FB IMG 1576067819877
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”گنگارام سمراٽ پنهنجي خطن جي آئيني ۾
 
   ڪالھ انڊيا مان ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ بابا سائينءَ (ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ) کي فون ڪري پارت ڪئي تہ گنگارام سمراٽ اوهان جو علمي ۽ قلمي يار هئو. هن وڏي اسڪالر جي شخصيت ۽ خدمتن تي سيمينار ڪرايو پيو وڃي  ان لاءِ اوهان مقالو لکي موڪليو.
           بابا مون کي گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ مان گنگارام سمراٽ بابت مواد ۽ سندس ڪتاب ڪڍڻ لاءِ چيو. انهيءَ مواد کي ڪڍي بابا اڳيان رکندي منهنجي دل بہ سٽ ڏني تہ آئون بہ گنگارام سمراٽ بابت ڪجھ لکان. گنگارام سمراٽ اسان جي دور جي وڏن ودوانن عالمن مان هڪ هئو. هو  سن 1918 ۾  ڄائو ۽ 1947 کان پوءِ انڊيا لڏي ويو جتي ديهانت ڪيائين. هو جڏھن سنڌ ۾ هئو تہ سنڌ جي قديم تاريخ تي ڪتاب لکيائين. هو سنڌ جي آثاري قديم ۽ ماضي بعيد جو اسڪالر هئو. هن “ چچنامي“ جي موٽ ۾ هڪ ضخيم ڪتاب لکي پنهنجو مؤقف پيش ڪيو تہ “چچنامي“ جي ڪيترين روايتن کي اکيون ٻوٽي قبول ڪري نہ ٿو سگهجي. 
          بابا سائين جي علمي قد بت ۽ ماحول جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ اڄ کان ٽيھ پنجٽيھ سال اڳ سندن سنڌ کان ٻاهر دوستن جو ڪهڙو علمي ادبي حلقو هئو. گنگارام سمراٽ انڊيا جو هو. هن کان سواءِ بابا سائين جي اتان جي جن ادبي شخصيتن سان ياري هئي ۽ جن سان گڏجي سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي واڌ ويجه لاءِ بابا سائين پاڻ پتوڙيو ۽ انهن قلم-ڌڻين سان گڏجي ٻوڙو ٻڌي آچار ڪيو  ۽ ساڻن خط و ڪتابت ڪئي، انهن مان ڪي نالا هي آھن:
منگهارام ملڪاڻي, اي.جي. اتم, پوپٽي ھيراننداڻي, ڊاڪٽر ارجن شاد, ھوندراج بلواڻي, جسونت ڪمار, ڊاڪٽر گووندرام بي. لکواني, گوورڌن شرما , ڊاڪٽر اين . جي. منسکاڻي,  ڄيٺو لالواڻي, روچي منگلاڻي, گوپالداس گوگيا, موتي پرڪاش, ڊي. وي وزيراڻي, روچي، تيرٿ سڀاڻي, ديو سڀاڻي, جڳتراءِ مولچنداڻي, رام .بي آسواڻي, ديپچندر ٻيلاڻي, ايس. ايس ناٿاڻي, جڳياس نانڪرام, جي.اين نانگراڻي, ايم. آر. مائيداساڻي,  ليکراج ڪشنچند عزيز, رام شامداس, جئو وير, جي. آر. ڇڳاڻي. ھي اھي علمي ۽ ادبي شخصيتون آھن جنهن جو ڪم اسان جي ادبي تاريخ ۾ سونھري اکرن سان لکيو ويندو . ھنن  سان بابا سائين جون وڏيون علمي ۽ ادبي ڳالھيون ٿيون. انهن منجهان ھر ڪنهن جا ڪيترا خط , جيڪي انهن بابا سائين ڏانهن لکيا سي گل حيات ۾ موجود آھن. 
      گنگارام  سمراٽ بابا سائين ڏانهن ۱۹۸۰۽ ۱۹۸۱ ۾ ٻارنهن خط لکيا جن منجهان سندس علمي ۽ قلمي حيثيت ۽ ڪم جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اھا گنگارام سمراٽ جي ئي ڪوشش ھئي جنهن ڪري بابا سائين جا ڪجه ڪتاب انڊيا ۾ ڇپيا ، جن منجهان ھڪ ڪتاب ” جو ڪيو مطالعو مون“ اسان وٽ موجود آھي. ھن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي گنگارام سمراٽ بابا سائين جو تعارف  لکيو آھي. گنگارام سمراٽ جي خطن پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ هن کي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صحت ۽ خيرت جو اونھو ھوندو ھيو .ان ڪري ھن اڪثر خطن ۾ سندن احوال پڇو آھي. ھن ڪيترن خطن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن جي واکاڻ ڪئي آھي. انڊيا جي ادبي حلقن ۾ جيڪو ان وقت وھيو واپريو، ان جي جھلڪ اسان کي سندس خطن مان ملي ٿي

Good Wishes