textgram 1559032344
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

 
”تعليمي ادارن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي.
 

سنڌ  جي ڌرتي شروع کان وٺي علم جو گھوارو رھي آھي.  تاريخي تحقيق سان اسان جي دلچسپي گھٽ آھي. اسان شاندار ماضيءَ تي فخر مان  ڳاٽ اوچو ڪري ڳالھيون تہ وڏيون ڪندا آھيون پر قلم کڻي ان تي تاريخي تحقيق نہ ڪندا آھيون. نہ تہ دنيا کي اھو ٻڌائي سگهجي ٿو تہ سنڌ جي ڪھڙن ڪھڙن عالمن ۽ استادن ڪھڙن ڪھڙن ملڪن ۽ تعليمي ادارن ۾ وڃي ماڻھن کي تعليم ڏني .  مون کي موقعو مليو تہ انهي موضوع تي آئون ھڪ اڌ پوسٽ ضرور لکندس. ھن وقت استادن ۽ عالمن جي نہ پر تعليمي ادارن جي ڳالھ ڪرڻي آھي.
    اورنگزيب جو زمانو آھي، الينگزينڊر ھيملٽن نالي انگريز ٺٽي ۾ اچي ٿو ۽ لکي ٿو تہ ھن ھڪ  شھر ۾ 500 وڏا تعليمي ادارا آھن. انهي دور ۾ سنڌ جا الائي ڪيترا شھر تعليم جا وڏا مرڪز ھوندا ھئا.   اسان جي انهيءَ تعليمي نظام جي ٻيڙي انگريزن اچي ٻوڙي. ڇو تہ سنڌ جا حڪمران تعليمي ادارا ھلائيندڙن جي مالي مدد ڪندا ھئا. ڪن کي پئسا ڏيندا ھئا تہ ڪن کي اناج. انگريز سرڪار اھا مدد بند ڪري ڇڏي ويتر ٺٽي ۽ شڪارپور جي سيدن ۽ ٻين ھنڌن تي قائم ڪيل تعليمي ادارن بابت جھڙوڪ انڪوائريون ڪرايون ۽ انهن خلاف رپورٽون لکيون ۽ لکرايون. انگريز اسان جي تعليم جا بہ دشمن ھيا ۽ اسان جي تعليمي نظام کي بہ پسند نہ ڪندا ھئا. اھوئي سبب آھي جو انهن ھڪ صدي ۾ سنڌ ۾ ڪو هڪ ڪاليج بہ نہ کوليو ۽ تعليم جو اھو نظام لاڳو ڪيائون جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت ھلائڻ لاء انهن منشي ۽ ماتحت عملدار پيدا ڪيا. انگريزن جي دور ۾ ڪراچئ جو سنڌ مدرسو، حيدرآباد جي اين ايڇ اڪيڊمي،  ڪراچي جو ڊي جَي ڪاليج، حيدرآباد جو ڊي ِجي ڪاليج ۽ شڪارپور جو سي اينڊ ايس ڪاليج ماڻھن پنهنجي مدد سان پاڻ ٺاھيا. لاڙڪاڻو مدرسو، نواب شاھ جو مدرسو ۽ ٽنڊي باگي جو تعليمي ادارو مقامي ماڻھن ٺاھيو تانہ جو پوء کڻي ان ۾ سرڪار مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. تڏھوڪي حڪومت کي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ٻارن کي پڙھائڻ جو گھڻو خيال رھيو، پر عوام جي پڙھائي ۽ ان کي تعليم جي زيور سان آراستا ڪرڻ لاء حڪومت جي نيت ئي ڪونہ ھئي.
    انگريزن جي دور ۾ تعليم ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊن جي حوالي ھوندي ھئي. اھي بورڊ اسڪول بہ کوليندا ھئا ۽ خانگي اسڪولن کي گرانٽون بہ ڏيندا ھئا . اسان جي جديد تعليمي نظام جو آغاز ائين ئي انگريزن جي دور ۾ ٿيو. انهي زماني ۾ ڪيترا وڏا وڏا  ۽ نالي وارا خانگي اسڪول ھوندا ھئا، جن جو ھاڻي نالو نشان ئي ڪونهي . پر انهن تعليم جي شعبي ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون.
