20190906 132351
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ”شاهنواز مهيسر کان مختيار ملاح تائين

 
    اڄ سائين شاهنواز مهيسر جا ٻہ ڪتاب گل حيات لائبرريءَ لاءِ تحفي طور مليا آھن. سندس قرب ۽ چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ جي مهرباني، جنهن جي توسط سان هي ڪتاب اسان کي مليا. مهيسر صاحب جي ڪتابن تي لکڻ کان اڳ مان ڪجھ ٻيون ڳالهيون ڪرڻ چاهيندس.
       سنڌي ادب ۾ ڪامورن جو اهم ڪردار رهيو آھي. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ کان وٺي مختيار ملاح تائين ، سنڌي ڪامورن ڪرسيءَ تي هوندي علم ادب جي آبياري ڪئي آھي. اهڙيءَ ريت هڪ طويل لسٽ انهن رٽائيرڊ ڪامورن جي آھي، جن نوڪريءَ مان واندو ٿي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ واري ريت نڀائي آھي. انهن مان فضل سليمان قاضي، ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ، ڊاڪٽر بدر اڄڻ ۽ ڊاڪٽر عبدالغفارسومري ۽ گل محمد عمراڻيءَ جا نالا ذڪر لائق آھن. هي مهربان لڳاتار لکندا رهن ٿا. فضل الله قريشي، عبدالقادر منگيءَ ۽ شمس جعفراڻيءَ پڙھندڙن کي پنهنجون آپ بيتيون ڏنيون. سندن سينن ۾ اڃان کوڙ خزانا موجود آھي. اميد ٿي ڪجي تہ اهي پڻ ڪتابن جي ورقن تائين پهچندا. ڪرسيءَ تي ويٺل ڪامورن مان مختيار ملاح سنڌ جي ادبي تاريخ جي مسنگ لنڪس تي تمام سهڻي نموني سان معيار ۽ مقدار جي حدن کي ڇهندي سٺو لکي رهيو آھي. وقت جي تقاضا آھي تہ “ ادبي اوسر ۾ ڪامورن جي ڪردار ۽ خدمتن “ تي ڪا يونيورسٽي ايم فل يا پي ايڇ.ڊي ڪرائي.
     شاهنواز مهيسر  1946 ۾ ڳوٺ بکر مهيسر ۾ ڄائو. سيلف ميڊ ماڻھون آھي. 2006 ۾ رٽائير ڪيو اٿس. هن ڪامورڪي ڪرت تان رٽائير ٿيڻ کان پوءِ “ وڃايل ورثو تاريخ جي تناظر ۾ “ ۽ “ تقسيم هند ۽ سنڌ ۾ نسليتي ويڇا “ جي عنوان سان ٻہ ڪتاب لکيا آھن. 
       سنڌ جي مهيسرن مان ڪيترن شخصيتن مذھب ، روحانيت ۽ سرڪاري ملازمتن خواه سياست ۾ وڏو نالو ڪمايو آھي. سنڌ جي تاريخ سندن سونهري ڪارنامن سان ڀري پئي آھي. انهيءَ ذات سان لاڳاپو رکندڙ شاهنواز مهيسر پنهنجن هنن ٻن ڪتابن لکڻ سان بهتر ڪم ڪيو آھي.
     شاهنواز مهيسر ۽ فضل سليمان قاضيءَ جي قلمي پورهئي ۾ مماثلت هيءَ آھي تہ ٻنهي ليکڪن سنڌ سان ٿيل انياءَ کي پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو آھي. فضل سليمان قاضي هڪ برجستو وڪيل ليکڪ بڻجي پنهنجي ڳاله شاهدين ۽ ثابيتن سان ڪئي آھي. ان ڪري سندس قلمي پورهئي تي تحقيق جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. جڏهن تہ شاهنواز مهيسر عام راءِ کي ٺاهڻ ۽ هموار ڪرڻ لاءِ لکيو آھي ۽ سنڌ جا سور سانگهيڙن کي سولي ۽ آسان طريقي سان سمجهايا آھن. شاهنواز مهيسر جو ڪتاب “ تقسيم هند ۽ سنڌ  ۾ نسليتي ويڇا “ ور ور ڏئي پڙھڻ جهڙو آھي. ليک هن ڪتاب کي پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي جي آڌار تي بهتر نموني سان سنواريو ۽ سينگاريو آھي. سندس انهن ٻنهي ڪتابن سان گل حيات لائبرريءَ ۾ سٺو اضافو ٿيو آھي

Good Wishes