20190618 115933

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” اڳي ڇا پڙھايو ويندو ھئو؟.

 

سنڌ کي علم ادب جو گهوارو چيو وڃي ٿو . سنڌ کي اھو اعزاز حاصل آھي تہ دنيا جهان ۾ سڀ کان پھريون قرآن شريف جي ترجمي جي ڪوشش سنڌي ٻولي ۾ ٿي . سنڌ ۾ تعليم جو ھڪ منظم نظام ھيو ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ھندن توڙي مسلمانن جو پنهنجون پنهنجون درسگاھون ھونديون ھيون. ٻار استاد ۽ اداري جي حوالي ھوندو ھيو  ۽ سالن جا سال پڙھي پرجهي اچي عملي زندگي اختيار ڪندو ھيو. ڪو وقت اھڙو آيو جو ھندو بہ مسلمانن جي مڪتبن ۾ پڙھڻ لڳا ۽ اھو سلسلو انگريزن جي اچڻ تائين ھليو. ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر سنڌ جي اسلامي درسگاهن تي پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو لکيو ,جيڪو ڪتابي صورت ۾ موجود آھي . انهي کي پڙھڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ سنڌ ۾ تعليم ۽ تدريس جو ڪيڏو نہ وسيع ڄار پکڙيل ھيو.
انگريز آيا تہ انهن سنڌ جي ماضي واري تعليمي نظام کي تباھ ڪيو ۽ پنهنجي حڪومت ھلائڻ لاءِ منشين ۽ عملدارن پيدا ڪرڻ وارو تعليمي نظام رائج ڪيو .انهن مدرسن کي ملندڙ امداد بند ڪئي.
تعليمي نظام جي ھن تبديلي جو برو اثر اھو ٿيو تہ” انسان سازي“ تعليم جو مقصد نہ رھي ۽ اھا سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي وئي. انگريز ويا ۽ ان کان پوءِ تعليم جي مقصد ۽ اثر ۾ وڏو ڦيرو آيو. انگريزن جي زماني ۾ شاگرد جيڪو پڙھندا ھئا ان جي اثر سان پنهنجي شخصيت جا رنگ ڀريندا ھئا. پر اسان جي زماني ۾ تعليم پڙھڻ, پرجهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي لاءِ ڪانہ رھي آھي. بس ڊگري وٺڻي آھي سا بہ ڪاپي ڪري. اسان جي دور ۾ جھڙوڪ استادن,شاگردن ۽ تعليمي ادارن جو باھمي ربط نہ رھيو آھي. ان ڪري تعليمي ادارا ڊگرين ڏيڻ واريون فيڪٽريون بڻجي ويا آھن.
انگريزن جي زماني ۽ موجوده زماني ۾ اھو بہ فرق آھي تہ اڳي سبجيڪٽس گھٽ ھوندا  ھئا ھاڻي انهن ۾ اضافو ٿي چڪو آھي . ان ڪري ڪتابن جو تعداد بہ وڌي ويو آھي.  اڄ جو شاگرد جڏھن پِڙھڻ وڃي ٿو تہ هن کي ڀري ڪتابن جي کڻي وڃڻي پوي ٿي. ڪتابن ۽ سبجيڪٽس جي وڌيل تعداد شاگرد کي اسڪول کان پري رکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.  
تعليم جي تباھي جو وڏو ڪارڻ والدين جي عدم دلچسپي رھي آھي.ھو اھا تڪليف گوارا نٿا ڪن تہ سندن اولاد کي تعليمي ادارن ۾ ڇا ٿو پڙھايو وڃي. بس اھي بہ انهي ڳالھ تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا آھن تہ سنگت ساٿ جا لشڪر وٺي امتحاني مرڪزن تي ڪاھي اچن ۽ زوري يا چوري ڪاپي ڪرائي ٻار کي ڊگري وٺي ڏين. انهي صورت حال ۾ تعليمي ماھرن ۽ سماجي سڌارڪن تي فرض عائد ٿئي ٿو تہ اھي تعليمي نصاب ۽ ٻين ڳالھين تي غور ويچار ڪري حڪومت کي پنهنجي مطالبن مڃرائڻ لاءِ بار وجهن.
