FB IMG 1587892991154
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  خلافت تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.“
 
  ھن کان اڳ مون لاڙڪاڻه خلافت تحريڪ تي پوسٽ لکي ۽ دوستن کي ٻڌايو ھيم تہ مان سنڌ خلافت تحريڪ تي بہ ضرور لکندس ڇو تہ مان لاڙڪاڻي جو آھيان ۽ اھو ڪو غلط تاثر نہ جڙي تہ مان فقط پنهنجي ضلعي جي ڳالھ ڪيان ٿو. سنڌ منهنجي آھي ۽ ان جي چپي چپي سان پيار آھي ۽ ھن عظيم ڌرتي جي بي مثال ماضيءَ سان عشق آھي. مون لکيو آھي تہ اسان نفرتن ۽ محبتن کي پري رکي پوءِ ڪم ڪندا آھيون. ڪو دوست ھجي يا دشمن ڪنهن کي ڳالھ وڻي يا نہ وڻي ان سان اسان جو واسطوڪونهي پر اسان جو واسطو ان ڳالھ سان آھي تہ ڪيئن ۽ ڪھڙي ريت سنڌ  جي تاريخ تي مواد گڏ ڪيون ۽ سٻاجهڙن سنڌين کي اھو ٻڌايون تہ اھي ڪھڙا اھم موضوع آھن جن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي. سو اڄ مان “خلافت تحريڪ“ بابت ڪي ڳالھيون گوش گذار ڪندس.
  انگريزن جي دور ۾ جيڪا وڏي تحريڪ ھلي ۽ جنهن سالن جا سال سنڌ جي ماڻھن کي سياست جي ميدان ۾ سرگرم رکيو اھا خلافت تحريڪ ھئي. ھن پارٽي جي پليٽ فارم تان سنڌين وطن -دوستيءَ ۽ انگريز- دشمنيءَ جا وڏا مثال قائم ڪيا. پر بي باڪيءَ  سان انهي چوڻ جي ضرورت آھي تہ خلافت تحريڪ دوران سنڌين  وڏيون سياسي غلطيون ڪيون. ڇو تہ خلافتي سياستدانن مذھب  ۽ جذبات جو سياست جي ڀاڄي ۾ حد کان وڌيڪ لوڻ مرچ وجهي ڇڏيو. خلافت سنڌ جو مسئلو ڪون ھئي پر ترڪي جو مسئلو ھيو ۽ سنڌ واسي مذھب دوستي ۾ قربانيءَ ۽ ايثار جا سڀ ليڪا لنگهي ورتا. 1924 ۾ ترڪي وارن پاڻ خلافت جي نظرئي ۽ اداري کي ٽوڙيو پر اسان جا وڏڙا پوءِ بہ 10 سال اھا ڳالھ ڪندا رھيا. ھن پليٽ فارم تان مذھب ۽ سياست کي اھڙي ريت ملايو ويو جو اھا نظرياتي پوک جڏھن پچي راس ٿي تہ ان جو فائدو مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ورتو. ھن تحريڪ دوران سنڌي ماڻھون ٽي ٽرينون ڀري افغانستان ڏانهن ھجرت ڪري ويا. اھي ماڻھون مال ملڪيت کپائي سڀ آسرا لاھي نڪري پيا ۽ افغانستان ۾ ڏاڍيون تڪليفون ڏٺائون ۽ انهن مان ڪيترا ماڻھون لٽجي ڦرجي واپس موٽي آيا. ڇو تہ ھجرت تحريڪ ھلائيندڙن ڪا منظم منصوبا بندي نہ ڪئي ۽ افغانستان حڪومت سان ڪو پوليٽيڪل ڊائلاگ ڪري ڪي خاطريون ۽ سھولتون نہ ورتيون. ان ڪري افغانستان حڪومت بہ انگريزن جي دٻاءَ ۾ اچي سنڌي مھاجرن کي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو. سنڌين جي ھجرت سياست ۾ ھڪ غلط مثال قائم ڪيو جنهن مان فائدو 1947 کان پوءِ اسان جي انهن دين ڀائين ورتو ۽ ھٿين خالي سنڌ ۾ پھتا ۽ ھاڻي انهن مان ڪي سنڌ جي ورھائڻ جون ڳالھيون ڪن ٿا.
