textgram 1564045328

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” جڏھن مولانا عبيدالله سنڌي وطن واپس وريو

 

       مولانا عبيدالله سنڌي گڏيل هندستان جي چوٽيءَ جي آزاديءَ جي اڳواڻن مان هڪ هئو. هن ان دور جي سياسي حالتن کي انقلابي رخ ڏنو ۽ اهڙيون روايتون قائم ڪيون جن تي ٻين انقلابي اڳواڻن هلي انگريز سامراج کي نڪ ۾ دم ڏنو ۽ هندستان کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ انگريزن خلاف انڊر گرائونڊ تحريڪون هليون. سنڌي ماڻھون جيڪي ڏيساور ملڪن ۾ وڻج واپار ڪندا هئا، تي انقلابي ماڻهن جي اتي مالي مدد بہ ڪئي ۽ انهن وچ ۾ ڳجهي لکپڙه ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ٻاهرين ملڪن ۾ اهڙي سياسي چرپر  ۾ مولانا عبيدالله هڪ مثال طور ۽ آدرش طور ڪردار ادا ڪيو.
     مولانا عبيدالله سنڌي گڏيل هندستان جو اهو واحد انقلابي اڳواڻ ھئو جنهن پنهنجيءَ ڄمار جو وڏو عرصو ڏيساور ۾ گذاريو. هن افغانستان، ترڪيءَ، روس ۽ عربستان ۾ سالن جا سال رهي انگريزن خلاف ڪم ڪيو. هو اهو ڀلو انسان هئو جنهن سنڌ کي مذھبي ۽ نظرياتي طور تي پنهنجو محور ۽ مرڪز بڻايو. سنڌ بہ کيس نالو ڏنو ۽ مولانا تاج محمود امروٽيءَ ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري جهڙا پڪا ۽ پڳ مٽيا يار ڏنا. جن ساڻس ساٿ نڀايو. ملڪ مان نڪري وڃڻ ۽ افغانستان وڃڻ ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ سندس وڏي مدد ڪئي. پاڻ جڏھن واپس وريو تہ مولانا تاج محمود امروٽي هي جهان ڇڏي چڪو هئو. سندس ٻيو ساٿي مولانا محمد صادق کڏي وارو زنده هئو. مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ مولانا عبيدالله سنڌي هم ڪلاسي هئا. 
   مولانا عبيدالله سنڌي آگسٽ 1915 ۾ ملڪ کان ٻاهر ويا ۽ 7 مارچ 1939 تي واپس آيا. هو “ المدينا “ نالي پاڻيءَ واري جهاز ۾  صبح جو 8 وڳي ڪراچي بندر تي لٿا. سندن جن تنظيمن ۽ جماعتن آڌر ڀاءُ ڪيو انهن جا نالا هن ريت آھن:
1. سنڌ مسلم ليگ 2. سنڌ مسلم ليگ نئشنل گراڊس، 3. انجمن مسلمانان پنجاب، 4. سنڌ خاڪسار پارٽي، 5. انجمن نصرت اسلام، 6. بينڊ آف حاجي عبدالله هارون يتيم خانا ۽ 7. سنڌ ڪانگريس ڪاميٽي.
   مولانا عبيدالله سنڌي جيئن جهاز مان لٿو تہ کيس “الله اڪبر“ جي نعرن جي گونج ۾ مختلف موجود تنظيمن ۽ سندن گارڊس سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي خاڪسار اڳواڻ. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ ٻين تقريرون ڪري سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. هزارين ماڻھون سندس آڌر ڀاءُ لاءِ آيل هئا، جن مان ڪي خاص نالا هن ريت آھن : 
سنڌ جو وزير اعظم الله بخش سومرو، مولانا محمد صادق کڏي وارو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد هاشم گذدر، حاجي امام بخش چانڊيو، سول ائنڊ ملٽري پريس جو حاجي نظيرالدين، ملڪ عبدالخالق، مولانا ثناءُ الله، خانصاحب بابو فضل الاهي، مولانا شاه محمد، خان سارنگ، حڪيم عبدالمجيد شيرواني، مولانا حئي حقاني، دين محند عليگ، ڊاڪٽر تاراچند لالواڻي، پير الاهي بخش، مولانا محمد عثمان ۽ مولانا محمد صادق کڏي وارو.
    سلاميءَ، گلن جي ورکا ۽  آجياڻي جي تقريرن کان پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي يار مولانا محمد صادق کڏي واري سان گڏ سندس مدرسہ مظھر العلوم ويو. ان کان پوءِ سنگت سان گڏ حاجي عبدالله هارون جي گهر ويو، جتي بيگم هارون کين چانه پاڻي لاءِ دعوت ڏني هئي.
   هن کان پوءِ ھن عظيم انسان سنڌ مان نئين سياسي سوچ جو آغاز ڪيو. نئين پارٽي ٺاهيائين ۽ سياسي ڪارڪنن جي ذهني فڪري تربيت لاءِ ادارو قائم ڪيائين. 
   مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي سوانح ۽ انقلابي خدمتن تي گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي. بابا سائينءَ ٻارن لاءِ سندس سوانح تي ڪتاب لکيو،جيڪو سنڌالاجيءَ شايع ڪرايو ۽ اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي بہ رکيو آھي

Good Wishes