textgram 1560422688
 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”تحقيق، عشق ۽ انصاف جا انداز ئي پنهنجا. مون جيئن گل حيات ۾ ڪم ڪندي محسوس ڪيو.

انسان ڏاڍو  آزاد ۽ خود مختيار آھي. پوء بہ ڪي ڳالھيون اھڙيون آھن جنهن ۾ ھو رضاڪارانا طور تي پنهنجي آزادي، مرضي ۽ خودمختياري تان ھٿ کڻي ٿو. اسان اھو تہ ٻڌو آھي تہ” انصاف ۽ عشق “ جي اڳيان ڪنهن جي ڏاڍ مڙسي نٿي ھلي، بلڪ پنهنجي مرضي نٿي ھلي. ” عدل ۽ انصاف“ پنهنجي مرضي سان جنهن کي سچ سمجهي انهي جو وڏي واڪ اعلان ڪري. ساڳي طرح ” عشق“ نہ ڏسي عمر نہ ڏسي ذات پات، درياھ بادشاھ وانگر جتان وڻيس اتان ڪاھي ۽ پائي . انسان ان جي آڏو ڏاڍو لاچار ۽ مجبور آھي.” عشق ۽ انصاف“ وانگر” تاريخي تحقيق“ جا بہ ساڳائي انداز ۽ رويا ٿين ٿا.  انهي ڳالھ جو تجربو مون کي گل حيات ۾ ڪم ڪندي ٿيو. 
گل حيات ۾ اسان” فردن، ادارن ۽ واقعن “ بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪندا آھيون. انهي ڪم ڪندي ڪڏھن ڪڏھن پنهنجي جي ۾ جهاتي پائيندا آھيون ۽ کل بہ وٺندي آھي تہ عجب بہ وٺندو آھي ۽ اھو سمجهي نہ سگهندا آھيون تہ اسان ڪيڏو بي وس ۽ لاچار آھيون جو دل ھوندي بہ ڪنهن کي لاھي پائي چاھي نٿا سگهئون. اسان تحقيق ڪيڻ وارا نفرتن ۽ محبتن جي جذبن کان پاڻ کي صفا خالي سمجهندا آھيون. کوڙ سارا اھڙا افراد آھن، اھڙا ادارا يا تنظيمون آھن ۽ اھڙا واقعا آھن جي نالي وٺڻ سان بہ ڪرڀ ۽ تڪليف ٿئي ٿي . پر  صحيح، سچي ۽ غير جانبدارانہ تاريخ لکڻ لاء انهن کي بہ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. اسان انهن کي بہ اوتري اھميت ڏيندا آھيون ۽ اوتري محنت ڪري سندن مواد گڏ ڪندا آھيون جيتري اھميت ۽ محنت اسان انهن فردن، ادارن ۽ واقعن کي ڏيندا آھيون جن سان اسان جون والھانہ نسبتون، رغبتون ۽ محبتون ٿين ٿيون. ان ڪري اسان ڪنهن تفريق کان ڪم وٺي نٿا سگهئون ۽ ڪنهن جي موافقت يا مخالفت واري مواد کي لڪائي يا ڪاٽي نٿا سگهئون. جيئن چوندا آھن تہ ھر ڪا ٻڪري پنهنجي ڦاھي ٽنگبي آھي. اھڙي ريت تاريخ جي ورقن ۾ ھرڪو فرد، ھرڪو واقعو ۽ ھر ڪو ادارو پنهنجي خدمتن ۽ محبتن يا پنهنجي غدارين ۽ وفادارين جي ڳٺڙي ڪلھي تي رکي تايخ جي ورقن ۾ ظاھر ٿئي ٿو. 
اسان غير جانبداري جي ڏاڍ تي پنهنجي نفرتن ۽ محبتن کي چتا تي چاڙھي پوء مواد ۽ معلومات گڏ ڪندا آھيون. انڪري جتي ” مسلم ليگ“  جو مواد گڏ ڪنداسين اتي ” ڪانگريس “ کي بہ نظر انداز نہ  ڪنداسين. جتي ” ھندن“ سان ٿيل زيادتين جو ذڪر ڪبو، اتي ” مسلمانن“ سان ٿيل بي انصافيون بہ ڪون وساربيون. بلڪل اھڙي طرح  اڄوڪي دور ۾ جڏھن ” جيئي سنڌ“ جو ذڪر ڪبو تہ ” ايم ڪيو ايم“ کي بہ  وساري نہ ويھبو. ھر ڪنهن فرد يا پارٽي جيڪو ڪجه ڪيو  آھي انهي جو غير جانبداري سان مواد گڏ ڪري رڪارڊ رکبو.
تاريخ نويسي“ ھڪ الڳ عمل آھي تہ وري” تاريخ بيني “ الڳ ڳالھ آھي . جيڪي ماڻھون تاريخ کي سمجهن ٿا تہ انهن جا رويا ۽ نظريا باقي ماڻھن کان مختلف ٿين ٿا. مثال طور مواد ۽ معلومات جي کوٽي ۽ پنهنجي پسند ۽ نا پسند جي رنگ ڪري اسان کي ڪوڙيون تاريخون مليون آھن. ان ڪري اڄ جن کي پڇ ٻڌي مھري ڪجي ٿو، ماضي ۾ انهن جو پنڊي تي بہ نالو لکيل ڪونہ ھيو. غلط تاريخ نويسي ڪيترن ھيرن کي زيرو ڪري ڇڏيو۽ ڪيترا زيرو ھيرو ٿي ويا. اسان تي ڇا گذرندي ھوندي جڏھن اھڙن ماڻھن جي اڳيان سيس نمائڻ تي زور ڀريو ويندو آھي ، جن ماضي ۾ اھڙا ڪم ڪيا جن جي ڪري سڄي قوم کي سيس نمائڻو پيو. ان ڪري تاريخ جو ڄاڻو انڌو مقلد ۽ شخصيت پرست نہ ھوندو. ھو مٽي مان ٺھيل ۽ مٽي ۾ پوريل انسان بدران قدر ۽ نظرين جي ڳالھ ڪندو.
مون کي اھو احساس ۽ ادراڪ تاريخ پڙھڻ ۽ تاريخي اھميت واري مواد گڏ ڪرڻ دوران مليو . ان ڪري ھر پل اھو محسوس ڪندوآھيان تہ ” عشق“ ” عدل“ ۽ ” تحقيق“ روين ۽ اندازن ۾ ھڪ جھڙا آھن. اھي پارت ۽ سفارش کان گھڻو مٿي آھن ۽ اھي ماڻھو کي انسان ٺاھڻ ۽ انسان کي اشرف المخلوقات ٺاھڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا

Good Wishes