   ھن پوسٽ سان گڏ مون پنجن ڪتابن جي تصوير ڏني آھي جنهن مان پڙھندڙ اھو اندازو لڳائي سگهن ٿا تہ گل حيات تاريخي اھميت واري مواد کي ميڙڻ چونڊڻ ۽ محفوظ ڪرڻ ۾ ڏاڍي محبت سان محنت ڪئي آھي. خلافت تحريڪ گھٽ ۾ گھٽ 10 سال سرگرم رھي ۽ انهن 10 سالن ۾ جيڪو سياسي لٽريچر ھن پارٽي پيدا ڪيو ان جو مثال ٻي ڪا پارٽي ڏئي نہ سگهي آھي. روزنامه “ الوحيد“ ھن ئي پارٽيءَ جو ترجمان رھي ان ڪري ھن اخبار ۾ سالن جا سال خلافت تحريڪ جي ڳالھ ڇپبي رھي. اھو سمورو مواد گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. منهنجي والد صاحب انهي اخبار جو ۽ ان دور جي “ڊيلي گزيٽ“ اخبار جو ورق ورق ڏٺو ۽ ان منجهان نوٽس وٺي   گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ محفوظ ڪيا آھن. گل حيات طرفان “ خلافت تحريڪ“ جي “واقعاتي تاريخ“ پڻ انگريزي ۾ تيار ڪئي وئي آھي جيڪا اداري جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. ھن تحريڪ دوران ڪيترا ۽ڪھڙا ماڻھون ۽ ڪيترو وقت جيلن ۾ ويا ان جا تفصيل بہ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. جڏھن خلافت تحريڪ طرفان “ عدم تعاون“ جي تحريڪ ھلي ۽ ماڻھن وڏيون قربانيون ڏنيون تہ ڪن عھدا، نوڪريون ۽ رتبا ڇڏيا ۽ ڪيترن مدرسن سرڪاري گرانٽ وٺڻ ڇڏي ڏني. اھي سڀ تفصيل بہ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن ۽ انهن جي ھارڊ  ڪاپي اسان وٽ حاضرآھي.
خلافت تحريڪ جي حوالي سان ٽن قسمن جو سياسي لٽريچر پيدا ٿيو. پھريون اھو جيڪو پارٽي طرفان شايع ڪرايو ويو، ٻيو اھو جيڪو اخبارن ۽  رسالن ۾ شايع ٿيو ۽ ٽيون اھو جيڪو وقت جي سرڪار ۽ انهن جي ساٿين خلافت تحريڪ جي خلاف لکيو. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ اھو ٽنهي قسمن جو سوين صفحن تي مشتمل مواد موجود آھي. اھو سمورو تفصيل ھن پوسٽ ۾ ڏئي نٿو سگهجي. البته خلافت تحريڪ پاڻ جيڪو ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ۽ جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي، انهن منجهان ڪن ڪتابن جا نالا مان ھيٺ ڏيان ٿو. 
1. “ جمعيت خلافت صوبه سنڌ جي سالياني رپورٽ، بابت سال سيپٽمبر 1922 کان آگسٽ 1923“ ڪراچي. 2.“ ترڪ موالات نمبر 1 “ ممبئي، مرڪزي خلافت ڪميٽي .جون 1920.،3. “ متفقه فتوا“ دھلي علماءَ ھند.، 4. محمد عبدالغني “ خلافت جي مسئلي تي خيالات “ ، 5. مولوي فيض الڪريم “ تحقيق الخلافت“ ڪراچي.، 6. “ مختصر حالات انعقاد جميعت علماء ھند“ دھلي،“ ولايتي ڪپڙي خريد ڪرڻ جي منع ھجڻ واري فتوا “ ڪراچي.
ھن تحريڪ جي اڳواڻن مختلف موقعن تي صدارتي تقريرون ڪيون يا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان خط و ڪتابت ڪيائون اهو مواد پڻ گل حيات جي طرفان گڏ ڪيو وئيو آھي. ھن تحريڪ ۾ ھزارين ماڻھون شريڪ رھيا انهن منجهان ڪيترن مشھور شخصيتن جي سوانحي خاڪن ۽ ڦوٽن جو وڏو تعداد بہ اسان گڏ ڪري  ورتو آھي. سنڌي شاعرن خلافت تحريڪ دوران تمام بھترين ۽ گھڻي شاعري ڪئي انهي منجهان ڪجه اسان گڏ ڪري ورتي آھي ۽ اڃا گڏ ڪري رھيا آھيون. 
خلافت تحريڪ تي ئي اسان جيترو مواد گڏ ڪيو آھي انهي منجهان ڊزن کن ڪتاب جوڙي سگهجن ٿا پر ڪيترن سببن جي ڪري اھا اسان جي حسرت پوري نہ ٿي سگهندي. ان ڪري گڏ ڪيل مواد ويب سائيٽ تي رکڻ شروع ڪيو آھي. پڙھندڙ پاڻ اندازو ڪري سگهن ٿا تہ تاريخي اھميت واري مواد کي اسان ڪيئن ۽ ڪيترو گڏ ڪيو آھي. جيڪڏھن خلافت تحريڪ تي ئي گڏ ڪيل مواد 10 ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو تہ پوءَ 45 سياسي پارٽين ۽ پريشر گروپن جي مواد مان ڪيترا ڪتاب ترتيب ڏئي سگهجن ٿا؟. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ اسان جي بابا سائين جيڪو اڪيلي سر مواد گڏ ڪيو آھي ھاڻي جيڪڏھن اھو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي تہ گھڻن وڏن ليکڪن جي ڇپيل ڪتابن وارو رڪارڊ ٽٽي پوي؟ ھاڻي انهي ميڙي چونڊي ۾ ان ڪري وڌيڪ اضافو ٿي رھيو آھي، ڇو جو اسان ھاڻي پنهنجي والد صاحب کي اڪيلو نہ ڇڏيو آھي.

Good Wishes