textgram 1561360728

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”موتي جھڙن ماڻھن جا موتي ميڙيو
 
سنڌ سياڻن سپوتن ۽ سرويچن کي پئي سدائين جنم ڏنو آھي . ھن ڌرتيءَ تي ڪڏھن ڪو اھڙو دور نہ آئيو آھي جيڪو ڏات ڌڻين کان وانجهيل ھجي . ھر دور ۾ ڏات جا ڏيئا ٻرندا رھيا آھن . پوءِ اھو اسان جو قصور آھي تہ ڪنهن جو ڪيترو قدر ڪيو اٿئون. پر ھيءَ بہ ھڪ تاريخي حقيقت آھي تہ قدر ڪرڻ ۾ اسان بنھ اڻ ڄاڻ ثابت ٿيا آھيون. ان ڪري تاريخ جي ورقن ۾ اسان جي پسند ۽ نا پسند ڪري گھڻا ھيرو زيرو بڻجي ويا آھن ۽ گهڻا زيرو وري ھيرو بڻجي ويا آھن. 
سڀ ڄاڻن ٿا تہ اسان گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ” شخصيتن, ادارن  ,تنظيمن ۽ واقعن“ کي مرڪز ۽ محور بڻائي تاريخي اھميت وارو مواد گڏ ڪندا آھيون. اھي افراد ئي آھن, جيڪي ادارن کي جنم ڏين ٿا ۽ انهن کي فعال بڻائن ٿا. اھي افراد ۽ ادارا ئي آھن جيڪي واقعن کي جنم ڏين ٿا.  ھر  ڪا  قوم ۽ ھرڪو معاشرو روز بروز سياسي, مذھبي, ثقافتي, سماجي, علمي ۽ ادبي واقعي کي جنم ڏين ٿا. جڏھن ڪو ھڪ واقعو تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ نٿو ٿئي تہ اھو سوچ ۽ لوچ جي تسلسل ۾ جهول وجهي ٿو.  ان ڪري” واقعي“ کي نظرانداز ڪرڻ تاريخ جي ھڪ خون ڪرڻ برابر آھي. ڪاش ڪو اچي گل حيات ۾ ڏسي ت اسان ۱۸۴۳ کان وٺي” واقعن“ کي ڪيئن محفوظ رکيو آھي, ”ادارن“ تي ڪيئن مواد گڏ ڪيو آھي ۽ ڪنهن بہ ” شخصيت“ تي ڪھڙن زاوين کان معلومات ڪٺي ڪئي آھي. 
ھڪ اڌ ڏينهن اڳ ( ۲۲ جون) رسول بخش پليجي جي سندس عاشقن ۽ مداحن جنگ شاھي ۾ پھرين پر مثالي ورسي ملھائي. ڪو ماڻھو مري وڃي ٿو تہ ان کي پنهنجا ئي پوري اچڻ کان پوءِ ايئن وساري ويھن ٿا ڄڻ تہ ھو ڄائو ئي ڪون ھو. پر جڏھن ڪنهن جي مري وڃڻ کان پوءِ بہ پنهنجا  توڙي پراوا  کيس ايئن محبت ۽ عقيدت سان ياد ڪن تہ چئبو تہ مري ويل موتي جو داڻو ھيو.
رسول بخش پليجي جي ورسي تي ماڻھن جا ھجوم ڏسي, دل سٽ ڏني تہ آئون ھن جي ھڪ ھڪ مداح کي جهلي وڏي واڪ ٻڌايان تہ اوھان پنهنجي اڳواڻ سان محبت  ڪريو ٿا پر گل حيات ۾ اچي ڏسو تہ اسان سنڌ جي آدرشي انسانن سان ڪيئن ٿا عشق ڪيون ۽ ڇوٿا عشق ڪيون? 
ڏاھن جي ھن ڏيھ جي ڏات ڌڻين تي ڪم ڪيئن ڪجي اھو سليقو ۽ طريقو گل حيات انسٽيٽيوٽ وٽ موجود آهي,جيڪو منفرد بہ آھي تہ مثالي بہ آھي. گل حيات انسٽيٽيوٽ ھڪ غير  جانبدار ادارو آھي ان ڪري سنڌ جي آدرشي شخصيتن سان عشق ڪرڻ جا ان جا پنهنجا انداز آھن. 
رسول بخش پليجو اسان جي دور جي وڏن ڏاھن,سيبتن ۽ سياڻن ماڻھن مان ھڪ ھيو . ھن جي  حيثيت ڪيترن حوالن سان پنهنجي دور جي ڏاھن کان الڳ ۽ منفرد ھئي. اسان جو ھن سان ڪو روايتي انداز وارو  سياسي يا نظرياتي سنڱ سياپو ڪونہ ھيو. پر ھن سان باقي ٻين آدرشي انسانن وانگر تاريخي رشتو ھيو ۽ رهندو . رسول بخش پليجو “سيلف ميڊ“ ماڻھن مان ھڪ ھيو. ھن پاڻ ٺاھيو ۽ پنهنجي دنيا ٺاھي. هن ادب توڙي سياست ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. ھن پنهنجي سياسي سرگرمين جون سرحدون وڌائي سنڌ کان ٻاھر بہ پنهنجي سوچ ۽ لوچ جي ڏات جلائي. ”عوامي تحريڪ“ جھڙي نوجوان ۽ لکيل  پڙھيل طبقي جي مقبول پارٽي ٺاھڻ سندس وڏو ڪارنامو ھيو. ايم آر ڊيءَ ۾ پنهنجون مثالي قربانيون ۽ خدمتون ڏيڻ اڃان بہ   ھن جو وڏو ڪارنامو ھيو. ھن پنهنجي حياتي اجائي نہ گهاري پر مقصد سان گذاري. ھن جي پھرين ورسي ملھائڻ بيشڪ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ھڪ تاريخي واقعو ھيو. پر سندس ورسي ملھائڻ سان گڏو گڏ ھن آدرشي انسان سان نڀائڻ بہ اسان جو قومي فرض بڻجي ٿو. رسول بخش پليجي جيڪي سياسي, ادبي ۽ نظرياتي خدمتون سر انجام ڏنيون, انهن کي تاريخي تحقيق جي قدرن ۽ نظرين مطابق ميڙي چونڊي گڏ ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آھي.
گل حيات انسٽيٽيوٽ رسول بخش پليجي جي سياسي, نظرياتي ۽ ادبي قد بت کان باخبر ھيو، ان ڪري ھن اداري ۾ شروعاتي ڏھاڙن ۾ ئي اسان ” رسول بخش پليجو ڪارنر “  قائم ڪيو. جنهن ۾ سندس شخصيت ۽ خدمتن بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. رسول   بخش پليجو جڏھن اڃا شاگردي جي زماني ۾ ھيو تہ اسان انهي دور کان وٺي سندس علمي ۽ قلمي سرگرمين بابت مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ رسول بخش پليجي بابت جيڪو اسان مواد گڏ ڪري سگهيا آھيون اھو ٻن قسمن جو آھي. پھرئين قسم ۾ ڪتابن تي مشتمل  مواد شامل آھي,جيڪي ھن پاڻ لکيا يا ھن بابت لکيا ويا آھن. ٻئي قسم جي مواد ۾ اھي مضمون, ايڊيٽوريل ۽ بيان ۽ خبرون وغيره آھن جيڪي سندس شخصيت تي روشني وجهن ٿا, جيڪي ھن جا پنهنجا بہ آھن تہ مداحن خواھ مخالفن جا بہ آھن ۽ جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبا رھيا آھن. رسول بخش پليجي ايم آر ڊي ۾ جيڪي خدمتون ۽ قربانيون ڏنيون اھو سمورو رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آھي. ھن جو وڏو ڪارنامو اھو آھي تہ ” ڪالا باغ ڊيم“ خلاف عوام کي ھوشيار ۽ بيدار ڪرڻ ۾ قائدانہ ڪردار ادا ڪيائين. سندس انهن  ڪوششن ۽ خدمتن تي چڱو خاصو مواد اداري ۾ موجود آھي.
مون اڄ رسول بخش پليجي بابت ھي پوسٽ انهي ڪري لکي آھي تہ سندس نظرياتي پوئلڳن ۽ مداحن کي متوجه ڪري سگهان تہ رسول بخش پليجي جو اڃا اسان کي قرض لاھڻو آھي ۽ ھن جي شخصيت توڙي خدمتن بابت مواد جي ميڙي چونڊي مڪمل ڪري تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻي آھي. ان ڪري اھا وقت جي تقاضا آھي تہ مواد جي ميڙي چونڊي ۽ تاريخي تحقيق جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ سندس سياسي ۽ نظرياتي عاشق گل حيات سان سھڪار ڪن ۽ اسان کان ڪم ڪرڻ جا طريقا ۽ سليقا سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. مواد ۽ ميڙي چونڊي جو اڃا بہ چڱو حصو رھيل آھي. سندس پارٽي جي سمورن پوسٽرن ۽ پمفليٽن کي گڏ ڪرڻو آھي ۽ سموريون آڊيو وڊيو ڪيسٽيون ھٿ ڪرڻيون آھن. ان کان پوءِ رسول بخش پليجي جي پوئلڳن کي ھڪ فعال ويب سائيٽ ٺاھڻي آھي جنهن تي اھو سمورو مواد اپلوڊ ڪري سندس پيغام کي محفوظ بہ ڪرڻو آھي ۽ دنيا جهان تائين بہ پھچائڻو آھي. اسان غير مشروط سهڪار ڪرڻ لاء تيار آھيون

Good Wishes