textgram 1563959448
 

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ” هالا واري ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ جي پي ايڇ. ڊي مقالي جو تعارف

 
    ڊاڪٽر ممتاز بخاري هالا جي هڪ علمي ۽ ادبي شخصيت آھي.  هو نامور محقق ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد پروفيسر مخمور بخاريءَ جو والد آھي. لاڙڪاڻي جو نامور شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد “ شاد “ ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش بہ ڊاڪٽر آھن. هالا جو سيد ممتاز بخاري ۽ سندس پٽ بہ ڊاڪٽر آھن. اهي چارئي ڊاڪٽر بابا ڊاڪٽر پٺاڻ جا يار آھن. 
     ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ.ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾ “ سنڌ مدرستہ الاسلام جو سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو “ جي موضوع تي پي ايڇ. ڊي ڪئي. سندس هٿ اکرين مقالو گل حيات ۾ موجود آھي. جيڪو پاڻ بابا جي سالگره تي 25 مئي 1978 تي کين تحفي ۾ ڏنائون. جنهن تي لکيو اٿن تہ “ هيءَ سالن جي جاکوڙ پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي تحفي طور پيش ڪيان ٿو. ان ڪري جو کيس تاريخي شين سانڍڻ جو شوق آھي ۽ منهنجيءَ هن محنت کي بہ سنڀالي رکندو. دوستيءَ جي نشاني دوست جي نالي “. بابا هن سيد دوست جي نشاني ساه سان سانڍي رکي آھي. 
   بابا جڏھن پي ايڇ. ڊي ڪئي تہ هن هڪ وڏي تحريڪ هلائي. جن دوستن جي انگريزي سٺي هئي تہ انهن کي چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۾  ويهڻ جو اٿساه ڏنائين ۽ سندن علمي مدد ڪيائين. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن وارن انهن ڏينهن ۾ سي ايس ايس جا ڪلاس شروع ڪرايا. بابا اتي سنڌي، اسلاميات ۽ پاڪستان اسٽڊيز پڙھائيندو هو. ڊاڪٽر بدر اڄڻ ۽ هڪ ٻن ٻين بابا جي زور ڀرڻ تي اهو امتحان ڏنو. ڊاڪٽربدر اڄڻ وڏا عهدا ماڻيا ۽ بلوچستان جو هوم سيڪريٽري بہ ٿي رهيو.
    بابا جي جن دوستن سندس اتساه تي پي ايڇ. ڊي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تن ۾ ڊاڪٽر مظهر سومرو, ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ, ڊاڪٽر محمد ادريس آزاد سومرو ۽ ڊاڪٽر ممتاز بخاري شامل آھن.
      ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ جو موضوع ۽ محنت وڏي اهميت رکن ٿا. هن هڪ تعليمي اداري تي جيئن ۽ جيڪا تحقيق ڪئي آھي. اها “ ماڊل “ آھي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جنهنجو بہ ريسرچ گائيڊ ٿيو، ان کان ڇڪي ڪم ورتائين. بابا چوندو آھي تہ سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا جيڪڏھن منهنجو گائيڊ نہ هجي تہ مان ڊگري وٺي چپ ڪري ويهان هان ۽ تحقيق کي جاري نہ رکان هان.
    ڊاڪٽر ممتاز بخاري بہ محنت ۽ محبت جي ڀٺيءَ مان پچي مقالو مڪمل ڪيو. سندس ڪم مثالي ۽ اهم آھي. هن جو مقالو ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آھي. ٽنهي ڀاڱن ۽ بابن جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو.
1. ڀاڱو پهريون پنجن بابن ۾ ورهايل آھي. پهرين باب ۾ سنڌ جي تعليمي تاريخ ڏني اٿس. باقي چئن بابن ۾ سنڌ مدرسي ٺاهڻ جي پسمنظر، قيام ۽ ڪارڪردگيءَ تي روشني وڌي اٿس. هن ئي ڀاڱي ۾ سنڌ مدرسي جي بانيءَ، مددگارن، پرنسپالن وغيره جو ذڪر ڪيو اٿس.
2. ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ پنهنجي مقالي جي ٻئي ڀاڱي کي ٽن بابن ۾ ورهائي سنڌ مدرسي جي علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصي تي ڀرپور روشني وڌي آھي ۽ ٻڌايو اٿس تہ علي خان ابڙو، مخدوم محمد صالح ڀٽي، ڊاڪٽر دائودپوٽو، سيد ميران محمد شاه، الله بخش عقيلي، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا ڪيترا نامور شاعر ۽ اديب هن اداري ۾ پڙهيا.
3. مقالي جو ٽيون ڀاڱو ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ سنڌ مدرسي ڪهڙن ڪهڙن سياستدانن کي جنم ڏنو. تحريڪ آزاديءَ ۾ جن بہ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون اهي سنڌ مدرسي ۾ پڙھيا. مثال طور قائد اعظم، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، حاجي عبدالله هارون، سر شاهنواز ڀٽو، غلام حسين هدايت الله، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ميران محمد شاه، محمد ايوب کهڙو وغيره.
     ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ جو هي تحقيقي پورهيو معيار ۽ مقدار جي حساب سان شاندار آھي. هاڻي جڏھن سنڌ مدرسو يونيورسٽيءَ جو درجو وٺي چڪو آھي تہ يونيورسٽي انتظاميہ کي هي مقالو سنڌيءَ کان سواءِ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرائڻ گهرجي

Good Wishes