textgram 1564566186 
 

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ”عاقل جا عالم سومرا ۽ سياستدان کهڙا

 
    سنڌ جو چپو چپو امر آھي. هڪڙو ڳوٺ ٻئي ڳوٺ سان، هڪڙو شھر ٻئي شھر سان ڀيٽي ڪنهن هڪ کي اتم قرار ڏيڻ تنگدلي تہ ٿي سگهي ٿي. ليڪن سنڌ سان اها محبت ٿي نہ ٿي سگهي. ها البتہ هيءَ ڳالھ ضرور آھي تہ هر  گل جي پنهنجي خوشبوءِ آھي.
لاڙڪاڻي ضلعي ۽ تعلقي جو ڳوٺ “ عاقل“ سنڌ جي هزارن ڳوٺن مان هڪ آھي، پر ان ڳوٺ جي حيثيت ۽ عظمت بنه نرالي ۽ منفرد آھي. هن ڳوٺ جا سومرا وڏا عالم، اديب ۽ شاعر ٿي مشھور ٿيا ۽ هتان جي کهڙن وري سنڌ جي سياست ۾ نالو ڪمايو.
    سومرن منجهان علامہ محمد عاقل وڏو عالم، وڏو شاعر ۽ وڏو سياستدان هئو. هن “خلافت تحريڪ“ کان وٺي جميت العلماءِ سنڌ ً جي پليٽفارم تان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اهم رول ادا ڪيو. جميت العلماءِ سنڌ انگريزن جي دور جي الڳ هئي ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ان جو سياسي مول متو الڳ ٿيو. پاڪستان جي دور واري “جميعت العلماءِ “ ۾ هن ڳوٺ جي شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري ملڪ ۾ نالو ڪمايو. هاڻي سندس وڏو فرزند انهي پارٽيءَ ۾ پيءُ جي ٻاريل جوت جلائيندو پيو اچي. ايئن ذري گهٽ ھڪ صديءَ کان وٺي عاقل ڳوٺ جا سومرا سياسي طور تي “جميعت العلماءِ “ سان لاڳاپيل رهيا آھن. 
     عاقل جي سومرن مان وري “عبد“ عاقليءَ ۽ “زيب“ عاقليءَ شاعريءَ ۽ صحافت ۾ وڏو نالو ڪمايو. لاڙڪاڻي ۾ جڏھن “ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي “ قائم ٿي تہ زيب عاقلي انهي جي بنيادي ۽ باني ميمبرن مان هڪ هئو.  عاقل جا سومرا شاعريءَ، صحافت ۽ سياست ۾ نالي ڪمائڻ کان پوءِ سرڪاري ملازمت ڏانهن بہ متوجه ٿيا آھن. اڄ ڪله عاقلائي سومرن مان عبدالفتاح ٽريزري کاتي ۾ عملدار ۽ يارن جو يار آھي.
     عاقل آھي هڪ ننڍڙو ڳوٺ پر هن ڳوٺ لاڙڪاڻي ضلعي, سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست ۾ وڏو نالو ڪمايو. هن ڳوٺ سنڌ کي محمد ايوب کهڙي جي روپ ۾ سنڌ کي وڏو وزير ڏنو. جيڪو وفاقي وزير بہ ٿي رهيو. محمد ايوب کهڙو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر بہ ٿي رهيو. هن جو وڏو ڪارنامو اهو آھي تہ هن سنڌ جي بمبئي پرڳڻي کان الڳ ڪرائڻ واري تحريڪ ۾ مثالي ڪم ڪيو. هو ان تي ڪيس ڳائڻ ۽ انگريزن کي ٻڌائڻ لاءِ لنڊن جنهن جهاز ۾ وڃي رهيو هئو، اهو ڪريش ٿي ويو. پر محمد ايوب کهڙو بچي ويو. هو ڪيترا ڪوه پنڌ ڪري محفوظ جاءِ تي پهتو ۽ اتان وري سفر تي روانو ٿي وڃي ماڳ تي رسيو. هن ڪراچيءَ کي مرڪز حوالي ڪرڻ خلاف آواز اٿاريو ۽ سياسي انتقام جو نشانو ٿيو. هن ئي وري سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ون-يونٽ جو ڳٽ وڌو. هن جي نياڻي ڊاڪٽر حميده کهڙو بہ تعليم جي نگران وزير رهي. ايوب کهڙو بہ “سنڌي ادبي بورڊ “ جو چيئرمن رهيو تہ ڊاڪٽر حميده کهڙو بہ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن ٿي رهي. هن جو شمار ملڪ جي نامور محققن ۾ ڪيو ويندو.  ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ منهنجي والد صاحب  ڊاڪٽر پٺاڻ “ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي.“  بہ قائم ڪئي هئي. ( ھيءَ بہ عجيب تاريخ آھي تہ جڏهن مان ليڪچرر شپ جو امتحان پاس ڪيو ھيو ت حميده کھڙو امتحان ۾ پاس ٿيل ۷۴۱ اميدوارن مان ۷۴۰  اميدوارن کي نوڪريءَ جا آرڊر ڏنا پر مون کي ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي پٽ ھجڻ ڪري آرڊر نہ ڏنو ويو) 
     عاقل ڳوٺ جي هن پيءُ ۽ ڌيءُ کان سواءِ ھڪ پيءُ ۽ پٽ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي. اهي آھن نثار کهڙو ۽ سندس والد محمد نواز کهڙو، محمد نواز کهڙو “ خاڪسار تحريڪ “ جو اڳواڻ هئو. هو “ لاڙڪاڻہ ڊسٽرڪٽ بورڊ “ جو ميمبر هئو ۽ انهيءَ پليٽ فارم تان پتڻن ۽ مڇيءَ جا ٺيڪا بہ  کنيائين. عاقل ڳوٺ مان هي ۽ محمد ايوب کهڙو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جا ميمبر رهيا. اها پڻ هڪ تاريخي ڳالھ چئبي تہ هن ننڍي ڳوٺ مان ٻہ ڄڻا ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جا ميمبر رهيا.
        سندس پٽ نثار کهڙي سياست جو آغاز اصغر خان جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ سان ڪيو. “تحريڪ استقلال“ جو هي ضلعي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي جي شھادت کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ پارٽيءَ جي صوبائي صدر ٿيڻ کان علاوه وزير ۽ اسيمبليءَ جو اسپيڪر بہ ٿي رهيو. هي بہ عاقل ڳوٺ جي تاريخ آھي تہ محمد ايوب کهڙي جي نياڻي   بہ چونڊن ۾ بيٺي ۽ نثار کهڙي جي نياڻي بہ چونڊن ۾ بيٺي. 
     مون مختصر طور تي هڪ ڳوٺ جو مثال ڏئي اهو تاثر ڏنو آھي تہ اسان سنڌ جي هڪ هڪ ڳوٺ ۽ شهر جي انوکي مستند ۽ معياري تاريخ لکي سگهون ٿا. ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺن جي اسڪولن جي جنرل رجسٽرسٽرن، لائبريرين ۽ انهن ڳوٺن جي وڏي ڄمار وارن ماڻھن جي سينن ۾ سنڌ جي تاريخ جو خزانو موجود آھي،  جيڪو محفوظ ٿيڻ گهرجي

Good Wishes