    ڊاڪٽر حبيب اللہ صديقئ سنڌ ۾ تعليم جي ترقي بابت انگريزي ۾ ڪتاب لکيو آھي جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڇپرايو ھيو. ڊاڪٽر ممتاز بخارئ سنڌ مدرسي تي پي ايڇ ڊي ڪئي . سنڌ مدرسو تہ ترقي ڪري يونيورسٽي بڻجي ويو آھي پر ڊاڪٽر ممتاز بخارئ جي ٿيسز اڃا شايع نہ ٿي آھي. جڏھن تہ ھن سنڌ مدرسي جي تاريخ تي مثالي تحقيقي ڪم ڪيو آھي. سنڌ مدرسي يونيورسٽي جي موجوده وائيس چانسلر محمد علي شيخ پڻ سنڌ مدرسي تي ڪتاب لکيو آھي. حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج تي بہ پي ايڇ ڊي ڪئي وئي آھي. اھڙي نموني ٽنڊي باگي جي مدرسي تي بہ ڪتاب لکيو ويو آھي. پر سنڌ جا اڃا وڏا نالي وارا تعليمي ادارا آھن جن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. ڇو تہ انهن ادارن مان پڙھي نڪتل شاگردن اڳتي ھلي سياست، تعليم ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾  نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون.
    سنڌ  جي ڪيترن ئي شھرن ۾ پرائمري اسڪول قائم ٿيا،ملان اسڪول قائم ٿيا ۽ ٻيا تعليمي ادارا قائم ٿيا. انهن منجهان پرائمري اسڪولن جو رڪارڊ ۽ احوال انهن ادارن ۾ موجود آھي. پرائمري اسڪولن ۾ رکيل جنرل رجسٽر ۽ وزيٽر بوڪ تعليمي تاريخ جو مستند مواد ۽ رڪارڊ آھن. اڳي تہ انهن اسڪولن ۾ ولادتن جو رڪارڊ بہ رکيو ويندو ھيو پر خبر ناھي تہ اھو ڪيترن اسڪولن ۾ محفوظ آھي يا نہ. وزيٽرس بوڪ منجهان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪھڙي دور ۾ ڪھڙا سرڪاري عملدار رھيا. اھي ماڻھون جن کي پنهنجي وڏن جي ولادتن جون تاريخون ياد ڪونهن، پر اھي جيڪڏھن ڪنهن اسڪول ۾ پڙھيا ھوندا تہ جنرل رجسٽر ۾ سندن ولادتن کان سواء ٻيو تفصيل بہ موجود آھي.
جيئن انگريزن اسان جي تعليمي نظام کي تباھ ڪيو، تيئن تعليم کي تجارت بڻائيندڙ ڌريون ساڳيو ڪم هاڻي اسان جي دور ۾ ڪري رھيون آھن. جنهن جي نتيجي ۾ استادن ۽ ادارن کي وڏي سازش مطابق بدنام ڪيو وڃي ٿو تہ جيئن ماڻھون انهن کان نفرت ڪن ۽ پنهنجا ٻار خانگي ادارن ۾ پڙھائڻ لاء موڪلن. حالتن جي اھڙي ٻوڏ وڏو نقصان پھچايو آھي ۽ اوائلي اسڪول وڃن ٿا پٺتي پوندا. ائين نہ ٿئي جو اھي اسڪول بہ ختم ٿي وڃن ۽ انهن ۾ رکيل پراڻا ڪتاب، جنرل رجسٽر ۽ وزيٽر بوڪ ۽ ٻيو رڪارڊ ھيٺ مٿي ٿي وڃي. انهي رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ جي لاء ۽ انهن تعليمي ادارن جي خدمتن کي نمايان ڪرڻ جي لاء ۽ انهن ادارن جي استادن جي تعليمي ڪارنامن کي محفوظ ڪرڻ لاء اسان کي انهن ادارن جي تاريخ لکڻ گھرجي ۽ اھو ڪم ھڪ تحريڪ سمجهي ڪرڻ گھرجي. ڇو تہ اسان جي سستي اسان جي ھٿن منجهان تاريخ جا سونھري ورق کسي وٺندي. پرائمري ۽ انگريزي  اسڪولن تي ڪتاب لکڻ گھرجن ۽ وڏن ڪاليجن تي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرڻ گھرجي. مان اھو ٻڌائيندو ھلان تہ سنڌ جي وڏن ۽ ناميارن تعليمي ادارن تي گل حيات انسٽيٽيوٽ چڱو خاصو مواد گڏ ڪيو آھي، جيڪو جيڪڏھن اسان ڪتابي صورت ۾ نہ ڇپرائي سگهياسين تہ ويب سائيٽ تي ضرور اپلوڊ ڪنداسين. 

Good Wishes