20190617 134206
 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”تاريخ جي تحقيق ۽ مطالعي جا طريقا.
 
سنڌ جي تاريخ, تاريخي تحقيق ۽ تاريخ شناسي ٻين صوبن کان مختلف آھي. ان جو ڪارڻ ھي آھي تہ سنڌ محمد بن قاسم جي اچڻ کان پوءِ ٻن :ھندو ۽ مسلمان ڪئمپن ۾ ورھائجي وئي. ان ڪري ھر ڪنهن ڌر پنهنجي حوالي ۽ حساب سان تاريخ تي ڪم ڪيو . انهي ڪم باوجود ھي چوڻ مناسب ٿيندو تہ ٻنهي ڌرين طرفان قديم ۽ عظيم سنڌ جي تاريخ تي سنجيدگي سان ڪم نہ ٿيو آھي جنهن ڪري ڪيترائي تاريخي مونجهارا ھن وقت تائين ڪر کڻي بيٺا آھن. ۱۹۴۷ کان پوءِ ڪيترا قلم-ڌڻي ھندو سنڌ ڇڏي ويا .ان ڪري ھندن توڙي مسلمان تارخ نويسن کي ھڪ ھنڌ ويهي, گوڏا ڀڃي ۽ ٻوڙو ٻڌي آچار ڪرڻ جو موقعو نہ مليو آھي. ان ڪري تاريخي تحقيق ۾ ”داخليت پسندي“ جو رنگ چڙھيل نظر اچي ٿو.
سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪي مونجهارا ھن وقت تائين حل نہ ٿيا, ۽ جن جي نتيجي ۾ حقيقتن بدران مفروضن کي اسان جي تاريخ ۾ جاءِ ملي وئي. ان سلسلي ۾  ڪي مثال ھيٺ عرض رکان ٿو: 
مثال طور ” موھين جو دڙو “ جو اصل نالو ڇاآھي? ھندو ان کي ”موھن جو دڙو“ چون ٿا.  ايوب شاھي جي زماني ۾ ان کي سرڪاري طور تي ” موئن جو دڙو“ چيو وڃي ٿو. جنهن جو مطلب آھي مري ويلن جو دڙو. ليڪن ان دڙي جي ڀر پاسي ۾ رھندڙ انهي کي ” مھين جو دڙو“ چون ٿا جيڪو ان جو اصلي ۽ درست نالو آھي. 
جڏھن ھندو ان کي ” موھن جو دڙو“ چون ٿا تہ ان مان سندن” تاريخ دوستي“ کان وڌيڪ ” مذھب دوستي“ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. اھڙي ريت جيڪي ان کي“ موئن جو دڙو “ چون ٿا اھي باقي ٻين دڙن کي” جهڪر جو دڙو“ يا ” ڪاھو جو دڙو“ ڇو ٿا چون؟ اھي انهن کي بہ ”موئن جو دڙو نمبر ٻيو“ ۽ ” موئن جو دڙو نمبر ٽيون“ ڇون ٿا چون? جڏھن تہ اھي دڙا بہ مري ويل ماڻھن جا دڙا آھن. 
ساڳي ريت ” مھين جي دڙي“ جي لپيءَ تي بہ ھن وقت تائين ڪا متفق راءِ قائم ٿي نہ سگهي آھي، جڏھن تہ انهي موضوع تي کوڙ سارا ڪتاب بہ اچي چڪا آھن. ساڳي ريت اڏيرو لال ھندن توڙي مسلمانن جي نظرن ۾ ھڪ جھڙي اھميت ۽ عظمت رکي ٿو. پر انهي جي مستند سوانح حيات اڃا لکي نہ وئي آھي ۽ اھا خبر نٿي پوي تہ ھن عظيم انسان جڏھن جنم ورتو ۽ ھندن جي مدد ڪئي تہ ڏکڻ سنڌ ۾  ان وقت ڪھڙو حڪمران ھيو ۽ سندس ظلم ۽ هندو - دشمنئ جا واقعا ٻين ڪهڙن ڪتابن ۾ ملن ٿا؟
سنڌ جي تاريخ ۾ اھڙيون کوڙ ڳالھيون آھن جن ۾ ھندو توڙي مسلمان محققن جي وچ ۾ شديد اختلاف موجود آھن. سنڌ جي ماضي بعيد تي ڪو ڪم ڪونہ ٿيو آھي. جيڪڏهن ڪجه تاريخ ملي ٿي ت اھا محمد بن قاسم جي اچڻ کان پوءِ جي ملي ٿي. جنهن دور لاءِ فقط” چچ نامو“  بنيادي ڪتاب ڄاتو وڃي ٿو. انهي “چچ نامي “ ۾ جيڪو ڪجه سنڌ جي حڪمران راجا ڏاھر لاءِ چيو ۽ لکيو ويو انهي جو جواب گنگارام سمراٽ پنهنجي ڪتاب ” نئون چچنامو- ڀينڪر دوکو“ ۾ ڏنو. جھڙي ريت “چچ نامو “ مسلمان محقق بڻجي لکيو ويو آھي، اھڙي ريت گنگارام سمراٽ پڻ ھڪ ھندو محقق ٿي” چچ نامي“ جو جواب لکيو آھي. البته, گنگارام سمراٽ پنهنجي ضخيم ڪتاب ۾ کوڙ سارا ٻين ڪتابن جا حوالا ڏنا آھن ۽ ڪيترن اعتراضن جا جواب ڏنا آھن. 