مون اڄ گل حيات جا ڪٻٽ ڇنڊيندي, ڪجه اھڙا  درسي ڪتاب ڪڍي ورتا جيڪي ۱۹۳٦ کان وٺي 1954 تائين سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پڙھايا ويندا ھئا. دل چيو تہ ” سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ“ کي گذارش ڪجي تہ سمورا پراڻا درسي ڪتاب, تاريخ ۽ جاگرافي جا ڪتاب ۽ حسابن جا ڪتاب جيئن جو تيئن پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪري. 
مون ٻين سبجيڪٽس جي ڪتابن کي ڇڏي درسي سنڌي ڪتابن کي ڀيٽي ڏٺو تہ جيئن اندازو لڳائي سگهان تہ اڳ ۾ شاگردن کي ڇا پڙھايو ۽ سيکاريو ويندو ھيو. منهنجي اڳيان چوٿين ۽ پنجين درجي جا درسي ڪتاب آھن جن جي پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو تہ انهن ڪتابن ۾ سنڌ ۽ ھند جي شخصيتن کان سواءِ مذھبي شخصيتن بابت بہ سبق ڏنا ويا آھن. ان کان سواءِ تاريخ, آثاريہ قديمه, سائنس ۽ اخلاقيات جي موضوعن کي درسي ڪتابن ۾ مناسب جڳه ڏني وئي آھي.جيڪڏھن انهن  شخصيتن جي مان لسٽ ٺاھيان جن تي سبق لکيا ويا آھن, تہ انهن جي نالن جو وچور ھن ريت ٿيندو: حضرت محمد صلي الله عليه وصلم, حضرت علي المرتض, بيبي فاطمه الزھرا,  حضرت امام حسن ,  حضرت ابوبڪر , حضرت عثمان غني, بيبي عائشيه صديقا, حضرت ابوزر غفاري, مخدوم نوح, ڪولمبس, پيران پير, شاھ ڪريم بلڙي وارو, مولانا محمد علي, ساڌو ھيرانند, سيد الھندو شاھ, ٽيپو سلطان, غلام محمد ڀرڳڙي رضيا بيگم, مرزا قليچ بيگ, سامي چين راءِ لنڊ ۽ ڏيا رام گدومل وغيره.
اخلاقيات ۽ شخصيت سازي تي تمام گھڻا سبق شامل ڪيا ويندا ھئا. مثال طور وقت جي پابندي , ڪفايت شعاري, فضول خرچي, محنت جي خوبي ۽ ديانتداري وغيره.
سائنسي ادب تي جيڪي سبق شامل ڪيا ويا ھئا انهن منجهان ڪي آھن: اسين ساھ ڪيئن ٿا کڻئون, ڪوئلي جي ڪھاڻي, ٻاڦ جون ڪلون, پارو ۽ ٿرماميٽر, ھوا جو داٻ ۽ بئراميٽر, پڙاڏو يا پڙلاءُ.
اھڙي ريت شھرن ۽ ڦٽل دڙن بابت بہ ٻارن کي پڙھايو ۽ سيکاريو ويندو ھيو. اھڙن سبقن مان ڪجه ھي آھن: ڪوئٽيا, دھلي جي جامع مسجد, ڀنڀور, روھڙي,  برھمڻ آباد, موھن جو دڙو ,سکر بئراج وغيره.
اڄوڪن درسي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل اھڙن سبقن مان اٽي ۾ لوڻ برابر بہ سبق ڪونهن. اسان کي جيڪڏھن نئين نسل جي شخصيت ۽ ڪردار کي سڌارڻو آھي تہ پنهنجي نصاب تي نظرثاني ڪرڻي پوندي ۽ ٻارن کي پڙھڻ لاءِ اھڙو مواد ڏيڻو پوندو جو ھو ماڻھوء مان انسان ٿي پون

Good Wishes