textgram 1563007935

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” ڪراچيءَ جون ڪي واپاري برادريون ۽ سندن ڪاروبار

 

منهنجي والد صاحب ” ڪراچيءَ جو سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي موضوع تي ڊاڪٽري جي ڊگري ورتي ، پر پاڻ ڪراچيءَ جي  گھڻ- رخي تاريخ بابت ڏاڍو مواد گڏ ڪيائون. شايد کيس اھو اندازو ھيو تہ اڳتي ھلي ڪراچي جي وارثيءَ ۽ مالڪي  بابت گھڻا سوال اٿندا ,ان ڪري ڪراچي جي ماضي بابت گھڻي کان گھڻي معلومات ھٿ ڪجي ۽ ضرورت وقت اھا سنڌي ماڻھن آڏو رکي وڃي تہ جيئن کين ڪراچي تي حق ثابت ڪرڻ ۾ مدد ڏئي.
اڄوڪي موضوع تي مون بابا سائين جي نوٽس مان فائدو ورتو آھي. ڪراچي جي واپاري برادرين ۽ سندن ڪاروبار بابت گھڻو مواد موجود آھي. مثال طور جيڪي بہ ڪراچيءَ تي  Year Books ڇپيا، انهن ۾ مختلف ڪمپنين ۽ واپاري ڪاروباري ڪمپنين، فرمن وغيره بابت تفصيلي لسٽيون ڇپبيون ھيون. انهن کي جيڪڏھن مختلف year books مان ڪڍي ترتيب ڏجي تہ چڱي خاصي ڊائريڪٽري ٺھي پوندي. پر انهن ۾ واپاري ڪمپنين ۽ فرمن جي تاريخ ڪونہ ھوندي. اھا معلومات  مختلف ذريعن سان منهنجي والد صاحب گڏ ڪري رکي آھي انهن ذريعن مان اھم ذريعو ھي آھي تہ باباسائينءَ ڪمپني جي مالڪن ۽ وارثن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ان کانسواءِ مختلف ڪتابن ۽ اخبارن مان معلومات گڏ ڪئي اٿئين. 
جن ڪمپنين ۽ فرمن جي تاريخ بابت گل حيات ۾ مواد موجود آھي انهن جو  تعداد لڳ ڀڳ ھڪ سو کان مٿي آھي، پر انهن مان فقط ويھن ڪمپنين, فرمن ۽ بئنڪن جا نالا ۽ ٿورا تفصيل هتي ڏجن آھن:
1. Sindh Flour mills.  company, Ltd.  
سنڌ فلور ملز ڪمپني لميٽيڊ: ھي ڪمپني ۱۸۹٦ ۾ قائم ڪئي وئي ھئي ۽ ان جي ڊائريڪٽرن مان ٿامس, ڊبليو ڊي ينگ ۽ جارج ملر ذڪر لائق آھن ۽ اھا ڪراچي جي ڌوٻي گھاٽ روڊ تي ھوندي ھئي. 
2.k.J Sopariyala & Co.
ڪي.جي سوپاريوالا ائنڊ ڪمپني ۱۸۵۲ ۾  قائم ٿي ۽ سورت جي رھواسي شاپر جي ھارون جي قائم ڪئي ھئي. 
3.Ralli brothers.
رالي برادرس ڪمپني ۱۸٦۵ ۾ قائم ٿي اناج ۽ خاص طور تي ڪڻڪ ۽ ڪپھ جو واپار ٿيندو ھو. ڪمپني جو صدر دفتر ڪراچي جي ووڊ اسٽريٽ ۾ قائم ھيو. 
4. Nusserwanjee & co.
نسروانجي ائنڊ ڪمپني مشھور سياستدان ۽ ڪراچي جي ميئر جمشيد نسروانجيءَ جي پيءُ ۱۸۳۸ ۾  قائم ڪئي ھئي. جنهن جو نالو خان بھادر نسروانجي آر مھتا ھيو. ان جو صدر دفتر ايلفسٽون اسٽريٽ ۾ ھيو. ھي ڪمپني رفريشمينٽ جي سامان جو واپار ڪندي ھندي. 