گنگارام سمراٽ سنڌ ۾ ڄائو ليڪن ۱۹۴۷ کان پوءِ لڏي وڃي انڊيا ويٺو ۽ ھن اتي سنڌ جي تاريخ کي پڙھڻ جا نوان زاويا تجويز ڪيا . ھن جو ڪتاب ” سنڌو سؤوير“ پڻ وڏي اھميت رکي ٿو، جنهن ۾ ھن سنڌ جي قديم تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو آھي. سندس ٽيون ڪتاب ” آريه ورت“ بہ وڏي اھميت رکي ٿو. مون اڄ ھن پوسٽ ۾ گنگارام سمراٽ جي ڪتاب ” موھن جو دڙو“ جي تصوير ڏني آھي جيڪو  لڳ ڀڳ ۲۰۰ صفحن جو ڪتاب لکيو آھي. سندس اهي ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.
اھي ماڻھون جن موھين جي دڙي تي جان مارشل ۽ ٻين آثاريه قديمه جي ماھرن کي پڙھيو آھي تن جي لاءِ ھن ڪتاب جو مطالعو وڏي اھميت رکي ٿو. ڇو تہ انهي ڪتاب ۾ موھين جي دڙي جي لپيءَ , ان دور جي سوسائٽي ۽ انهي وستيءَ جي تباھ ٿيڻ جا ڪارڻ نئين انداز سان ٻڌايا آھن. جنهن ڪري ھي ڪتاب  نہ فقط منفرد ٿئي ٿو پر موضوع تي نئين معلومات پڻ فراھم ڪري ٿو. گنگارام  سمراٽ انهن محققن مان ھڪ آھي جن ”آرين “جي اچڻ ۽ سنڌين کي ”اڻ آريه“ چوڻ واري مفروضي کي غلط ثابت ڪيو آھي. سندس انهي نظرئي انڊيا ۾ رھندڙ ڪيترن ليکڪن کي متاثر ڪيو جن آرين جي مفروضي کي رد ڪندي ڪيترا ڪتاب لکيا. 
مون گنگارام سمراٽ جي تحقيقي قلمي پورھي کي روشناس ڪري اھو چوڻ گهريو آھي تہ اسان ھندن توڙي مسلمانن تاريخ نويسن  سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ ۽ ان جي مطالعي ڪرڻ جا پنهنجا پنهنجا طريقا بڻايا آھن ان ڪري مستند ۽ معياري تاريخ پڙھڻ لاءِ ڪانہ ٿي ملي. گنگارام سمراٽ اھي ڪتاب لکندي ڪيترن ئي انگريزي توڙي ٻين ٻولين جي ڪتابن جو استفادو ڪيو آھي ۽ حوالا ڏنا آھن. ڀلي انهي جي نظرئي ۽ منطق سان ڪو اختلاف ڪري, پر ھي ڳالھ مڃڻي پوندي تہ وٽس ” تاريخي تحقيق “ جو طريقو ھيو.
سنڌ جي تاريخ کي جامع ۽ مستند بڻائڻ لاءِ ضروري آھي تہ مفروضن جي بنياد تي تاريخ لکڻ جي بدران جديد تحقيقي طريقن کي ڪم آڻجي ۽ اھا تاريخ رڳو مسلمان ٿي يا ھندو ٿي نہ لکجي. ڇو تہ تاريخ داخليت پسندئ جا اھي بار برداشت ڪري نہ ٿي سگهي. ڇو تہ ڪا تاريخ “مذھبي تاريخ“ تہ ٿي سگهي ٿي پر مذھبي بڻجي ڪا تاريخ نٿي لکي سگهجي. ان لاءِ انتھائي غير جانبدار ٿي وڏين شاھدين ۽ ثابتين سان فردن, ادارن ۽ واقعن بابت راءِ قائم ڪرڻي پوندي

Good Wishes