textgram 1566383101

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” حسن علي آفندي، ڏيارام ڄيٺمل ، تعليمي ترقي ۽ پاڪستان جو قيام
 

      آگسٽ جي مهيني ۾ حسن علي آفندي ڄائو، ڏيارام ڄيٺمل ديهانت ڪري ويو ۽ اسان جي وڏڙن انگريزن جي غلاميءَ مان جان ڇڏائي پاڪستان ٺاهيو. اسان جي تاريخ ۾ اهي ٻئي شخصيتون ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ جو واقعو وڏي اهميت رکن ٿا. حسن علي آفنديءَ ۽ ڏيارام ڄيٺمل جي دوستيءَ ۽ اختلافن سنڌ جي سياست ۾ ھندن ۽ مسلمانن جي الڳ الڳ ڇاپ هنئين ۽ پوءِ ڪانگريس خواه مسلم ليگ ان مان سياسي فائدو ورتو. انهيءَ جي نتيجي ۾ پهريون سنڌ جي نظرياتي تقسيم ٿي ۽ پوءِ گڏيل هندستان جي تقسيم ٿي. سنڌ ئي فقط هندستان جي تقسيم جو ماحول پيدا نہ ڪيو، پر ان جا ٻيا بہ کوڙ سارا ڪارڻ ھئا.
      انهيءَ کان اڳ جو مان اصل ڳالھ تي اچان، اهو چاهيان ٿو تہ  تاريخ ۾ ٿيندڙ هڪ غلط فهميءَ جو ازالو ڪريان. اسان جا ڪيترا دوست “ گدومل “ جي نالي ۽ شخصيت بابت غلط ڳالهيون ڪري ويندا آھن. در اصل “گدومل “ جي نالي سان سنڌ ۾ ٽي شخصيتون ٿي گذريون آھن: 1. هڪ هئو ديوان گدومل. جنهن کي ڪيترا دوست کيس ڏيارام گدومل سمجهندا آھن، پر هو ديوان گدومل هو. حيدرآباد جو گدو بندر هن جي نالي سان منسوب آھي. هو وڏو سفارتڪار ۽ ڪلهوڙن خواه ٽالپورن جي دور ۾ حڪومت جو “ سڄو هٿ “ هوندو هو. هن نازڪ  وقت ۾ سنڌ جي بي مثال سفارتي خدمت ڪئي. خاص طور تي افغاني رهزن ۽ سنڌ تي ڪاهي ايندڙ حڪمرانن سان هن ڪامياب ڳالهيون ڪيون. وڏو معتبر ۽ مانائتو ماڻھو هئو. ٽالپور حڪمران گهراڻي جي هڪ ماڻھون ڏيارام گدواڻيءَ جي سندر ڀيڻ تي اڪن شڪن ٿي پيو. ڪوششن باوجود هن ماڻهوءَ جي سوچن ۽ لوچن ۾ فرق ڪونہ آيو. ان ڪري گدواڻيءَ پنهنجي جوان ۽ حسين ڀيڻ کي درياه ۾ لوڙھي ڇڏيو. 2. ٻيو هئو ڏيارام گدومل شاهاڻي. هي وڏو فلاسفر، قانوندان ۽ سماجي سڌارڪ هئو. هن جهڙو سماجي سڌارڪ ۽ فلاسافر ورلي ڪو پيدا ٿئي. هن پوڙهائپ ۾ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جنهن تي وڏو ٻائيتال متو. پر هن ڪنهن جي بہ پرواه ڪانہ ڪڍي. تان جو گانڌي ۽ ابوالڪلام آزاد ملڻ آيا، پر هو انهن سان بہ نہ مليو. 3. ٽيون ڏيارام هئو ڏيارام ڄيٺمل. هي حسن علي آفنديءَ جو يار هو. هي مڪتبن ۾ پڙھيا. ٻنهي وڪالت ڪئي. ٻنهي گڏجي “ سنڌ سڀا“ نالي تنظيم ٺاهي، جنهن تنظيم “مڪاني چونڊن “ ۾ سلجهيل اميدوارن جي اخلاقي ۽ قلمي مدد ڪئي. 
      هندستان جي وائسراءِ لارڊ رپن جي ڏھاڙن ۾ “ مڪاني حڪومت “ وارا سڌارا آيا هئا. هو جڏھن پنهنجو مدو پورو ڪري واپس انگلينڊ وڃي رهيو هو تہ ڪيترين تنظيمن ۽ جماعتن هن کي “ مان پتر “ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. “ سنڌ سڀا “  جي بہ “مان پتر “ ڏيڻ جي منظوري وٺڻ لاءِ گڏجاڻي ڪئي. ان ۾ حسن علي آفنديءَ ضد ڪيو تہ لارڊ رپن کي “ مان پتر “ نہ ڏنو وڃي. ان تي حسن علي آفنديءَ ۽ هندو ميمبرن ۾ سخت ڪلامي ٿي. ان ڪري حسن علي آفندي گڏجاڻيءَ مان بائڪاٽ ڪري ويو. پوءِ ستت هن “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “ ٺاهي. سنڌ جي تاريخ کان ناواقف سنڌي محققن ۽ “ سياري جي باه پاڻ ڏانهن سوريندڙن “ غير سنڌي محققن “ جو چوڻ آھي تہ جڏھن جسٽس امير علي ڪنهن ڪيس ۾ وڪالت ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو هو تہ هن حسن علي آفنديءَ کي “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “ ٺاهڻ جي صلاح ڏني. پر اها ڳالھ غلط آھي. ڇو تہ جسٽس اميرعلي آگسٽ مهيني ۾ سنڌ ۾ آيو هو ۽ ان سال مارچ مهيني ۾ “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “ جون شاخون حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ بہ قائم ٿي چڪيون هيون.
     حسن علي آفنديءَ “ سنڌ مدرسو “ قائم ڪيو ۽ ڏيارام ڄيٺمل “ ڊي جي سنڌ ڪاليج “ ٺاهيو. سنڌ ۾ جديد تعليمي اوسر هنن ٻنهي جي ڪوششن جو نتيجو آھي. سنڌ مدرسي مان قائد اعظم محمد علي جناح ، سر شاهنواز ڀٽو ، ميران محمد شاه ، محمد ايوب کهڙو ۽ ٻيا ڪيترا سياستدان پڙھي نڪتا، جن پاڪستان تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي. پاڪستان آگسٽ ۾ قائم ٿيو. حسن علي آفندي آگسٽ ۾ ڄائو ۽ ڏيارام ڄيٺمل آگسٽ ۾ ديهانت ڪري ويو

Good Wishes