڏني وئي آھي. ٻئي باب ۾ حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن جو احوال ڏنو ويو آھي ۽ ۳۰ کن صفحن ۾ مير فتح علي خان ٽالپر, مير غلام علي خان ٽالپر,مير ڪرم علي خان ٽالپر, مير مراد علي خان ٽالپر ,مير نورمحمد خان ٽالپر ۽ مير محمد نصير خان ٽالپر جو ذڪر ڪيو ويو آھي. باب ٽئين کي مير شھداد خان ٽالپر جي زندگي جي احوال لاءِ وقف ڪيو ويو آھي جنهن ۾ سندس ولادت کان وٺي وفات تائين, مختصر مگر جامع نموني سان پوري ڪھاڻي ٻڌائي وئي آھي. مير شھداد خان ٽالپر سنڌ جي حڪمران مير نور محمد خان جو پٽ ھيو ۽ ھن جي ولادت ۱۹ ڊسمبر ۱۸۲۲ تي ٿي ھئي. ھي جڏھن ۲۱ سالن جي ڦوھ جواني ۾ ھئو تہ انگريزن فريب سان سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ ٽالپرن جي حڪمراني جي پڄاڻي ٿي.
مرزا ڪاظم رضا بيگ پنهنجي مونو گراف جي چوٿين باب ۾ مير شھداد خان جي شاعري تي روشني وڌي آھي ۽ ان منجهان ڪجه چونڊ ڪلام بہ ڏنو اٿئين.
ھي ايم اي جي سطح جو مونو گراف آھي ۽ ھر وجه کان ان کي مثالي ۽ مڪمل مونوگراف چئي سگهجي ٿو. پر مون کي وڌيڪ ھيءُ چوڻو آھي ۽ ھي صلاح ڏيڻي آھي تہ مير شھداد خان ٽالپر بابت گھڻو ڪجه مواد موجود آھي ۽ سندس شخصيت سياست ۽ شاعري تي پي ايڇ ڊي جو مقالو لکي سگهجي ٿو.
مير شھداد خان ٽالپر باقي ميرن سان گڏ قيد ڪيو ويو ھيو ۽ مرزا ڪاظم رضا بيگ پنهنجي مونوگراف ۾ سندس ھڪ خط جو ذڪر ڪيو آھي جيڪو ھن قيدي شھزادي جي حيثيت ۾ انگريز سرڪار کي لکيو ھيو. مير شھداد خان ٽالپر جا اھڙا ۱۲ خط گل حيات ۾ موجود آھن. انهن خطن پڙھڻ کان پوءِ سندس سياسي بصيرت ۽ مظلوميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مير شھداد خان ٽالپر کي انگريزن باعزت بري ڪيو ھيو. اھڙي نموني سان مير شھداد خان ٽالپر ۽ سندس ڀاءُ مير حسين علي خان ٽالپر جي وچ ۾ پيءُ جي جائداد جي وارثيءَ تي وڏو مامرو متو جنهن جو فيصلو ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي طرفان سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ آئوٽ رام ڪيو ھيو. ھن مونو گراف ۾ انهي خانداني اختلاف جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آھي ۽ گل حيات ۾ انهي تي کوڙ سارو مواد موجود آھي.
وري آئون اھا ڳالھ ورجائيان تہ مرزا ڪاظم رضا بيگ سوانح نگاري جي موضوع تي بھترين ڪم ڪيو آھي پر شاگرد کان وڌيڪ جس سندس استاد ڊاڪٽر قاضي خادم لھڻي, جنهن پنهنجي نگراني ۾ اھڙو معياري مونوگراف لکرايو آھي جيڪو ايم فل جي ڊگريءَ لاءِ لکيل مقالي جھڙو آھي.

Good Wishes