textgram 1560591726
 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”خاڪسار تحريڪ بابت گل حيات ۾ موجود مواد.
 
”خاڪسار تحريڪ“ تي مان  ھن کان اڳ بہ ھڪ اڌ  پوسٽ لکي چڪو آھيان. پر, ” سامي جي مٽن“ وانگر بابا سائين جي ورتل نوٽس جون ڳوڻيون کوليندو ٿو وڃان تہ ھر ڪنهن موضوع تي اضافي معلومات ملندي وڃي ٿي. ” خاڪسار تحريڪ“ تي گل حيات ۾ ايترو مواد موجود آھي جو ان جو ڪيٽالاگ ٺاھجي تہ ھڪ ڪتاب جڙي پوندو.
خاڪسار تحريڪ تي مون ھن کان اڳ ۾ ھڪ پوسٽ لکي جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ھيم تہ ھن شاگردئ واري زماني ۾ خاڪسار تحريڪ لاءِ ڪھڙيون خدمتون سر انجام ڏنيون.
خاڪسار تحريڪ بابت اسان جي ويب سائيٽ تي بہ ٻن ھنڌن تي مواد موجود آھي. ھڪڙو, انگريزن جي دور وارن سياسي پارٽين جي ھنڌ تي ۽ ٻيو” لاڙڪاڻي جا مشاھير“ واري حصي ۾. اڄ جنهن مواد تي مان روشني وجهان ٿو, اھو ويب سائيٽ تي رکيل مواد ۽ ھن کان اڳ لکيل منهنجي ٻن پوسٽن ۾ ڏنل مواد کان مختلف ۽ اضافي آھي.
آزادي جي تحريڪ ۽ پاڪستان جي تحريڪ ۾ ائين ٿيو جو ”خلافت تحريڪ“ مذھبي سياست جو ٻج ڇٽيو. جڏھن خلافت تحريڪ پوئين پساهن کي پھتي تہ ” خاڪسار تحريڪ“ سنڌ ۾ اکيون کوليون ۽ خلافت تحريڪ جي ڇٽيل ٻج جي آبياري ڪئي. جڏھن فصل پچي راس ٿيو تہ ”مسلم ليگ“ اھو لڻيو ۽ عام سنڌي مسلمان کي پاڪستان تحريڪ جو عاشق بڻائي ڇڏيو. ان ڪري خاڪسار تحريڪ جي خدمتن ۽ ان جي سنڌ جي سياست تي پيل اثر کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. 
گل حيات ۾ جيڪا خاڪسار تحريڪ بابت وڌيڪ معلومات موجود آھي انهي ۾ مکيه عھديدار, ضلعي سالار, سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ طرفان قائم ٿيل ڪئمپون, خاڪسار تحريڪ جا مبلغ ,خاڪسار تحريڪ جا حڪم ناما ۽ خاڪسار تحريڪ بابت ڪتابن جي ڄاڻ موجود آھي. 
مکيه عھديدارن جي نالن تي نظر وجهئون ٿا تہ پتو پئجي ٿو تہ سائين جي ايم سيد ڪراچي ۽ دادو ضلعن جو سالار اعلى ھيو ۽ پير الاھي بخش لاڙڪاڻي ضلعي جو سالار ھيو.  رئيس غلام مصطفا  ڀرڳڙي وري سنڌ جو سالار اڪبر ھيو. اھڙي ريت مير الا بخش ٽالپر ٿرپارڪر ضلعي جو سالار ھيو ۽ نثار کھڙي جو پيءُ  حاجي محمد نواز خان کھڙو  وري ضلعي لاڙڪاڻي جو سالار ھيو. ساڳي طرح سان تعلقي جي سالارن ۾  وري اسان کي ڊاڪٽر عبدالجبار جي والد ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجي, خان صاحب عطا محمد پلي ۽ مولوي محمد معاض جا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. 
سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ وڏي پئماني جون ست ڪئمپون لڳايون: جيڪي ھيون اڊوڙي ڪئمپ, صوفي ڪئمپ , مخدوم جي ڪني ڪئمپ, ٽنڊو محمد خان ڪئمپ, روجهاڻ ڪئمپ,  راضي شاھ ڪئمپ ۽ پنگريو ڪئمپ.  انهن سمورن جو تفصيلي احوال گل حيات ۾ موجود آھي. انهن ڪئمپن ۾ جن خاڪساري عھديدارن شرڪت نہ ڪئي ۽ انهن کي  پارٽي طرفان جيڪي سزائون ڏنيون ويون  انهن جا تفصيل پڻ اسان جي گڏ ٿيل مواد ۾ موجود آھن. 
گل حيات ۾  خاڪسار تحريڪ جا ڪيترا ڪتاب بہ موجود آھن انهن منجهان ڪن جا نالا ھن طرح آھن: انفاق مال, خاندان علامه مشرقي ڪا سوئى دار, خاڪسار ڪا دستور العمل, اسلام ڪي عسڪري زندگي, خدا, ماڻھو ۽ ڪائنات, چوويھ اصول ۽ چوڏھن نقطا, الا صلاح, المشرقي, قرآن ۽ ارتقا, دين فطرت, حريم غيب ڪليم, شاھراه عمل, قول فيصل, ڪشمير اور علامه مشرقي, مرقع حيات علامه عنايت الله خان, خاڪسار مومينٽ ان انڊيا, خاڪسار تحريڪ اور صحافتي تعصب, انساني مسئلو, قول سديد, تڪمله, ايڪ مجاھد علامه مشرقي, صراطه مستقيم, انسان جي منزل مقصود, مولوي ڪا غلط مذھب, خاڪسار تحريڪ, ماسڪو سي مڪه تڪ, قوم جي نو عمر جوانن لاءِ, يوم مڪافات ۽ آسمان ڪا ٽڪڙا وغيره. 
کل جي ۽ ڏک جي ڳالھ آھي. کل جي ڳالھ ان ڪري تہ سنڌ جي فردن,پارٽين, تنظيمن ۽ واقعن بابت سرڪاري توڙي ذاتي ادارن ۾ ۽ خاص طور تي گل حيات ۾ مواد  ۽ معلومات جي ڪا ڪمي ڪانهي. قدرت اسان جي تاريخ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي قدرت ۽ ڪاريگري مان ڪم ورتو آھي. ڏک جي ڳالھ ھي آھي تہ مواد ۽ معلومات جا جهول ڀريا پيا آھن پر قلم کڻي تحقيق ڪري سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ وارا گھٽ آھن. گل حيات کان جيڪو پڄندو اھو ڪندو ۽ جيئن جيئن موقعو ملندو ويندو تيئن تيئن اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي اھو مواد رکندا وينداسين. ان ڪري نہ ڪنهن تي ميار رکون ٿا ۽ نہ وري ڪم.ڪرڻ تي زور ڀريون ٿا، اسان هن مان خوش آھيون تہ الله پاڪ اسان کان چڱو ڪم وٺي رهيو آھي. سندس لک شڪرانا

Good Wishes