5.The National Bank Of India, Ltd.
ڪلڪتي جي ھن نئئشنل بينڪ آف انڊيا جي شاخ مارچ ۱۸۸۴ ۾ ڪراچي ۾ کولي وئي. ھن بئنڪ جون ھندستان, سيلون, رنگون, ڪولمبو, زنجبار, نيروبي, ڪمپالا ۽ آفريڪا ۾ بہ شاخون ھونديون ھيس.
6.Naraindas & Co.
نارائداس ائنڊ ڪمپني دراصل ۱۹۰۵ ۾ ڪوئيٽيا ۾ قائم ڪئي وئي ھئي جنهن کي ۱۹۱٦ ۾ ڪراچي ۾ آندو ويو. ھي فرم آٽوموبائل انجنيئرز ورڪس موٽر سائيڪلن جو واپار ڪندي ھئي.
7. Mohammed Ali Alli Bhaoy Karimji &
 Sons.
محمد علي علي ڀائي ڪريمجي ائنڊ سنز جي فرم عمارت سازي جو سامان مھيا ڪندي ھئي ۽ ان جو صدر دفتر ميڪس ڊينسو ھال جي آمھون سامھون بندر روڊ تي ھوندو ھيو.
8 .Adam Soomar & co.
آدم سومار ائنڊ ڪمپني جا جوڙيندڙ ڪڇ مان لڏي آيا ھئا ۽ ۱۸۹٦ ۾  ڪراچي ۾ پنهنجي بئنڪ کوليائون. اھا بئنڪ فريئراسٽريٽ ۾ قائم ڪئي وئي ۱۹۰۰ ۾ جڏھن سومار مري ويو تہ پوءِ ھن جي پٽ دادا پيءُ جو بزنس سنڀاليو.
9. Faramjee Sorabjee & Sons.
ھي فرامجي سورابجي ائنڊ سنسز فرم ۱۸٦۳ “ ۾  قائم ڪئي وئي ان جو صدر دفتر نيپيئر اسٽريٽ ۾ ھوندو ھيو. ھي فرم منرل واٽر ۽ شراب جو واپار ڪندي ھئي. 
10. The Alliance Agency.
دي الائنس ايجنسي ھڪ پرائيوٽ جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني ھئي جيڪا ۱۹۱۵ ۾ قائم ڪئي وئي. ھن جا مالڪ پارسي ھيا جن ڪراچي ۾ وڏيون سماجي خدمتون بہ سرانجام ڏنيون.
11. M.S Aranha & Co.
ايم.ايس.اراهنا ائنڊ ڪمپني جو مالڪ اصلي مينگهلور جو رھواسي ھيو ۽ ھي فرم ۱۹۰۹ ۾ ڪراچي ۾  قائم ڪئي وئي ھي فرم ٽائيلس جو واپار ڪندو ھو ۽ ھند سنڌ ۾ مشھور ھيو. 
12. Ardaseer & Co.
آرداشير ائنڊ ڪمپني فرم ۱۹۰۸ ۾ قائم ڪئي وئي فرم ڪميشن ايجنٽ طور بہ ڪم ڪندو ھيو ۽ سرڪاري ٺيڪيداري بہ ڪندو ھيو. ھن فرم جو مالڪ ۽ جوڙيندڙ ھور مسجي رستم جي ھيو. 
13. Beaumont & co.
بيومائونٽ فرم ٽي. ايل. ايف بيومائونٽ ۱۹۰۳ ۾ قائم ڪيو .ھن جو مالڪ ڪراچي ميونسپالٽي جو صدر بہ رھجي چڪو ھو ۽ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر بہ ھيو . ھن فرم جو مختلف ھنڌن تي پريس ڪمپنيون, آئيس فيڪٽريون ۽ انشورنس ڪمپنيون ھونديون ھيون.
