textgram 1559377683
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

 
”سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
 
قومون ۽ سندن تھذيبون ندين جي ڪنڌين تي جنم وٺنديون آھن. سنڌ شايد دنيا جي ٿورن خطن مان ھڪ  خطو آھي جنهن پنهنجو نالو درياءَ تي رکيو ۽ انهي درياءَ منجهان پنهنجو نالو حاصل ڪيو . سنڌو درياه  سنڌ جي جياپي، مذھب ۽ سماج ۾ نہ مٽجندڙ رنگ جي حيثيت رکي ٿو. سنڌي ھندو  صدين کان درياءَ جي پوڄا ڪندا آھن .عام سنڌي ھندو توڙي مسلمان پنهنجي اولاد تي سنڌو  نالو رکندا آھن. ھن دھشت ڀري درياءَ تي سکر بئراج ٺھي جنهن جي ڪم جي شروعات 1923 ۾ ٿي ۽ اھو 1932 ۾ ٺھي راس ٿيو. 
سنڌو بئراج جي پس منظر ۽  سنڌ تي پوندڙ سماجي، اقتصادي ۽ سياسي اثرن تي تاريخي تحقيق ڪرڻ بدران اسان جا کوڙ نوجوان انهي وٺ پڪڙ ۽ پريشانئ ۾ لڳا پيا آھن تہ “ جمالو“ ڪير ھيو؟ جنهن تي “هو جمالو “  گيت لکيو ويو. اھو انهن جي لاءِ ڪشمير کان بہ وڌيڪ سنگين مسئلو ٿي ويو آھي. 1923 کي ڪي صديون ڪونہ گذريون آھن جو جمالو ۽ جمالي جو گيت “ ھو جمالو“ اسان لاءِ ڳجهارت بڻجي ويو آھي. دراصل جڏھن بہ ڪنهن موضوع تي مواد نہ ھوندو  ۽ ڪنهن طريقي يا سليقي سان تحقيق نہ ڪبي تہ پوءَ تاريخ ۾ ڏند ڪٿائون ۽ مفروضا جنم وٺندا آھن.
سکر بئراج ٺھڻ واري تحريڪ انگريزن ۽ بين الاقوامي تجارت ڪندڙ واپاري ڪميونٽي ھلائي. انگريزن اسان جو نظرياتي استحصال ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي پيداوار ۽ ڪچي مال کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ روڊ ۽ رستا ٺھرايا ريلوي جو نظام قائم ڪيو ۽ سکر بئراج ٺھرايو تہ جيئن سرسبز سنڌ کي لٽڻ ۽ ڦرڻ ۾ ھن لاء ڪا رستي روڪ نہ ٿئي .
سکر بئراج جي جوڙڻ ۽ ٺھڻ جو اھو ئي اھم پس منظر ھيو. تاريخ جي ورقن ورائڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ  ڪنهن سنڌي ماڻھوءَ ، ڪنهن سنڌي معاشيات جي ماھر ۽ زراعت جي ڄاڻوءَ طور سکر بئراج جي ٺاھڻ يا جوڙڻ جي وڪالت ڪان ڪئي. پر اھي ڌاريا ۽ غير ھئا جن اھي اھڙيون ڳالھيون ڪيون، ڪتاب لکيا ۽ سکر بئراج جي ٺاھڻ لاءِ تحريڪ ھلائي.
 سڀ کان پھريون 1855 ۾ سنڌ جي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ سنڌو جي پاڻيءَ جي ورڇ ۽ انتظام بابت ڳالھ ڪئي. 1867 ۾ وري ان ڳالھ کي چوريو ويو. 1872 ۾ ھندستان جو وائسراءِ لارڊ  نارٿ بروڪ سنڌ جو دورو ڪيو جنهن آب پاشي جي حوالي سان سرڪاري حڪمت عمليءَ بابت نيون ڳالھيون ڪيون. منهنجي چوڻ جو مقصد ھيءُ آھي تہ مان سکر بئراج جي تاريخ ڪون ٿو لکان مگر اھو عرض ڪرڻ گھران ٿو تہ سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن بابت ڳالھيون تمام آڳاٽيون ۽ پراڻيون آھن. جيئن تہ سنڌ ممبئي پرڳڻي جو حصو ھئي ان ڪري ممبئي توڙي مرڪزي سرڪار سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکندي آئي ان ڪري سکر بئراج ٺاھڻ واريون ڳالھيون ايترو توجه وٺي نہ سگهيون تان جو 1919 ۾ سکر بئراج ڪئنال جو پراجيڪٽ ٺھيو انهي کان پوءِ سنڌ جي زراعت ۽ تجارت ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻھن لکڻ ۽ ڳالھائڻ شروع ڪيو تان جو 8 جون 1923 