textgram 1576227515
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” تاجل بيوس جو گل حيات سان عشق
 
   محبت ۽ نفرت ٻئي اهم جذبا ۽ عمل آهن. محبت ماڻھوءَ کي انسان بڻائي ٿي ۽ نفرت کيس ڏاڍ ڏمر ۽ ظلم انياءَ جي مخالفت لاءِ سندرو ٻڌرائي ٿي. پر اسان جي معاشري ۾ ماڻھن کي محبت نصيب ڪونهي ۽ نفرت کي ماڻھن جي اجائي مخالفت لاءِ ڪم آندو ويندو آھي. 
      مرحوم تاجل بيوس انهن بختور ماڻهن مان هڪ هو جنهن محبتون ونڊيون ۽ محبتون ماڻيون. هو شيخ اياز کان پوءِ ٻيو شاعر هو جنهن کي انڊيا ۾ وڏي پزيرائي ملي. هن جي ڏات ۽ شخصيت جاگرافيائي حدن کان مٿي هئي. هن جي ڪلام کي سنڌ ۾ بہ ڳاتو ويو ۽ هند ۾ بہ ڳاتو ويو. 
  تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد هو. هو ذات جو سمو هو. هن جي ولادت 22 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه، تعلقي سوڀي ديري ۾ ٿي. 1960ع ۾ انگريزي استاد طور ملازمت جي شروعات ڪيائين، بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن/ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر، اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف، چيف ۽ رجسٽرار جي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. مرڪزي حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. ان بعد شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. تاجل بيوس ڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهيو. 
    تاجل بيوس شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيون، ڪالم ۽ مضمون به لکيا. سندس 44 ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪجهه اهم ڇپيل ڪتابن جا نالا هي آھن:
(1) ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ (شاعري: 1982ع)،
(2) ”انبن جهليو ٻُور“ (شاعري: 1983ع)،
(3) ”سرجيندڙ ساڻيهه جا“ (شاعري:1985ع)،
(4)”سنڌ منهنجي امان“ (شاعري:1989ع)،
(5) ”ڪاڇي مٿان ڪونج“ (نثري نظم:1990)،
(6) ”ڪنڌيءَ ڪنئور ترن“ (شاعري:1991ع)،
(7) ”ڏور به اوڏا سپرين“ (ڀارت جو سفرنامو:1992ع)،
(8) ”ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا“ (شاعريءَ: 1992ع)،
(9) ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ (9 شعري مجموعا گڏ)،
(10) تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سئو غزل:1996ع)،
(11) ”آريجن کان الهاس نگر“ (هند- سنڌ جي اديبن جا خط)،
(12) ”چپ انجيل جي حاشين جهڙا“ (هڪ سئو غزل: 2003ع)،
(13) ”تاجل جو رسالو“ (شاعري 2006ع)،
(14) ”انداز بيان اور“ (اردو شاعري)،
(15) ”گلابون ڪي موسم“ (اردو شاعري).
   دماغي نس ڦاٽڻ (برين هيمريج) سبب هن جي 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ٿي.
         مرحوم تاجل بيوس سيلف ميڊ ماڻھو هو. فقير محمد لاشاري ۽ شمشيرالحيدري سندس پڳ مٽ يار هئا. اها يارن جي ٽمورتي بابا ڊاڪٽر درمحمد جي مثالي قدردانن مان هڪ هئي. کين اندازو هئو تہ بابا گل حيات جوڙي جيڪا سنڌ جي خدمت ڪري رهيو آھي ان ڪم ۽ بابا جي ڀرپور پٺڀرائپ ڪرڻ گهرجي. ان ڪري بابا فقير محمد جي ايڊيٽريءَ ۾ نڪرندڙ “ جاڳو“ اخبار ۾ ڪجھ سال ڪالم بہ لکيا.
         بابا گل حيات ۾ مختلف شخصيتن ۽ تنظيمن جي نالي تي ڪارنر ٺاهڻ جو آغاز ڪيو تہ تاجل بيوس گل حيات گهمڻ آيو. هو اسان جي اداري کي ڏسي هڪ پرخلوص عاشق بڻجي ويو. ان ڪري جڏھن پنهنجي “ خط و ڪتابت“ تي مشتمل ڪتاب ڇپرايائين تہ نہ فقط ان جو نالو “ آريجن کان الهاس نگر“ رکيائين پر ڪتاب جي ٽائيٽل لاءِ گل حيات جي بلڊنگ جو انتخاب ڪيائين. اها ھڪ پاسي سندس علم دوستي هئي تہ ٻئي پاسي گل حيات سان عشق هئو.  بابا 1990 ۾ گل حيات ٺاهيو. پهرين ڏينهن کان کيس دشمنيون ۽ مخالفتون ڏسڻيون پيون آھن. پر اهي ان ڪري بيڪار ۽ بي اثر پئي ٿيون آھن جو تاجل بيوس جهڙا ماڻھون بابا ۽ گل حيات جي دل کولي قدرداني ڪندا رهيا آھن. مرحوم تاجل جي عشق گل حيات کي جيڪا مڃتا ڏني، اها ڪو محبوب شخص ئي ڏئي سگهي ٿو. بلاشبہ تاجل بيوس محبوب ماڻھو ۽ عاشق انسان هو

Good Wishes