14. P.F Billimoria & Co.
پي ايف بليموريا ڪمپني ۱۹۰۵ ۾ قائم ٿي ھن جو مالڪ بمبئي ائنڊ پرشيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني جو ملازم ھيو ۽ اھو تجربو کيس ڪم آيو. ھي فرم مرڪنٽائيل , ميرين ۽ اليڪٽريڪل منصوبات جو واپار ڪندي ھو. جھاز سازي ۽ ٻين ڪيترين ڳالھين ۾ مشھور ھئو. 
15. The Bombay Furnishing Depot.
دي بامبي فرنشنگ ڊپارٽمينٽ فرم آنند جي ڏام جي ۱۸۹۳ ۾  ايلفنسٽون اسٽريٽ ۾ قائم ڪيو ۽ گھريلو سجاوٽن جي سامان جو واپار ڪندي ھو.
16. Brigstone Jewanjee & Co.
برج اسٽون جيوانجي ائنڊ ڪمپني ۱۸۷۵ ۾ برج اسٽروڪ نالي واري ماڻھو ڪياماڙي ۾ قائم ڪئي جيڪا پاڻي جي جھازن تان سامان لاھڻ يا انهن تي سامان چاڙھڻ يا فوجي سامان ٻاھر موڪلڻ جو ڪم ڪندو ھو.
17. Byramji Dossabhoy & co.
بيرامجي ڊوساڀائي ائنڊ ڪمپني جو مالڪ ۱۸۸۷ ۾ ڄائو ھو ۽ ڊي جي ڪاليج مان تعليم ورتائين اڳتي ھلي واپار جي دنيا ۾ آيو ھن جو آمريڪا يورپ ۽ جاپان ۾ بہ واپاري ڪوٺيون ھونديون ھيون.
18. The Chartered Bank Of India, Australia and China.
دي چارڊرڊ بينڪ آف انڊيا ھندستان جي قديم ترين بئنڪ ھئي جنهن جي دنيا ڀر ۾ شاخون قائم ٿيل ھيون. ھي بئنڪ ۱۸۵۳ ۾ قائم ڪئي وئي.
19. Cowasjee & Co.
ڪائوسجي ائنڊ ڪمپني جا جوڙيندڙ پارسي ھيا ۽ اھا ۱۸۸۷ ۾ قائم ڪئي وئي. ھن جو مالڪ ڪائوسجي  رستمجي ھيو ۽ واپاري ڪمپني ۾ وڏو نالو ھئو.
20. Cox Shipping Agency, Ltd.
ڪاڪس شپنگ ايجنسي ۱۷۵۸ ۾ لنڊن ۾ ٺاھي وئي ھئي ۽ ان جي پوءِ شاخ ڪراچي ۾ کولي وئي. ھيءَ ڪمپني  پاڻي  جي جھازن تي سامان چاڙھڻ ۽ لاھڻ کان سواءِ درآمدي ۽ برآمدي واپار پڻ ڪندي ھئي.
ڪراچي جي جڏهن اسان واپاري ۽ تجارتي تاريخ لکنداسين تہ ان کي ٽن دورن ۾ ورھائڻو پوندو. پھريون ڏيھي واپارين جو دور آھي جنهن ۾ سيٺ نائون مل ۽ انهن جي ابن ڏاڏن ڪراچي کي مرڪز بڻائي ھندستان ۽ مشرق وسطى  ۾ واپاري ڪوٺيون کوليون. ڪراچي جي تجارتي تاريخ جو ٻيو دور انگريزن جي آمد سان گڏ شروع ٿيو . ھن دور ۾ ھندستان جي مختلف ھنڌن تان پارسي,کوجا,  ميمڻ, ڪرستان ۽ ٻيون واپاري برادريون ڪراچي لڏي آيون. انهن کي انگريزن ۽ فوج جي ضرورتن جي خبر ھئي ۽ جڏهن ڪراچي پورٽ ٺھيو تہ انهن وڏي پئماني تي پنهنجون وڏيون رقمون سيڙائي واپار شروع ڪيو. ٽيون دور تڏهن کان شروع ٿئي ٿو جڏهن سنڌي ماڻھن انهن ٻاھران آيل واپارين جي طور طريقن مان ڪجه سکيو ۽ واپار توڙي تجارت ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ شروع ڪيا

Good Wishes