تي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سکر بئراج پراجيڪٽ تي بحث شروع ٿيو ۽ جيڪو ٻہ ڏينهن ھليو ۽ ان جي نتيجي ۾ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل  ھند سرڪار کي گذارش ڪئي تہ سکر بئراج ٺھرايو وڃي. ممبئي ليجيسليٽو ڪائونسل ۾ جيڪا اھا ڊبيٽ ٿي ان جي ھارڊ ۽ سافٽ ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي جنهن کي اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي بہ رکيو آھي ۽ اھا مان دعوا ڪري سگهان ٿو تہ اھو ڊاڪيومينٽ ڪنهن ٻئي اداري ۾ نہ پر گل حيات ۽ ان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 
ھن کان پوءِ سرڪاري سطح تي ۽ خاص طور تي اي اي مستو  A A Musto ۽ سر ايم ڊي ويب  sir M.de p.WEBB  سکر بئراج بابت گھڻو ڪجه لکيو. ممبئي سرڪار نومبر 1933 ۾ “سنڌ ۽ لائيڊ بئراج جي نالي سان ھڪ رپورٽ “ ٺاھي جيڪا 100 صفحن کان مٿي آھي .انهي رپورٽ ۾ سکر بئراج جا خد و خال ۽ ٻين ڪيترين لاڳاپيل ڳالھين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آھي. ھي رپورٽ اٺن بابن ۽ چئن ضميمن تي مشتمل آھي. ان جا  باب آھن: 1.  آب پاشي 2. آمدو رفت 3. سرڪار جي لينڊ پاليسي ۽ روينيو 4. زراعت 5. ٻيلا 6. سکر بئراج پراجيڪٽ جو انتظام 7. سکر بئراج تي ايندڙ خرچ جا تخمينا 8. سکر بئراج ٺھڻ کان پوءَ سنڌ  جون بدلجندڙ حالتون. ضميمن ۾ جيڪا اھم معلومات اسان کي ملي ٿي اھي آھن صلاحڪار ڪميٽي جون گڏجاڻيون ۽ ان جون تجويزون.
اي اي مستو ھندستان جي مشھور اخبار “ دي ٽائيمز آف انڊيا“ ۾ “ سنڌ جو مستقبل“ جي عنوان سان مضمون لکيا جيڪي دراصل سکر بئراج اسڪيم بابت ھئا ۽ اھي جڏھن پوء ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا ويا تہ اھو 60 صفحن جو ڪتاب بڻجي ويو. انگريزي ۾ لکيل ھن ڪتاب ۾ ليکڪ سکر بئراج واري اسڪيم کي  “ سنڌ جي زندگي ۽ موت وارو مسئلو “ بڻائي وڏي عالماڻي انداز سان سکر بئراج ٺھڻ جي وڪالت ڪئي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ سکر بئراج جي پراجيڪٽ جي تاريخ ٻڌائي آھي ۽ ھر انهي مرحلي ۽ مشڪل تي روشني وڌي اٿس جنهن سکر بئراج ٺھڻ واري ڪم ۾ دير وڌي. ھي سکر بئراج جي تاريخ تي ھڪ مستند ۽ ناياب ڊاڪيو مينٽ آھي جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي.
سر ويب 1934 ۾ “انڊياز پلائيٽ“ نالي ڪتاب لکيو. جنهن ۾ ھن گھڻو تڻو ڳالھيون ھندستان جي مالي وسيلن ۽ انتظام بابت ڪيون آھن پر سنڌ جا سور ۽ سکر بئراج کي بہ ھن پنهنجي ڳالھين ۾ ڪونہ وساريو ھي پڻ انگريزي ۾ لکيل 100 صفحن کان مٿي جو ڪتاب آھي ۽ گل حيات ۾ موجود آھي سکر بئراج تي پي ايڇ ڊي پڻ ٿي چڪي آھي پر جنهن مواد جي مون نشاندھي ڪئي آھي اھو ان تحقيقي ڪم کان الڳ ۽ اضافي مواد آھي. 1982 ۾ پنجاھ  سال پورا ٿيڻ تي سکر بئراج بابت ھڪ وڏو سيمينار ٿيو ھيو. انهي سيمينار جي موقعي تي جيڪي اخبارن ۽ رسالن ايڊيشن ڪڍيا يا انهي موقعي تي جيڪي پيپر پڙھيا ويا انهن منجهان ڪجه ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن. ياد رھي تہ انهي سيمينار جي موقعي تي سکر بئراج بابت بابا سائين بہ پيپر لکيو ھيو ،جيڪو پوءِ ً“پيغام“ رسالي ۾ ڇپيو ھيو اھو پڻ اسان وٽ موجود آھي

Good Wishes