. 20190630 133522
 

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ” انور خان ڪليريءَ جي ايم فل لاءِ لکيل مقالي “ محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام جي لغت جي تشڪيل

 
جو تعارف.
   ڪي ماڻھون پنهنجي ذات ۾ ادارا ٿيندا آھن تہ ڪي ماڻھون وري ادارن ۾ روح ڦوڪڻ جو سبب بڻبا آھن. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو سرواڻ ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو اھڙن ماڻھن مان ھڪ آھي، جنهن کي پنهنجي ڊپارٽمينٽ کي ”مثالي شعبو“ بڻائڻ جو وڏو شوق آھي, ۽ ھو ان لاءِ ڏينهن رات ھڪ ڪري وڏي محنت ڪري ٿو. ھن صاحب ٿوري عرصي ۾ پنهنجي شاگردن کي جيڪي ايم فل  ۽ پي ايڇ ڊيون ڪرايون آھن انهن جي مقدار ۽ معيار کي ڏسي دل ٺري پئي ٿي ۽ ھن کي مبارڪ باد ڏيڻ کان رھي نٿو سگهجي. 
محترم ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي ڪن ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي ڪندڙ شاگردن جو بابا سائين ايگزيمنر رھيو آھي. انهي ڪري انهن شاگردن جا تحقيقي مقالا گل حيات ۾ موجود آھن. انهن منجهان اڄ مان انور خان ڪليريءَ جي ايم فل واري مقالي ” محمد فقير کٽياڻ  جي ڪلام جي لغت جي تشڪيل“ جو تعارف ڪرائيندي خوشي محسوس ڪيان ٿو.
سنڌي شاعري جو مطالعو ڪيترن زاوين کان ڪيو ويو آھي، پر انور خان ڪليريءَ پنهنجي لائق ريسرچ گائيڊ ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي جي رھنمائي ۾ ھڪ نئين زاوئي ۽ پھلو جو مطالعو ڪيو آھي. 
  سنڌ جا ڪلاسيڪل شاعر اسان جي ٻولي جا محافظ ۽ ٻولي جي جهولي ۾ نون لفظن جا گل وجهندڙ ٿين ٿا. انهن سمورن جي ڪلام جي لغت تي ڪم ڪرڻ تمام اھم ۽ ضروري آھي. ان سان ھيئن ٿيندو تہ اسان ”لھجن واريون لغتون“ جوڙي سگهنداسين ۽ اسان کي اؓھا خبر پوندي تہ ڪھڙو لفظ ڪھڙي لھجي ۾ ڪھڙي معنا ۾ ڪم اچي ٿو.
انور خان ڪليريءَ جو ھي مقالو ٦ بابن ۾ ورھايل آھي.  جن جو مختصر تفصيل ھن ريت آھي: ۱. ھي ٽيڪنيڪل باب آھي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ ھن موضوع جي ڪھڙي اھميت آھي ۽ محمد فقير کٽياڻ جي شاعري ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو صوفياڻو رنگ آھي. 
۲. ھن باب۾ محمد فقير کٽياڻ جي زندگي جو احوال ڏنو ويو آھي. 
۳. ٽئين باب ۾ محمد فقير کٽياڻ,جي شاعري جو تعارف ڏنو ويو آھي ۽ خاص طور تي سندس شاعري جي صنفن جھڙوڪ بيت ۽ ڪافي وغيره تي روشني وڌي وئي آھي.
۴. باب چوٿين ۾ فقير محمد کٽياڻ جي شاعري ۾ استعمال ڪيل ٻولي تي روشني وڌي وئي آھي ۽ فقير محمد کٽياڻ پنهنجي شاعري جن ۴۱ سرن ۾ ڪئي آھي انهن منجهان ھر ھڪ سر کي آڏو رکي فقير محمد کٽياڻ جي استعمال ڪيل نون لفظن جي نشاندھي ڪئي وئي آھي ۽ سندن معنا ٻڌائي وئي آھي. ھي باب مقالي جو  روح آھي ۽ محقق پنهنجي استاد جي نگراني ۾ وڏي محنت ڪئي آھي ۽ ھو انهي جاکوڙ تي کيرون لھڻي. 
۵. مقالي جو پنجون باب چوٿين باب جو منتقي تسلسل آھي جنهن ۾ محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام ۾ استعمال ٿيل لغت جو اڀياس ڪيو ويو آھي ۽ اھو اڀياس وري شاعر جي سنڌي ڪلام , سرائڪي ڪلام ۽ ھندي ڪلام جو الڳ الڳ ڪيو ويو آھي.
محمد فقير کٽياڻ ۵۱۰ ڪافيون لکيون ۳۷۵ بيت چيا ۽ ۴۱ سرن ۾ شاعري ڪئي. ھن ھڪ مھان شاعر جي ھيڏي ساري ڪلام جو مطالعو ڪا معمولي ڳالھ ڪانهي پر محقق شاگرد ان تي وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي آھي.
٦. ڇھون باب بہ  ھڪ ٽيڪنيڪل باب آھي جنهن ۾ ھن پنهنجي مقالي ۽ تحقيقي مطالعي کي ڌيان ۾ رکي علمي ۽ تحقيقي نتيجا ڪڍيا آھن ۽ ڪي تجويزون ڏنيون آھن. ھن ئي باب ۾ محقق انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ جي انهن ڪتابن ۽ رسالن جي ببليو گرافي ڏني آھي جيڪي ھن تحقيق ڪرڻ وقت پنهنجي نظر مان ڪڍيا آھن.
محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام تي ھن کان اڳ بہ ڪم ٿيو آھي ۽ ان ۾ سندس شاعري کي مرتب ڪيو ويو آھي پر ھن مقالي ۾ ان جو نئين انداز سان مطالعو ڪيو ويو آھي. ان ڪري ھن مقالي جي ”سنڌي لغت “جي موضوع ۾ بہ ھڪ اھم ڪتاب جي جاءِ بڻجي ٿي

Good Wishes