FB IMG 15627347154081
 

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ”ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي پي ايڇ. ڊي مقالي جو تعارف

 
  ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ سنڌ جي فياض, شفيق ۽ وڏي عالم علامہ غلام مصطفى ا قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي. اها علامہ قاسمي مرحوم جي انسان-شناسيءَ جي خوبي هئي جو هن بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ تي ڀروسو ڪيو ۽ پنهنجي ڪيترن تحقيق ڪندڙشاگردن کي هدايت ڪئي تہ هو تحقيقي رهنمائيءَ لاءِ بابا سان رابطو ڪن. بابا انهن ڏينهين سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هوندو هئو . انهن ڏينهن ۾ ڪيترا تحقيق ڪرڻ وارا بابا وٽ ايندا هئا، رهندا هئا ۽ بابا سائين  جي ڪري سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ يا يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريري مان آسانيءَ سان استفادو ڪري سگهندا هئا. بابا وس پڳي هر ڪنهن جي مدد ڪندو ھئو. مثال طور ڊاڪٽر مرحوم شاهنواز سوڍر ستن سالن جي گيپ کان پوءِ وري تحقيقي ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هن کي ايڪسٽينشن بابا جي ڪوششن سان مليو. تحقيق ڪندڙن مان ڪيترا اسان وٽ رهندا هئا. ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ بہ انهن مان هڪ هئو.
  ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ “ حضرت پير محمد راشد عرف روضي ڌڻي ۽ ان جون علمي، ادبي ۽ روحاني خدمتون“ جي موضوع تي اسلامڪ ڪلچر جي سبجيڪٽ ۾  1989 ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي. هن جو اهو مقالو شايع بہ ٿيو آھي.
ڊاڪٽر لاڙڪ نهايت بهترين ڪم ڪيو آھي ۽ پاڳارن جي گاديءَ جي بانيءَ تي مثالي تحقيق ڪئي آھي. هن پنهنجي تحقيقي ڪم جي ورڇ ڪجه هن طرح ڪئي آھي:
  سندس مقالو ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آھي.
ڊاڪٽر لاڙڪ ڀاڱي پهرين ۾ نهايت عالماڻي انداز سان حضرت پير روضي ڌڻيءَ  جي حسب نسب تي روشني وڌي آھي. ٻئي ڀاڱي ۾ نهايت تحقيقاڻي انداز سان حضرت پير محمد راشد جو احوال لکيو آھي. هي ڀاڱو چئن بابن ۾ ورهائيو اٿس.
ڀاڱي ٽئين ۾ حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ جي ديني، علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن تي مثال ڏئي تفصيل سان روشني وڌي اٿس. هن ڀاڱي کي جيڪڏهن مقالي جو روح چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. ڇو تہ اهو ئي کوجنا جو موضوع، مقصد ۾ محور آھي. هن ڀاڱي ۾ پير روضي ڌڻيءَ جي اسلامي تبليغ ۽ روحاني تربيت تي جامع انداز ۾ لکيو ويو آھي. هي ڀاڱو ان لاء ٽن بابن ۾ ورهايو ويو آھي. پهرين باب ۾ هن بزرگ جي مکيہ خليفن جو بہ ذڪر ڪيو ويو آھي تہ ملفوظات جي علمي روحاني ۽ تاريخي اهميت تي مدلل بحث ڪيو ويو آھي.
  حضرت پير روضي ڌڻي ۽ سندس دور کي سمجهڻ لاءِ ڊاڪٽر لاڙڪ جي هيءَ ٿيسز هڪ اهم ۽ مستند ڪتاب جي حيثيت رکي ٿي. حضرت روضي ڌڻي هڪ بي بدل روحاني رهبر هجڻ سان گڏ وڏو مدبر بہ هئو. سندن خطن مان هن بزرگ جي سياسي بصيرت جا رنگ موجود آھن. حضرت پير سائين انهن روپن رنگن کان سواءِ پنهنجي دور جو وڏو عوامي شاعر بہ هئو ۽ سندس انهيءَ حيثيت تي بہ هن مقالي ۾ کوڙ مواد موجود آھي

Good Wishes