textgram 1574241223
 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
 
    مولانا عبيدالله سنڌي, مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي بي لوث خدمتن ڪارڻ تاريخ جي سونهري ورقن ۾ تہ سدائين آباد رھندا, پر اسان انهيءَ ٽ- مورتيءَ سان تحقيقي ۽ نظرياتي انصاف نہ ڪيو آھي. انهن ٽنهي عظيم شخصيتن جي پڇاڙي ڏاڍي ڏکوئيندڙ صورتحال مان گذري. انهن ٽنھي شخصيتن تي وڌ ۾ وڌ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ تي تہ ڪافي ڪجه لکيو ويو آھي ۽ ان جي ٺاھيل ”ساگر پارٽي“  اڄ بہ سنڌ ۾ فعال آھي. مولانا عبدالواحد سنڌي تي گھٽ لکيو ويو آھي ۽ اھڙي نموني سان شيخ عبدالمجيد سنڌي جي سياسي ڪارنامن تي بہ اطمينان جوڳو تحقيقي ڪم نہ ٿيو آھي.
     الله جنت نصيب ڪري ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي, جيڪو شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي عاشقن مان ھڪ ھيو. ڊاڪٽر مرحوم” شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي“ بہ ٺاھي ھئي, جنهن جو ڪيتري وقت تائين بابا سائين بہ صدر  ٿي رھيو. ڊاڪٽر خان محمد پنھور شيخ عبدالمجيد سنڌي تي انگريزي ۾ ھڪ ڪتاب  مرتب ڪري ڇپرايو ھيو ۽ ان کانسواء سندس ڪالم بہ مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا هيا.
      شيخ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي سياسي خدمتن ۽ ڪارنامن جي ڪري گھڻن سنڌي سياستدانن کان وڌيڪ قدآور ۽ معتبر آھي. بغاوت ۽ انقلاب ھن جي روح وجود ۾ سمايل ھئا. دين مٽائي مسلمان ٿيو ۽ سنڌ جي نامور سياسي رھبر رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي صحبت ۽ سنگ ۾ سياست ۾ قدم رکيائين. ۱۹۱۹ ۾ جڏهن ” روولٽ ايڪٽ“ خلاف تحريڪ ھلي تہ شيخ عبدالمجيد سنڌي انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد منجهان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي اخبار ڪڍندو ھيو. وقت جي سرڪار وڏي پئماني تي اخباري دفترن تي ڇاپا ھنيان ۽ گرفتاريون ڪيون ۽ انهي سرڪاري قدم کان شيخ عبدالمجيد سنڌي بہ بچي نہ سگهيو.
     سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ ڪرڻ جي جڏهن تحريڪ ھلي تہ ان ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تمام وڏو ڪم ڪيو. ھو انهن ڏينهن ۾ ” الوحيد اخبار“ سان لاڳاپيل ھيو. ھن ”سنڌ آزاد پارٽي“ نالي تنظيم ٺاھي تہ جيئن سنڌ جي عليحدگيءَ واري تحريڪ کي گھر گھر پھچايو وڃي ۽ مقبول بڻايو وڃي.انهي ” سنڌ آزاد پارٽيءَ“  جون سڄي سنڌ ۾ لڳ ڀڳ چاليھ پنجاھ شاخون قائم ٿيون. انهن سمورين شاخن جي سر گرمين جو رڪارڊ ۽ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جو آئين گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. 
    اسان کان جيڪو وس پڳو آھي تہ اسان ھن عظيم انسان جي سياسي خدمتن بابت مواد جي ميڙي چونڊي ڪندا رھيا آھيون. اڄ مون ھن پنهنجيءَ پوسٽ جي ٽائيٽل ۾ ” آل انڊيا مسلم مجلس“ جي ھڪ خط جو عڪس ڏنو آھي . اھا پارٽي دھلي ۾ قائم ٿي  ھئي ۽ ۱۹۴۴ کان وٺي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان خط و ڪتابت ۾ رھي. آل انڊيا مسلم مجلس جا شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڏانهن موڪليل خط اسان جي گل حيات ۾ موجود آھن. انهن خطن جو نچوڙ اھو آھي تہ اھا مجلس شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سياسي بصيرت کان بيحد متاثر ھئي ۽ ان جي تمنا ھئي تہ سنڌ ۾ ” آل انڊيا مسلم مجلس“ قائم ٿئي ۽ جنهن جي اڳواڻي شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪري. شيخ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي سياسي خدمتن ۽ ڪارنامن جي ڪري ھندستان سطح جو سياسي اڳواڻ ھيو. ھن جي خلوص ۽ سادگيءَ جو اھو رنگ ھيو جو ھو سياسي عھدن ۽ رتبن  جي پٺيان نہ لڳو, پر جڏهن ۽ جتي موقعو مليس تہ ھن پنهنجي سياسي بصيرت ۽ تدبر جا جوھر ڏيکاريا.
      شيخ عبدالمجيد سنڌي جي وڏي سياسي حيثيت انهي مان ئي ثابت ٿئي ٿي تہ سنڌ اسيمبلي جي پھرين چونڊن ۾ ھن لاڙڪاڻي ۾ سر شاھنواز ڀٽي جھڙي برک سياستدان کي شڪست ڏني. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڪراچيءَ سنڌ  کان ڇني مرڪز حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ تي ون يونٽ مڙھڻ خلاف ھلايل تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڪستان جي شروعاتي ڏينهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي سياسي حيثيت ملڪي حيثيت واري رھي. ھن مثالي سياستدان جي سياسي ڪارنامن بابت گل حيات ۾ گھڻو ڪجه مواد موجود آھي

Good Wishes